ڪَمُ جي سنڌي معنيٰ
ڪمُ فعل، ڪار، ڪارج، حاجَ. ڌنڌو، پيشو، هُنر، حرفتَ، مشغولي، ڪرت، پورهيو. عَملُ، شُغُل، لايو لڳايو، ڪشالو، پورهيو ڪارهيو. محنت، اُدُمُ، هٿ جو ڪيل ڪَمُ، اُڻت، ڪاريگري، اُستادي، حڪمت، ڏاهپ، دستڪاري، گهڙتَ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Business, work, act, affair, duty, occupation, use.
ڪَمُ جا بيتن ۾ حوالا
آيا اوٺِي اُٻَھَرا، ليڙَن تان لَهِي،
اُنِ راتِ ڪَمُ رَوان ڪِئو، روھِيلَن رَھِي،
ساھُ ئِي ڪَمُ رَوان ڪِئو، روھِيلَن رَھِي،
ساھُ سِجهائي ھَلِئا، ھُنِ جِي ھاجَ ھُئِي،
ڪَھِي سا رَھِي، ٻولِي ٻاروچَنِ جِي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 21 ]
اُنِ راتِ ڪَمُ رَوان ڪِئو، روھِيلَن رَھِي،
ساھُ ئِي ڪَمُ رَوان ڪِئو، روھِيلَن رَھِي،
ساھُ سِجهائي ھَلِئا، ھُنِ جِي ھاجَ ھُئِي،
ڪَھِي سا رَھِي، ٻولِي ٻاروچَنِ جِي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 21 ]
سُورِيءَ چَڙَهڻُ سيڄَ پَسَڻُ اِيءَ ڪَمُ عاشِقَنِ،
اُوءِ پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُھان.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 9 ]
اُوءِ پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُھان.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 9 ]
موکِيءَ سَندي مَٽَ ۾، سُرِي سَپُ پِئو،
قَضا ڪَمُ ڪِئو، ڪونِهي ڏوھُ ڪَلاڙَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 18 ]
قَضا ڪَمُ ڪِئو، ڪونِهي ڏوھُ ڪَلاڙَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 18 ]
نَڪِي ساھَڙُ سارِيان، نَڪِي ٻيلِي ڏَمُ،
اَچِي پييُمِ اوچِتو، ساڻُ ڪُنَنِ ڪَمُ،
ڀيڙِيِينُ مَنجِهہ ڀَرَمُ، آگا رَکُ اَتارِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 28 ]
اَچِي پييُمِ اوچِتو، ساڻُ ڪُنَنِ ڪَمُ،
ڀيڙِيِينُ مَنجِهہ ڀَرَمُ، آگا رَکُ اَتارِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 28 ]
ڪارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، اُڻَٽِيھِين اُونداھِي،
چَنڊَ نالو ناھِ ڪو، دَرياھَ دَڙَ لائِي،
ساھَڙَ ڪارَڻِ سُهڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي،
اِيءُ ڪَمُ اِلاھِي، نَہ تَہ ڪُنَنِ ۾ ڪِيرَ گهِڙي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 16 ]
چَنڊَ نالو ناھِ ڪو، دَرياھَ دَڙَ لائِي،
ساھَڙَ ڪارَڻِ سُهڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي،
اِيءُ ڪَمُ اِلاھِي، نَہ تَہ ڪُنَنِ ۾ ڪِيرَ گهِڙي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 16 ]
پُڇي پاڙي وارِيُون، ڪوھُ ڪَرِيندو ڏَمُ،
ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ،
ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، گهورِئو مُحِبَ ميھارَ تان.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 7 ]
ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ،
ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، گهورِئو مُحِبَ ميھارَ تان.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 7 ]
ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِئا، راوَتَ ڪِينَ رَھَنِ،
سائُنِ سِرَ فِدا ڪِئا، اَڳِئان اِمامَنِ،
یُجَاهِدُوْنَ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ ، ٿا ڪَمُ اِھو ئِي ڪَنِ،
حُورُون ھارَ ٻَڌَنِ، سهِرا شَھِيدَنِ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 1 ]
سائُنِ سِرَ فِدا ڪِئا، اَڳِئان اِمامَنِ،
یُجَاهِدُوْنَ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ ، ٿا ڪَمُ اِھو ئِي ڪَنِ،
حُورُون ھارَ ٻَڌَنِ، سهِرا شَھِيدَنِ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 1 ]
اِيءُ ڪَمُ ڪوھِيارَنِ، جِيئَن کُهِيُون کَڻَنِ پاڻَ سين،
اَڌَرَ نِڌَرَ پانھِنجي، سَڀَ نِباھِيو نِيَنِ،
ڇَڏيِو وَڃو ڇَپَرين، ھِيئَن تان ھوتَ نَہ ڪَنِ،
ڏُونگَرَ مَنجِهہ ڏِيَنِ، دِلِاسا دَرَماندِيين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 17 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ پانھِنجي، سَڀَ نِباھِيو نِيَنِ،
ڇَڏيِو وَڃو ڇَپَرين، ھِيئَن تان ھوتَ نَہ ڪَنِ،
ڏُونگَرَ مَنجِهہ ڏِيَنِ، دِلِاسا دَرَماندِيين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 17 ]
توڏَنِ تان نَہ تَنوارِئو، مُنھِنجو لالَڻُ وارِئو،
اللهَ مِيان ڪارَڻِ اَئِين اوٺِيا،
ميندِيءَ موڙَ مَلِيرَ جا، چانگَنِ کي سَڀَ چارِئو،
شَرَفُ لَھي سَسُئِي، ڪُٺِل کي ڪَمُ ڪارِئو.
[ سُر معذوري، وايون، 4 ]
اللهَ مِيان ڪارَڻِ اَئِين اوٺِيا،
ميندِيءَ موڙَ مَلِيرَ جا، چانگَنِ کي سَڀَ چارِئو،
شَرَفُ لَھي سَسُئِي، ڪُٺِل کي ڪَمُ ڪارِئو.
[ سُر معذوري، وايون، 4 ]
آڏَ تِراڇا آھُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏاڪا،
ڪِيَمِ آھَ عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجهان سا ڪا،
پيئِي ھِيڻِيءَ جِي ھوتَ کي، ڪُوڪَ وَڃِي ڪَنِ ڪا،
مُنھِنجو وَسُ واڪا، ٻُڌَڻُ ڪَمُ ٻَروچَ جو.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 1 ]