پَھاڙَ جي سنڌي معنيٰ
جبلَ، ڏونگرَ، پَربَتَ، ڇَپَرَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Mountains, big hills.
پَھاڙَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَڙُھ پُڻ ڪيچَ ڌِڻِيَنِ کي، ڪَڙِ پُڻ پيرَ سَندانِ،
اِنِهيءَ پَرِ اُتان، پُوندِينءَ مُنڌَ پَھاڙَ ۾.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 19 ]

ڏُھلا مُون ڏِينھَن ٿِئا، پييَمِ ڄامَ ڄَيُون،
ڪَندي پَنڌُ پَھاڙَ ۾، ٿِئَڙُم رُوحُ رَيُون،
لُڇِئو ٿِئام لَطِيفُ چئَي، ڪارَڻِ دوسِتَ دَيُون،
ڀايان لَڪَ لَيُون، جٖي سُورَ پِريان جا ساڻُ مُون.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 12 ]

رَنجَلَ پِئَڙَسِ رافَ، ڪَندي پَنڌُ پَھاڙَ ۾،
رَڪَبَ کوڙِئو روھَ تي، ڪَري ڪاھُون مَٿي ڪافَ،
آھيسَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سِڪَ پِريان ڏي صافَ،
آرِياڻِيءَ اِنصافَ، وَٺِتا ويچارِيءَ جا.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 18 ]

جاڳائي جَتَنِ، گورا گَسِ ھَلايا،
پَھتِي ريءَ پَھاڙَ ۾، اُٺَ مَ آڳِٽِجَنِ،
سُونھان جٖي سَردارَ سين، توڏَ مَ تَرٽِجَنِ،
لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، لَنگِهئو بَرُ بوتَنِ،
تَنِ ڪِھَڙو غَمُ گُنگَنِ، ھوتُ حِمايَتِي جَنِ جو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 12 ]
پَھتِي ريءَ پَھاڙَ ۾، اُٺَ مَ آڳِٽِجَنِ،
سُونھان جٖي سَردارَ سين، توڏَ مَ تَرٽِجَنِ،
لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، لَنگِهئو بَرُ بوتَنِ،
تَنِ ڪِھَڙو غَمُ گُنگَنِ، ھوتُ حِمايَتِي جَنِ جو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 12 ]
English Meaning
Mountains, big hills.
پَھاڙَ ٻول جا زمرا