پَھِي جي سنڌي معنيٰ
واٽَھڙو، قاصد، پانڌي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Walker, one who delivers messages, courier.
پَھِي جا بيتن ۾ حوالا
ڏُکَ لاھِيندا ڏُونگَرَ وو ماءَ، پِرِيَنِ جا مُون کي سَڀَيئِي،
ڏاڍِي ذاتِ جَتَنِ جِي، وِئَڙا ڏِيلُ ڏَھِي،
جَو پَسان سو ڀايان، پِريان جو پَھِي،
ڏِٺا وَڻَ ڪوھِيارَ جا، ويئِي اُڃَ لَھِي،
آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي، رائي راتِ رھِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 21 ]
ڏاڍِي ذاتِ جَتَنِ جِي، وِئَڙا ڏِيلُ ڏَھِي،
جَو پَسان سو ڀايان، پِريان جو پَھِي،
ڏِٺا وَڻَ ڪوھِيارَ جا، ويئِي اُڃَ لَھِي،
آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي، رائي راتِ رھِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 21 ]
ھيڪَرَ ھُئَڻُ وِڃاءِ، تَہ ويجهِي ٿِيين وِصالَ کي،
وَاذْڪُر رَّبَّڪَ فِي نَفْسِڪَ ، پَھِي اِيءَ پِڃاءِ،
لالَڻَ کي لِيلاءِ، تَہ پَئي ٻاجَهہ ٻَروچَ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 11 ]
وَاذْڪُر رَّبَّڪَ فِي نَفْسِڪَ ، پَھِي اِيءَ پِڃاءِ،
لالَڻَ کي لِيلاءِ، تَہ پَئي ٻاجَهہ ٻَروچَ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 11 ]
ھوتُ تُنھِنجي ھَنجَ ۾، پُڇين ڪوھُ پَھِي؟
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، سوجهي ڪَرِ سَھِي،
ڪَڏِھِين ڪا نَہ وَھِي، ڪا ھوتُ ڳولَڻَ ھَٽَ تي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 13 ]
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، سوجهي ڪَرِ سَھِي،
ڪَڏِھِين ڪا نَہ وَھِي، ڪا ھوتُ ڳولَڻَ ھَٽَ تي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 13 ]
سِڄَ اُلَٿي سَسُئِي، رَتَ وَرَنو روءِ،
نَہ پَھِي نَہ پانڌِي ڪو، جَنھِن ڪَرَ پُڇي لوءِ،
مُوڙِھِي وَڃي توءِ، موٽَڻَ جِي ڪا نَہ ڪَري.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 10 ]
نَہ پَھِي نَہ پانڌِي ڪو، جَنھِن ڪَرَ پُڇي لوءِ،
مُوڙِھِي وَڃي توءِ، موٽَڻَ جِي ڪا نَہ ڪَري.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 10 ]
پَھِي ڪا مَ پِڃاءِ، اَمَڙِ مُنھِنجي آسِري،
ڏيئِي لَتَ چَرَخي، پُوڻِيُون پاڻِيءَ پاءِ،
ڪِتُمِ جَنھِن لاءِ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 9 ]
ڏيئِي لَتَ چَرَخي، پُوڻِيُون پاڻِيءَ پاءِ،
ڪِتُمِ جَنھِن لاءِ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 9 ]
پَھِي ڪا مَ پِڃاءِ، اَمَڙِ مُنھِنجي آسِري،
ڏيئِي گَرِٿُ ڪَتاءِ، مُون کي نِينھَن نِھوڙِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 10 ]
ڏيئِي گَرِٿُ ڪَتاءِ، مُون کي نِينھَن نِھوڙِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 10 ]
سوڍي ريءَ سَرَتِيُون، پِئو ڀِتِيُنِ ۾ ڀَنگُ،
اُٻاٽِجِي اَڄُ وِئو، راڻا تو ريءَ رَنگُ،
ھِنيَين سين ھاڃو ٿِئو، پِئو اوسِيڙي اَنگُ،
مُون تَوِھِين سين سَڱُ، پُڇايو پُڇان پَھِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 13 ]
اُٻاٽِجِي اَڄُ وِئو، راڻا تو ريءَ رَنگُ،
ھِنيَين سين ھاڃو ٿِئو، پِئو اوسِيڙي اَنگُ،
مُون تَوِھِين سين سَڱُ، پُڇايو پُڇان پَھِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 13 ]
تان تُون ويھُ سَنبَھِي، ساٿِي مِيان، پانڌِي مِيان،
ڪاڪِ ھَلِبو ڪَڏِھِين،
ڪوٺائُو ڪَرِيمَ جو آيو پَھِي پَرِئان ٿِي مِيان،
حُڪُمُ ڏِيندُءِ ھَٿَ ۾، ھاڻي ھَلُ ھِئان ٿِي مِيان،
لَکين لُڊوڻُون مَڻي، مَٿي واٽَ وِئا ٿِي مِيان،
جيڪو پُڇان سو چئَي، آيو ڪو نَہ اُئان ٿِي مِيان.
[ سُر راڻو، وايون، 5 ]

توکي مَعلُومُ مُنھِنجُون، سوڍا سَڀَيئِي،
آڳانڍو اَرواحَ کي، آھِينِ اُھيئِي،
وِھَڪَ مُون ويئِي، پُڇايو پُڇان پَھِي.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 14 ]
آڳانڍو اَرواحَ کي، آھِينِ اُھيئِي،
وِھَڪَ مُون ويئِي، پُڇايو پُڇان پَھِي.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 14 ]
چَرَکو چوري ھَٿِ ڪَرِ، ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي،
ڪاپائِتي سَڀَڪا، ڪِتي سِيباڻِي،
ڄاتو جَنِ ڄاڻِي، تَنِ پَھِي ھَٿان نَہ ڇَڏِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 3 ]
ڪاپائِتي سَڀَڪا، ڪِتي سِيباڻِي،
ڄاتو جَنِ ڄاڻِي، تَنِ پَھِي ھَٿان نَہ ڇَڏِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 3 ]
English Meaning
Walker, one who delivers messages, courier.