سَڃِئو جي سنڌي معنيٰ
ھنيو، لڳايل، چُٽيو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To cast throw, pitch a tent, shoot.
سَڃِئو جا بيتن ۾ حوالا
سَرُ جو سَڃِئو، سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏيءَ ڏيئِي،
تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 4 ]
تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 4 ]
سَرُ جو سَڃِئو سَڄَڻين، تَنھِن لورِيءَ لوھُ ٻِئو،
لَڳي ڪانُ ڪَپارَ مان، ڪَڙَڪو ڪُندَ ڪِئو،
مَنجهان مُون وَھِئو، گَهائِيندو گَهٽَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 5 ]
لَڳي ڪانُ ڪَپارَ مان، ڪَڙَڪو ڪُندَ ڪِئو،
مَنجهان مُون وَھِئو، گَهائِيندو گَهٽَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 5 ]
English Meaning
To cast throw, pitch a tent, shoot.