سَڃَڻُ جي سنڌي معنيٰ
آڇڻ. نذرانو ڏيڻ. ڏيڻ، بخشڻ، عطا ڪرڻ، شست ٻڌڻ، نشان ڪرڻ. تَڪَڻُ، ڪشڻ، هڻڻ لاءِ ڪمان ۾ تير سڌو ڪرڻ، هڻڻ جو ارادو ڪرڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Offering, giving, to point at.
سَڃَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
مَٿو مُورِ نَہ پاڙِيان، تُنھِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ،
سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ ڪِي، موٽُ مَ مَڱڻَھارَ،
ڪِينهي مَنجِهہ ڪَپارَ، لَڄِيندو ٿو لاھِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 17 ]

سَؤُ سِرَنِ پائي، جانۡ تَندُ بَرابَرِ تورِيان،
اُٽَلَ اوڏاھِين ٿِئي، جيڏاھَن ٻِيجَلُ ٻُرائي،
سَکِڻو ھَڏِ آھي، ھِنَ سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ ڪِي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 18 ]

مَٿو ۾ کِيڪارَ، يارَ ڏانَ ڏِيندو سانءِ ٻِئا مَڱڻا،
مَٿو مُورِ نَہ پاڙِيان، تُنھِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ،
سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ ڪِي، موٽُ مَ مَڱڻَھارَ،
لَڄِيندو ٿو لاھِيان، ڪِينِهي مَنجِهہ ڪَپارَ،
جاجِڪَ جُهونا ڳَڙَه ۾، ھَلُ تَہ ٿِيُون يارَ،
مَڇُڻ موٽِي ڪَرِيين، گِلا جِي گُفتارَ.
[ سُر سورٺ، وايون، 3 ]