ڪُماچَ جي سنڌي معنيٰ
ڪمائج، سُرندي جھڙي ساز جو هڪ قسم تارن وارو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Khumaach. A kind of stringed musical instrument.
ڪُماچَ جا بيتن ۾ حوالا
تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ،
ڪَھان جَو ڪُماچَ سين، سو سُڻُ سَٻاجهي ڪَنِ،
جَا مَڱَ مُنھِنجي مَنِ، سا توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 10 ]
ڪَھان جَو ڪُماچَ سين، سو سُڻُ سَٻاجهي ڪَنِ،
جَا مَڱَ مُنھِنجي مَنِ، سا توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 10 ]
ڏِنو جَو ڏِياچَ، سو سورَٺِ سُرَھو نَہ ڪِئو،
ڪَنبِي وِئا ڪِيرَتِيا، ڪُوماڻا ڪُماچَ،
جَا وِندُرَ وائِي واچَ، موھِيو تَنھِن مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 11 ]
ڪَنبِي وِئا ڪِيرَتِيا، ڪُوماڻا ڪُماچَ،
جَا وِندُرَ وائِي واچَ، موھِيو تَنھِن مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 11 ]
چارَڻَ تُنھِنجي چَنۡگَ جو، عَجَبُ آھِمِ اِيءُ،
جِيئَن ھَڻين اُڀو ھَٿَنِ سين، جِيئَرو رَکِئو جِيءُ،
راتِ مُنھِنجو رِيحُ، ڪاٽِئو تو ڪُماچَ سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 7 ]
جِيئَن ھَڻين اُڀو ھَٿَنِ سين، جِيئَرو رَکِئو جِيءُ،
راتِ مُنھِنجو رِيحُ، ڪاٽِئو تو ڪُماچَ سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 7 ]
ڪا جَا تَندُ ڪُماچَ جِي، سُتي سُئائِين،
موٽِي مَڱڻَھارَ کي، پَرِ ۾، پُڇِيائين،
ڪِي تُون مَڱِڻو مالَ جو، ڪِي سِرِي گهُرين سائِين،
ڪَنڌَ ڏي ڪِئائِين، اِشارو آڱُرِ سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 17 ]