پھرِين جي سنڌي معنيٰ
اول، پھريان، اڳ ۾، شروع ۾
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
First of all, firstly, in the first place
پھرِين جا بيتن ۾ حوالا
پھرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون،
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئَن وَڄاءِ،
سِيخُنِ ماھُ پَچاءِ، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 10 ]
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئَن وَڄاءِ،
سِيخُنِ ماھُ پَچاءِ، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 10 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رومِيءَ جِي رِھاڻِ،
پھرِين وِڃائَڻُ پاڻُ، پوءِ پَسَڻَ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 13 ]
پھرِين وِڃائَڻُ پاڻُ، پوءِ پَسَڻَ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 13 ]
وِسَرِئومِ سَبَقُ، پھرِين سِٽَ نَہ سَنبِران،
اَڃا ھِيءُ وَرَقُ، ھَئَي مُطالِعُ نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 3 ]
اَڃا ھِيءُ وَرَقُ، ھَئَي مُطالِعُ نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 3 ]
ڳالِهہ ڪِينَ وَڃي، سُپيرِيان جي سَڌَ جِي،
سُپيرِيان جي سُونھَن جِي،
پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون، پھرِين سِرُ سَڃي،
عاقِلَ ئِي اوڄُونِ ٿِئا، ڀورو ڪوھُ نَہ لَڄي،
وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي، سُورِيءَ سِرُ ھَڄي،
عاشِقَ اَنگهُنِ چَڙِهئا، ٻِئو سَڀَڪو ڀَڄي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 10 ]

ناسِيندي نَظَرُ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،
قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، نِسَتُ ۽ نِٻَرُ،
ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَرُ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 2 ]
قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، نِسَتُ ۽ نِٻَرُ،
ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَرُ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 2 ]
ناسِيندي نِھارَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،
آئُون جي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَئِجِ چَنڊَ اَپارَ،
ساجَنَ سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 4 ]
آئُون جي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَئِجِ چَنڊَ اَپارَ،
ساجَنَ سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 4 ]
ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، ھَئَي جٖي حُسينُ ھو،
پھرِين ڀيري ڀاءُ تي، پَتَنگَ جِيئَن پِئو،
آھي ڪيرُ ٻِئو، جَو ھَلان ڪَري حُسينَ تي.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 8 ]
پھرِين ڀيري ڀاءُ تي، پَتَنگَ جِيئَن پِئو،
آھي ڪيرُ ٻِئو، جَو ھَلان ڪَري حُسينَ تي.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 8 ]
موٽَڻَ جا مَذڪُورَ، جان ڪي چَيَسِ جيڏِيين،
پَرِٽِ پھرِين پُورَ، نيئِي پَھچائِي پِرِينءَ کي.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 22 ]
پَرِٽِ پھرِين پُورَ، نيئِي پَھچائِي پِرِينءَ کي.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 22 ]
ڪُتو چئَي قَرِيبَ جا، آھِيُون ساڌَ صَحِي،
پھرِين باتِ بَھِي، پُڇان پوءِ پانڌِن کي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 6 ]
پھرِين باتِ بَھِي، پُڇان پوءِ پانڌِن کي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 6 ]
پَرتَوو پُنهونءَ جو، سَھائِي سِياھُ،
مُنھُن ڏيئِي مُون آيو، رَنگا رَنگِي راھُ،
پھرِين ڏِيندا پاھُ، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 11 ]
مُنھُن ڏيئِي مُون آيو، رَنگا رَنگِي راھُ،
پھرِين ڏِيندا پاھُ، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 11 ]
English Meaning
First of all, firstly, in the first place