ڪَمِي جي سنڌي معنيٰ
پورھيت، مزدور، ڪامڙيا، نوڪر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A laborer, workman, a day laborer.
ڪَمِي جا بيتن ۾ حوالا
جيڪِي مَنجِهہ جَھانَ، سو تارِيءَ تَڳي تُنھِنجي،
لُطِفَ جِي لَطِيفُ چئَي، تو وَٽِ ڪَمِي ڪانَہ،
عَدُلَ ڇُٽان آئُون نَہ، ڪو ڦيرو ڪِجِ فَضُلَ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 1 ]
لُطِفَ جِي لَطِيفُ چئَي، تو وَٽِ ڪَمِي ڪانَہ،
عَدُلَ ڇُٽان آئُون نَہ، ڪو ڦيرو ڪِجِ فَضُلَ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 1 ]
ڇورِي نِدورِي، نَڪو مائِٽُ مُنڌَ جو،
سَوين ھَلَنِ ساٿَ ۾، ڪَمِي ۽ ڪورِي،
آئُون اُنَهنِ ۾ آھِيان، لَنگِهي ۽ لورِي،
لَنگهائِيين لَطِيفُ چئَي، ٿَرَنِ جا ٿورِي،
آھِيان اَزورِي، تُنھِنجي زورِي جَبَلُ لَنگهِئان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 23 ]
سَوين ھَلَنِ ساٿَ ۾، ڪَمِي ۽ ڪورِي،
آئُون اُنَهنِ ۾ آھِيان، لَنگِهي ۽ لورِي،
لَنگهائِيين لَطِيفُ چئَي، ٿَرَنِ جا ٿورِي،
آھِيان اَزورِي، تُنھِنجي زورِي جَبَلُ لَنگهِئان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 23 ]
ٻِيجَلَ کي ٻِيءَ راتِ ۾، سَڏايو سُلطانَ،
تَہ اَڳي ڪو نَہ آيو، ڪو ڀيرِ تُنھِنجي ڀانَ،
جانِئان جِيءُ جُدا ڪِئو، طَرَحَ تُنبَي جي تانَ،
مُون وَٽِ مالَ مَتاعَ جي، ڪَمِي آھي ڪانَہ،
رُوحَ رُچَندا مَڱڻا، تو دَسِ ڏِيان دانَ،
مِيان مِھرِبانَ، چوري تَندُ چَئيجِ ڪِي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 2 ]

اُتِ ڪا ڪَمِي ڪِيرَتِ جِي، ڪِيرَتِ ڪَرِيين ڪوھُ،
بندو جَو ڪَمُ ڪَري، سو سَڀوئِي ڏوھُ،
تُون پارَسُ آئُون لوھُ، سَڃِيين تان سونُ ٿِيان.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 19 ]
بندو جَو ڪَمُ ڪَري، سو سَڀوئِي ڏوھُ،
تُون پارَسُ آئُون لوھُ، سَڃِيين تان سونُ ٿِيان.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 19 ]
English Meaning
A laborer, workman, a day laborer.