پَھتِ جي سنڌي معنيٰ
پورُ، خيال، رِيچَڪ. رستو، دستور. چال. مَرڪُ، لائق، شيوو. شادي وغيرہ ۾ ڪاڄ ڪندڙ کي مدد طور ڏنل ڪجهہ رقم، پُوئو. ٺاھ، ميل، سلوڪ. لاڳاپو، دستي، ناتو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Custom, ritual, concord, state of agreement. Money given to the person bearing the expenses of any rite, as circumcision, a wedding etc. adj. Proper, befitting.
پَھتِ جا بيتن ۾ حوالا
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، تَہ وَنءُ ڪَلاڙَڪي گهَرِ،
وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ،
جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ، تَہ سَھِنگي آھِ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 21 ]
وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ،
جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ، تَہ سَھِنگي آھِ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 21 ]
ڪوڙيِين اُڀا ڪيتِرا، وَڍِئو سِرَ سَڃِينِ،
جَي پَھتِ نَہ پيئِي سَڄَڻين، تَہ وَڍِيَل ٿا وارِينِ.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 32 ]
جَي پَھتِ نَہ پيئِي سَڄَڻين، تَہ وَڍِيَل ٿا وارِينِ.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 32 ]
سَؤُ سُکَنِ ڏيئِي، وِرھُ وِھايُمِ ھِڪِڙو،
پَھتِ مُون پيئِي، سَرَتِيُون اِنَهيءَ سُورَ سين.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 11 ]