پَھَرَ جي سنڌي معنيٰ
ڏينھن يا رات جو چوٿون حصو. ٽن ڪلاڪن جو عرصو. ٽارِي، لامَ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A division of time consisting of eight gharees, a watch of 3 hours.
پَھَرَ جا بيتن ۾ حوالا
جُسي ۾ جَبارَ جو، خَفِي خِيمو کوڙ،
جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ،
فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ ڏورِ،
ٻِئا دَرَ وَڃِي مَ ووڙِ، اَمُلُ اِئائين سَپَجي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 8 ]
جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ،
فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ ڏورِ،
ٻِئا دَرَ وَڃِي مَ ووڙِ، اَمُلُ اِئائين سَپَجي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 8 ]
سِڪَ وَڏو ئِي سُورُ، مَحَبتَ وَڏو مامِرو،
اَٺَئِي پَھَرَ مَلُورُ، سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 13 ]
اَٺَئِي پَھَرَ مَلُورُ، سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 13 ]
اَڻَ چُوندَلَنِ مَ چَئُہ، چُوندَلَنِ چَيو وِسارِ،
پائي مُنھُن مُونَنِ ۾، غُربَتَ ساڻُ گُذارِ،
اَٺَئِي پَھَرَ اَدَبَ ۾، پَرَ اِھائِي پارِ،
مُفتِي مَنجِهہ وِھار، تَہ قاضِيءَ ڪاڻِيارو نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 26 ]
پائي مُنھُن مُونَنِ ۾، غُربَتَ ساڻُ گُذارِ،
اَٺَئِي پَھَرَ اَدَبَ ۾، پَرَ اِھائِي پارِ،
مُفتِي مَنجِهہ وِھار، تَہ قاضِيءَ ڪاڻِيارو نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 26 ]
جيڏِيُون ھِيءُ ضَرُورُ، آيَلِ ڪِيئَن رَھَندو پِرِينءَ ري،
سَگهو ساٿَ نَہ جِندَڙو، چارَئِي پَھَرَ چُورُ،
مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ساجَنَ تُنھِنجو سُورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄِڻي، ڏيھُ پِريان جو ڏُورِ،
وَڃي ويلَ سَڀَ ڪَنھِن، ھِينئَڙو پِرِينءَ حُضورُ.
[ سُر کنڀات، وايون، 7 ]

اَٺَئِي پَھَرَ اوڙاھَ تي، مَنجِهہ گُهرِءَ گهاري،
وَسَ نَہ ويچاري، تَہ ڪِيئَن ماڳِ ڍُڪَندِي مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 19 ]
وَسَ نَہ ويچاري، تَہ ڪِيئَن ماڳِ ڍُڪَندِي مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 19 ]
اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون،
اَٺَئِي پَھَرَ اَٿِنِ، سَعيو ڪَنھِن سَفَرَ جو.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 9 ]
اَٺَئِي پَھَرَ اَٿِنِ، سَعيو ڪَنھِن سَفَرَ جو.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 9 ]
اُجهي مُنڌَ اَويرَ، اَٺَئِي پَھَرَ آٽَ ۾،
وِيَسِ ويرِيَپو ڪَري، ڏُونگَرَ ڇَڏي ڏيرَ،
لَڙِئي سِجِ لَطِيفُ چئَي، پَٻِ نِھاري، پيرَ،
ڪَھِي جا ڪُويرَ، سا ھادِي ميڙِيين ھوتَ کي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 22 ]
وِيَسِ ويرِيَپو ڪَري، ڏُونگَرَ ڇَڏي ڏيرَ،
لَڙِئي سِجِ لَطِيفُ چئَي، پَٻِ نِھاري، پيرَ،
ڪَھِي جا ڪُويرَ، سا ھادِي ميڙِيين ھوتَ کي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 22 ]
ڪَمِ قَرابَتَ جَنِ جِي، ھِتي آيَمِ ھِيئَن،
رِفاقَتَ راڱَنِ جي، پَھتِيَسِ پَھَرَ سِيئَن،
ماڻُهو مَلاحِظو تَنھِن جو، ڪيچِ نَہ ڪَندا ڪِيئَن،
ذاتِ نِسورِي نِيَ، پَرَ سَڌَرَ سين سَڱُ ٿِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 19 ]
رِفاقَتَ راڱَنِ جي، پَھتِيَسِ پَھَرَ سِيئَن،
ماڻُهو مَلاحِظو تَنھِن جو، ڪيچِ نَہ ڪَندا ڪِيئَن،
ذاتِ نِسورِي نِيَ، پَرَ سَڌَرَ سين سَڱُ ٿِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 19 ]
لَنڊِيُون ھِنَ لوڪَ ۾، مَرُ ھَزارين ھُونِ،
اَٺَئِي پَھَرَ اَڱڙا، ڌويو ڌويو ڌُوَنِ،
پيرَ پَٽِ نَہ پُونِ، اُنِ جا عَبدِالْلَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 16 ]
اَٺَئِي پَھَرَ اَڱڙا، ڌويو ڌويو ڌُوَنِ،
پيرَ پَٽِ نَہ پُونِ، اُنِ جا عَبدِالْلَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 16 ]
مُون ڀانيو مَھمانَ، جيڪُسِ پَھَرَ پُنهونءَ جِي،
بي غَرضا بَلوچَ ٿِئا، سَسُئِيءَ سين سَرواڻَ،
ڪاھي رَسِئا ڪيچَ کي، ڏاگهَنِ لاھي ڏاڻَ،
وِلها ٿِئا وَٿاڻَ، ساٿِيَنِ ري سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 1 ]