پھرِين جي سنڌي معنيٰ
اول، پھريان، اڳ ۾، شروع ۾
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
First of all, firstly, in the first place
پھرِين جا بيتن ۾ حوالا
پھرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون،
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئَن وَڄاءِ،
سِيخُنِ ماھُ پَچاءِ، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 10 ]
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئَن وَڄاءِ،
سِيخُنِ ماھُ پَچاءِ، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 10 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رومِيءَ جِي رِھاڻِ،
پھرِين وِڃائَڻُ پاڻُ، پوءِ پَسَڻَ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 13 ]
پھرِين وِڃائَڻُ پاڻُ، پوءِ پَسَڻَ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 13 ]
جَو مُون پَڙِهئو پاڻَ لَئي، سَبَقُ سابِقَ جو،
پھرِين سُڃاتُمَ پانھِنجي، نَفسَ جو نِھو،
جِتِ عِرفانُ اَصلَ ۾، ٿي رُوحَنِ روزُ ڪِئو،
وَرِي وَرَقُ پِئو، گَڏُيِمِ وَڍُ وِصالَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 13 ]
پھرِين سُڃاتُمَ پانھِنجي، نَفسَ جو نِھو،
جِتِ عِرفانُ اَصلَ ۾، ٿي رُوحَنِ روزُ ڪِئو،
وَرِي وَرَقُ پِئو، گَڏُيِمِ وَڍُ وِصالَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 13 ]
وِسَرِئومِ سَبَقُ، پھرِين سِٽَ نَہ سَنبِران،
اَڃا ھِيءُ وَرَقُ، ھَئَي مُطالِعُ نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 3 ]
اَڃا ھِيءُ وَرَقُ، ھَئَي مُطالِعُ نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 3 ]
ڳالِهہ ڪِينَ وَڃي، سُپيرِيان جي سَڌَ جِي،
سُپيرِيان جي سُونھَن جِي،
پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون، پھرِين سِرُ سَڃي،
عاقِلَ ئِي اوڄُونِ ٿِئا، ڀورو ڪوھُ نَہ لَڄي،
وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي، سُورِيءَ سِرُ ھَڄي،
عاشِقَ اَنگهُنِ چَڙِهئا، ٻِئو سَڀَڪو ڀَڄي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 10 ]

ناسِيندي نِگاھَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،
اَحوالَ عاجِزَنِ جا، آکِجِ لَڳِ اللهَ،
روزُ نِھارِينِ راھَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 1 ]
اَحوالَ عاجِزَنِ جا، آکِجِ لَڳِ اللهَ،
روزُ نِھارِينِ راھَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 1 ]
ناسِيندي نَظَرُ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،
قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، نِسَتُ ۽ نِٻَرُ،
ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَرُ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 2 ]
قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، نِسَتُ ۽ نِٻَرُ،
ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَرُ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 2 ]
ناسِيندي نِرتِ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،
قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، ساري ساڻُ سُرِتِ،
ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَتِ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 3 ]
قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، ساري ساڻُ سُرِتِ،
ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَتِ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 3 ]
ناسِيندي نِھارَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،
آئُون جي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَئِجِ چَنڊَ اَپارَ،
ساجَنَ سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 4 ]
آئُون جي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَئِجِ چَنڊَ اَپارَ،
ساجَنَ سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 4 ]
جٖي پھرِين پُورِ، آھِيان گهورِي اُنِ جِي،
سامُونڊِي ڪو سُورُ، ماءَ مارِيندُمِ ڪَڏِھِين.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 1 ]
سامُونڊِي ڪو سُورُ، ماءَ مارِيندُمِ ڪَڏِھِين.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 1 ]
English Meaning
First of all, firstly, in the first place