ڪَمِ جي سنڌي معنيٰ
ڪارج ۾، ڪم ۾
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In work, for the profit.
ڪَمِ جا بيتن ۾ حوالا
ساھَ سين سَڱُ سَنڍوريين. اُميرِي ڏيئِي،
اِيندَءِ ڪَمِ سيئِي، جَنِي سَندو آھِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 11 ]
اِيندَءِ ڪَمِ سيئِي، جَنِي سَندو آھِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 11 ]
جَي آکو تَہ ڪوھُ، ڪَچو آيُمِ ڪَمِ،
جِيءَ جَنِي جا جَمِ، پَڪا سي پُڇَندِيُون.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 13 ]
جِيءَ جَنِي جا جَمِ، پَڪا سي پُڇَندِيُون.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 13 ]
ڄاڻِي سُڃاڻِي، مُون کي ڇَڏي ھَلِئا،
اَدِيُون آرِيچَنِ لاءِ، آئُون کُوري ۾ کاڻِي،
ڀَرِيُمِ جَو پاڻِي، سو ڪيچِيَنِ ڪَمِ نَہ آيو.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 19 ]
اَدِيُون آرِيچَنِ لاءِ، آئُون کُوري ۾ کاڻِي،
ڀَرِيُمِ جَو پاڻِي، سو ڪيچِيَنِ ڪَمِ نَہ آيو.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 19 ]
ڪَمِ قَرابَتَ جَنِ جِي، ھِتي آيَمِ ھِيئَن،
رِفاقَتَ راڱَنِ جي، پَھتِيَسِ پَھَرَ سِيئَن،
ماڻُهو مَلاحِظو تَنھِن جو، ڪيچِ نَہ ڪَندا ڪِيئَن،
ذاتِ نِسورِي نِيَ، پَرَ سَڌَرَ سين سَڱُ ٿِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 19 ]
رِفاقَتَ راڱَنِ جي، پَھتِيَسِ پَھَرَ سِيئَن،
ماڻُهو مَلاحِظو تَنھِن جو، ڪيچِ نَہ ڪَندا ڪِيئَن،
ذاتِ نِسورِي نِيَ، پَرَ سَڌَرَ سين سَڱُ ٿِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 19 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ڪَمِ نَہ ڪُنماٽِي،
سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، جا گهائِي گُهنماٽِي،
پيئِي پيشِ پُنهونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،
جا لُڪُنِ لُوساٽِي، سا سيڄَ چَڙَھَندِي سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 6 ]
سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، جا گهائِي گُهنماٽِي،
پيئِي پيشِ پُنهونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،
جا لُڪُنِ لُوساٽِي، سا سيڄَ چَڙَھَندِي سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 6 ]
آڻي لِکِئي لَنئُن لائِي، آئُون ڪا جوڙَ جَتَنِ جو،
ٻَڙِي جيڏِيُون، آئُون ڪا ڪُڙُمُ ڪيچِيَنِ جو،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ نَہ ڪِئائُون ڪائِي،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، ڏيرَ ڪَري وِئا ڏاڍائِي،
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، ڪونهي سُورَنِ ڀائِي،
پَسِي پَنھِنجا ڪَمَڙا، لالَڻَ آئُون لَڄائِي،
پورِھِيَتِ پُنهونءَ ڄامَ جِي، ڪيچِيَنِ ڪَمِ نَہ آئِي،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ھوتَ ڪَرِيو ھَمراھِي.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 6 ]

وَرُ لَڪَنِ جِي لوڏَ، گهورِيا سُکَ ڀَنڀورَ جا،
جي تُون اَمَڙِ آڇِيين، سي مُون ڪَمِ نَہ اَچَنِ ڪوڏَ،
ھِنيَين مُنھِنجي ھوڏَ، ٻَڌِي ٻاروچَنِ سين.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 14 ]
جي تُون اَمَڙِ آڇِيين، سي مُون ڪَمِ نَہ اَچَنِ ڪوڏَ،
ھِنيَين مُنھِنجي ھوڏَ، ٻَڌِي ٻاروچَنِ سين.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 14 ]
جاجِڪَ تو جُھارُ، ڏَھَ ڀيرا ڏِياچُ ڏي،
جَنھِن ۾ مالُ نَہ مِرِيءَ جيتَرو، تَنھِن تُون طَمَعدارُ،
جَي اَچي ڪَمِ ڪَپارُ، تَہ وِيھَ ڀيرا وَڍي ڏِيان.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 12 ]
جَنھِن ۾ مالُ نَہ مِرِيءَ جيتَرو، تَنھِن تُون طَمَعدارُ،
جَي اَچي ڪَمِ ڪَپارُ، تَہ وِيھَ ڀيرا وَڍي ڏِيان.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 12 ]
توکي ڌَڻِينَ ڌارِئو، ڪَرَھا ڪَرِ ڪَمائِي،
تُنھِنجِي سُڌِ سَرواڻَ کي، آھي مَعلُومُ مِڙيائِي،
ڪَرِ چانگا چَڱائِي، تَہ اَچيئِي ڪَمِ ڪَشالَ ۾.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 21 ]
تُنھِنجِي سُڌِ سَرواڻَ کي، آھي مَعلُومُ مِڙيائِي،
ڪَرِ چانگا چَڱائِي، تَہ اَچيئِي ڪَمِ ڪَشالَ ۾.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 21 ]
ڪوڙيِين گَنگائُون ڀيٽِيين، سَھِسين ڪَرِيين سَنانَ،
ريءَ مُحَّمَدَ ڄامَ، ڪَمِ نَہ اِيندُءِ ڪِي ٻِئو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 6 ]
ريءَ مُحَّمَدَ ڄامَ، ڪَمِ نَہ اِيندُءِ ڪِي ٻِئو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 6 ]
English Meaning
In work, for the profit.