ھوتُ جي سنڌي معنيٰ
محبوب، مالڪ، پيارو ور
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Master, Lover, beloved
ھوتُ جا بيتن ۾ حوالا
ھوتُ تُنھِنجي ھَنجَ ۾، پُڇين ڪوھُ پَھِي؟
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، سوجهي ڪَرِ سَھِي،
ڪَڏِھِين ڪا نَہ وَھِي، ڪا ھوتُ ڳولَڻَ ھَٽَ تي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 13 ]

سَڀَتِ پَچَرَ پِرِينءَ جِي، سَڀَتِ ھوتُ حُضُورُ،
مُلڪُ مِڙيئِي مَنصُورُ، ڪُھِي ڪُھِبا ڪيتِرا.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 2 ]

ھوئِجِ ھوشِيارِ، خَبَرِدارِ، تِرِڪَڻِ آھي تَڙَ ۾،
کَڏُون کُوٻا چِڪَ چِڪَندِيُون، تان ڪِي نَئِي نِھارِ،
آڌِيءَ سي آکُڙَندِيُون، اَکِيُون جَنِ ڪَپارِ،
مُون سُئو مَلاحَنِ کان، تَڙَ اَڙانگا تارِ،
پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، پِرِين تُنھِنجو پارِ،
کُوءِ آتَڻُ، ٻَنِ جيڏِيُون، ڏيراڻِيون ڏُئَارِ،
ھوتُ ھَلَندِنِ کَٽِئو، وِھَڻُ مُنڌَ وِسارِ،
ويندي واٽاڙُوئَن کي، پَٽِيءَ ڪِيمَ پَچارِ،
پُوندِيئَن مُنھِن، ميھارَ جي، ڏَمَ وَٽِ ڏِينھُن مَ گهارِ،
ساھَڙَ کي سُڻُ سُهڻِي ٻِڇَلِ آڏِي ٻارِ،
تارِ تَرَندِينءَ لُڙُ لَنگهَندينءَ عِشقَ جي آڌارِ،
پاندُ مَ ڇَڏجِ پِرِينءَ جو، پِھِين جي پاتارِ،
ٿِيندُءِ سَڏُ ساھَڙَ جو، توڏِي ٿِيءُ تيارِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 16 ]

پُنهون ڇڏِئو پوءِ، جانِبُ جَبَلَ گهورِيين،
تيلاھِين تَنگُون ڪَرِيين، جيلاھِين تُون جوءِ،
ساڄَنُ سُڃَ نِھارِيين، ڏُکِي ڏوھُ ڪِئوءِ،
ھاڙِھي ھوتُ نَہ ھوءِ، وَرِي پُڇُ ويٺِنِ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 1 ]

وَڃين ڇو وَڻِڪارِ، ھوتُ نَہ گهورِيين ھِتَھِين،
لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٻاروچو ٻي پارِ،
ٿيءُ سَتِي ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ،
نائي نيڻَ نِھارِ، تو مَنجِهہ ديرو دوسَ جو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 10 ]

ڪوڙيِين پُڇَنِ ڪيچُ، ھوتُ پُڇي ڪا ھِڪِڙِي،
جَنِ جو پُنهونءَ سين پيچُ، سي پاڻِهين ٿِيندِيُون پَڌِرِيُون.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 12 ]

ڪُوڙِيُون پُڇَنِ ڪيچُ، ھوتُ نَہ ڏورِينِ ھِتَھِين،
جَنِي پُنهونءَ سين پيچُ، تَنِ پيرين پَنڌُ وِسارِئو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 13 ]

پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين، ويئِي سَسُئِيءَ جِي سُونھَن،
خَلقَ اللهُ آدمَ عَلیٰ صُورَتِه ، وَڻَنِ مَنجِهہ وِرُونھَن،
چَرِيءَ مَنجهان چُونھَن، کَڻِي ھوتُ ھَنۡجَ ڪِئو.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 6 ]

ھيڪَرَ ھُئَڻُ ڇَڏِ، تَہ اوڏِي ٿِيين عَجِيبَ کي،
مَا راَيْتُ شَيْئاً اِلَّا وَرَاَيْتُ اللہَ فِيْهِ ، نيئِي اَجها اوڏاھِين اَڏِ،
تَہ ھوتُ تَوِھِين کان ھَڏِ، پِرِين پاسي نَہ ٿِئي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 12 ]

ھوتُ تُنھِنجي ھَنجَ ۾، پُڇين ڪوھُ پَرياڻُ؟
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، تُنھِنجو تو ئِي ساڻُ،
پَنھِنجو آھي پاڻُ، آڏو عَجِيبَنِ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 14 ]