سُڃُو جي سنڌي معنيٰ
ڀينگيو، ڪنگال. مفلس، بکيو، محتاج. برباد. (جنھن وٽ ڪجهہ نہ ھجي.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Desolate, waste, uninhabited, needy, penniless, necessitous, miserly.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
سُڃُو جا بيتن ۾ حوالا
مُنھِنجا پيرَ پُنهون، يارَ پُنهون، سِيرُون ٿِئَڙا ڇَپَرين،
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرَ ڏَسُ ڏِنو،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِئَڙو شَھَرُ سُڃُو،
اُنِ لاءِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون راتو ڏِينھِن رُنو.
[ سُر حسيني، وايون، 16 ]
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرَ ڏَسُ ڏِنو،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِئَڙو شَھَرُ سُڃُو،
اُنِ لاءِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون راتو ڏِينھِن رُنو.
[ سُر حسيني، وايون، 16 ]
اَڄُ نَہ ڳالَهائُونِ، ھُونِ ڏِھاڙِي نِجُهري،
پَسو پَھُ پِئُونِ، آتَڻُ سُڃُو اُنِ ري.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 16 ]
پَسو پَھُ پِئُونِ، آتَڻُ سُڃُو اُنِ ري.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 16 ]
ڏُونگَرُ نَہ ڏوٿِي، ڏُونگَرُ سُڃُو ڏوٿِيَنِ ري،
پُڇان پَرو ٿِي، ڪِ ڏوٿِي ڏُٿِ اَچِڻان؟
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 14 ]
پُڇان پَرو ٿِي، ڪِ ڏوٿِي ڏُٿِ اَچِڻان؟
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 14 ]
English Meaning
Desolate, waste, uninhabited, needy, penniless, necessitous, miserly.