ڪُمَ جي سنڌي معنيٰ
پاڻيءَ ۾ ٿيندڙ ناڙيءَ ڪوڻيءَ جو ڦرُ ڪُم جي پاڙ لوڙه آهي، ڪُوڻيءَ جي گل مان پيدا ٿيندڙ، نيلوفر يا پٻڻ جي پاڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The fruit of the plant kuni a kind of lotus used as food.
ڪُمَ جا بيتن ۾ حوالا
ڳَرَھِ مَ ڳُجهو رو، پَڌَرِ وِجُهہ مَ پِريَڙِي،
سُورَنِ سُڀَرُ ھو، ھِينئَڙا ڪُمَ ڪَڻَنِ جِيئَن.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 11 ]
سُورَنِ سُڀَرُ ھو، ھِينئَڙا ڪُمَ ڪَڻَنِ جِيئَن.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 11 ]
پَنِ پَٻَڻِ ڪُمَ ڪُوڻِيُون، مَٿي جَرَ جَهرڪَنِ،
اَچي رَھِئا ريلَ ۾، ڪارَڻِ ڪالوڙنِ،
سَھِسين راڄَ سَيِّدُ چئَي، پاسي تَنِ پَرَنِ،
مِڙِي مَلاحَنِ، راتِ تَماچِي رانئِيو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 29 ]
اَچي رَھِئا ريلَ ۾، ڪارَڻِ ڪالوڙنِ،
سَھِسين راڄَ سَيِّدُ چئَي، پاسي تَنِ پَرَنِ،
مِڙِي مَلاحَنِ، راتِ تَماچِي رانئِيو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 29 ]
پَنَ پَٻَڻِ ڪُمَ ڪُوڻِيُون، بِھَ ڏوڏا ڏاجونِ،
نِعمَتَ لوڙَهَ لَطِيفُ چئَي، کيڻُ مَڇِي کاڄونِ،
رَھَنِ ٻَھَنِ سِرِ ٻانڌِينِ، دُورِ دَران ديرونِ،
پارِسَ سين پاسونِ، لَڳا تي لالُ ٿِئا.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 30 ]