ھوتاڻِي جي سنڌي معنيٰ
هوت جو اولاد، هوت قبيلي مان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Of or related with Hoat. (Baloch)
ھوتاڻِي جا بيتن ۾ حوالا
جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين،
سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ،
مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،
صُبحِ سُتي سُکَ ۾، ويسَلي وِئامِ،
ڪِيھُون ڪوھَنِ پَٽِيين، ڪُوڪُون جَمازانِ،
ھوتاڻِي ھَٿُ کَڻي مَنَ پُنهون پِيادِيانِ،
ھَڪَل ھوتَ پُنهونءَ جِي، سَڳَرَ ۾ سُيامِ،
ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ٿاھَرَ ٿوڀَ ٿِئام،
ڪوڙيِين ڀالَ پُنهونءَ جا، گَنجي مَنجِهہ گُهرِيامِ،
سُتي سَنگهَر پَٽِيين، جَنھِن سِگهَڙِي سارَ لَڌِيام،
وِلِهُون ويلا ڇَپَرين، ڪارَڻِ جَنِ ڪِئامِ،
موٽِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾ اَڱَڻِ سي آيامِ.
[ سُر معذوري، وايون، 3 ]

جَبَلَ ۾ جانارَ، سَرَھَ گَڏِبَئِي سَسُئِي،
ڀِنِيءَ پَئِي ڀَوارَئِين، ٻانڀَڻِ جِي ٻاڪارَ،
ھوتاڻِي ھيڪارَ، مَولا مُون کي ميڙِيين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 4 ]
ڀِنِيءَ پَئِي ڀَوارَئِين، ٻانڀَڻِ جِي ٻاڪارَ،
ھوتاڻِي ھيڪارَ، مَولا مُون کي ميڙِيين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 4 ]
رَھِيو ويٺِي راڳِ، اَمَڙِ اورِئان نِجُهرو،
لاٿو ڏيھَ وَڻَنِ سين، مُون لاڳاپو ۽ لاڳِ،
ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون، جَنِ اَندَرِ ٻَرِي آڳِ،
ھوتاڻِي ھِنَ ماڳِ، مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 1 ]
لاٿو ڏيھَ وَڻَنِ سين، مُون لاڳاپو ۽ لاڳِ،
ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون، جَنِ اَندَرِ ٻَرِي آڳِ،
ھوتاڻِي ھِنَ ماڳِ، مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 1 ]
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، ھِتِ ھوتاڻِي ھاڻِ،
اوڏِ مُنڌَ اُٺَنِ کي، اللهَ ڪارَڻِ آڻِ،
پورِهيو ڪَندِيَسِ پاڻِ، اَڳِئان آرِيچَنِ جي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 2 ]
اوڏِ مُنڌَ اُٺَنِ کي، اللهَ ڪارَڻِ آڻِ،
پورِهيو ڪَندِيَسِ پاڻِ، اَڳِئان آرِيچَنِ جي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 2 ]
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، حاذِقَ ھوتاڻِي،
تَوِھِين لَيءِ کاڻِي، ڏُکِي ڀُڻِي ڏُونگَرين.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 3 ]
تَوِھِين لَيءِ کاڻِي، ڏُکِي ڀُڻِي ڏُونگَرين.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 3 ]
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، ھِنَ ھَنڌِ ھوتاڻِي،
نيجِ نِماڻِي پاڻَ سين، پُنهون آرِياڻِي،
تَوِھِين لَيءَ کاڻِي ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِيان.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 4 ]
نيجِ نِماڻِي پاڻَ سين، پُنهون آرِياڻِي،
تَوِھِين لَيءَ کاڻِي ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِيان.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 4 ]
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، ھوتاڻِي ھِنَ ھَنڌِ،
تو سين پُوندِيَسِ پَنڌِ، ڏِيندِيَسِ باھِ ڀَنڀورَ کي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 5 ]
تو سين پُوندِيَسِ پَنڌِ، ڏِيندِيَسِ باھِ ڀَنڀورَ کي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 5 ]
کُٽِيءَ لَيءِ کاڻِي، رَکِيَئِي پِرتِ پُنهونءَ سين،
سُهِئو سُکِئو جِندَڙو، وِڌُءِ ڄيري ۾ ڄاڻِي،
ھاڃو ھوتاڻِي، تو صُباحَ ڪَندا سَسُئِي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 27 ]
سُهِئو سُکِئو جِندَڙو، وِڌُءِ ڄيري ۾ ڄاڻِي،
ھاڃو ھوتاڻِي، تو صُباحَ ڪَندا سَسُئِي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 27 ]
English Meaning
Of or related with Hoat. (Baloch)