پَھَ جي سنڌي معنيٰ
ارادا، اونهان ويچار، غور. صلاحون، رٿون. پروليون، ڳجهارتون. رستا، واٽون، گَسُ. مسافريون، پنڌ. پُور، خيال. اُڌما.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Reflections, considerings, counsels.
پَھَ جا بيتن ۾ حوالا
تَتِيءَ ڪَري تاڻَ، ٿَڌِيءَ ٿَڪِي نَہ وِھي،
وِڌائِين وَڻِڪارَ ۾، سَسُئِيءَ پاڻُ سُڪاڻَ،
پُڇي پَھَ پَکِيَنِ کي، پيئِي مُنڌَ پَرياڻَ،
ڏِنَسِ ڏيھَ وَڻَنِ جا، تَنِ اللهَ لَڳِ اُھڃاڻَ،
مانَ پَرچِي پاڻَ، اَچِي آرِياڻِي وَري.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 15 ]

وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، آرِيچا اَظِلامَ،
آندائُون آرِيءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ،
پَھَ ڪِئائُون پاڻَ ۾، مُونھان مَخفِي مامَ،
سَنڀُوڙا ساٿُ کَڻِي، ويساھي وَرِيامَ،
ڪاڪِيُون راتِ قِيامَ، جيڏِيُون جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 1 ]
آندائُون آرِيءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ،
پَھَ ڪِئائُون پاڻَ ۾، مُونھان مَخفِي مامَ،
سَنڀُوڙا ساٿُ کَڻِي، ويساھي وَرِيامَ،
ڪاڪِيُون راتِ قِيامَ، جيڏِيُون جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 1 ]
پُڻ ٿا پَلاڻِينِ، اوٺِي اَڄُ اُٻَکَڙا،
پَھَ پاريسِيُون پاڻَ ۾، ڏيرَ ڏِھاڙِي ڏِينِ،
مُون کي ٿا مَرِينِ، سَڄَڻَ سانباھِي ڪِئو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 23 ]
پَھَ پاريسِيُون پاڻَ ۾، ڏيرَ ڏِھاڙِي ڏِينِ،
مُون کي ٿا مَرِينِ، سَڄَڻَ سانباھِي ڪِئو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 23 ]
رو وِسائي راندِ، پَھَ پَرُوڙِجِ ساٿَ جا،
ھوتَنِ سين ھيڪاندِ، ھُيَئِي ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 21 ]
ھوتَنِ سين ھيڪاندِ، ھُيَئِي ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 21 ]
جيڪي مُون کي ني، پَڳَھَ پائي پاڻَ سين،
پَھَ پَرُوڙِئَمِ پَٿَ جا، مَنجهان ڪِينَرَ ڪي،
ھاڻي جَي ھَيَئي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 12 ]
پَھَ پَرُوڙِئَمِ پَٿَ جا، مَنجهان ڪِينَرَ ڪي،
ھاڻي جَي ھَيَئي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 12 ]
پَھَ ۾ پَنڌِرَھين ڏِينھَن، ٿا سامِي ڪَنِ صَدا،
ڪَري آيا ڪاپَڙِي، مَنجهان گامَ گَدا،
ڪَنھِن جَنھِن ٻولَ ٻَڌا، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 15 ]
ڪَري آيا ڪاپَڙِي، مَنجهان گامَ گَدا،
ڪَنھِن جَنھِن ٻولَ ٻَڌا، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 15 ]
پُوري مَڙَه مَھيسَ، ڪَنھِن تِيرَٿِ وِئا تَڪِڙا،
جوڳِي جُنبِي ھَلِئا، ڪَنھِن ڏُوراھِين ڏيسِ،
اِنَ اَڳھَيِن ٿي ڪِئا، پَھَ مَٿي پَرَديسَ،
اُنِهين جي آديسَ، سارِيان گهَڻو سَيِّدُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 11 ]
جوڳِي جُنبِي ھَلِئا، ڪَنھِن ڏُوراھِين ڏيسِ،
اِنَ اَڳھَيِن ٿي ڪِئا، پَھَ مَٿي پَرَديسَ،
اُنِهين جي آديسَ، سارِيان گهَڻو سَيِّدُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 11 ]
لامَئُون سي لاھُوتَ ۾، سَدا سَيرُ ڪَرِينِ،
اُتان عِلمَ ۽ حِلمَ جا، آڻِئو پَھَ پُورِينِ،
لَڏِئو لامَڪانَ ۾، عِشِرَتَ سين اورِينِ،
وَ اللّٰهُ عَلٰى ڪُلِّ شَیْءٍ قَدِيرُ ، چَپَنِ کي چورِينِ،
سامِيَڙا سورِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 23 ]

جِتي ھُئا ھَنجَڙا، اُتِ ٻَگها ٻِئا ٿِئا،
ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ سين، پَسو پَھَ پِئا،
سَھَڙَنِ سانباھا، ھاڻي اُنِهين ڀيڻيين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 31 ]
ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ سين، پَسو پَھَ پِئا،
سَھَڙَنِ سانباھا، ھاڻي اُنِهين ڀيڻيين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 31 ]
لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِيئَن، شامَ سُتِيئَن سَڀَ راتِ،
اوڳِي اوٺِيَڙَنِ جا، پَھَ پُڇين پِرِڀاتِ،
ٿِيءُ سَڳَرِ تَنِ جي ساٿِ، تَہ ڀورِي ڪَنھِن ڀالِ مِڙين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 3 ]
اوڳِي اوٺِيَڙَنِ جا، پَھَ پُڇين پِرِڀاتِ،
ٿِيءُ سَڳَرِ تَنِ جي ساٿِ، تَہ ڀورِي ڪَنھِن ڀالِ مِڙين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 3 ]
English Meaning
Reflections, considerings, counsels.