حُبَ جي سنڌي معنيٰ
پريت، پريم، عشق، سِڪَ، چاھَ، ڇِڪَ، اُنس، لاڙو، شوق، آرزو، تمنا، سَڌَ، مرضي، دوستي، واقفيت، آشنائي، صحبت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Affection, love, fondness.
حُبَ جا بيتن ۾ حوالا
وِئا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون تَنھِن جَڙَ جَڏِي ڪِي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ جي، ھِنيَين حُبَ گهَڻِي،
سِڙُه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا، ڇِنِي تَندُ تَڻِي،
لائِيندِيَيسِ لِڱَنِ کي، سَندِي پِرِينءَ پڻيِ،
وِڌائُون اُتَرَ آسِري، کُوھا ڪالَهہ کَڻِي،
اللهَ ڀَڃُ مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻِي،
وَکَرُ چاڙِھِيو ٻيڙِيين، وَڻِجارَنِ وَڻِي،
اُنِ سين عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ميڙِيندُمِ ڌَڻي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 11 ]

پَل پَل ٿِئي پَلِي، ڏَمَ ڏِھاڙِي ڪيتِرو،
پَسِي دَورُ دَرياھَ جو، وِچان ڪِينَ وَلِي،
ڪارِي راتِ قَرِيبَ ڏي، مَنجهان حُبَ ھَلِي،
نَہ ڪَنھِن جهولَ جَهلِي، سَمُنَ پُورِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 15 ]

سِڪَڻَ وارِنِ سُٿِرو، جَي دَھشَتَ سان دَرياھُ،
اوڙَڪِ اُنِهين جو نَہ رَھي، آرَ بِنان اَرواحُ،
وِيندي ساھَڙَ سامُهيُون، صَدِقو ڪَندِيُون ساھُ،
جِنِ کي حُبَ اُنِهين جِي آھِ، ساھَڙُ ساڻِي تَنِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 3 ]

ٻَھَرِ ڪَڪَرُ نَڪو، اَندَرِ جُهڙُ جهورَ وَھي،
وَسائِيندِي وِڄُڙي، حُبَ جَھِين کي ھوءِ،
لالَڻُ جَنِي لوءِ، تَنِ اوڪاڻِيُون نَہ اَکِيُون.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 18 ]

ڏُکِي ڏورِجِ ڏِيلَ ۾، پُنهون پاڻَ ڳَري،
وَڃِجِ ڪِيمَ پَري، حُبَ ۾ ڳولجِ ھوتَ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 3 ]

مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ، مُون کي دَردُ قَدِيِمي وو،
دَردُ جَدِيدِي وو حُبَ حَبِيبِي وو،
آلُودِي آزارَ کان، تو ريءَ ٿِيَسَ طَبِيبَ،
شادِي ڏيِين صِحَتَ جِي، غَمِي لاھِ غَريِبَ،
ڪاھِلِ آھِيان ڪُوَڙِي، رَسِي لاھِ رَقِيبَ،
حاذِقُ آھِين ھِنَ جو، اَچين شالَ عَجِيبَ،
اَگِهي ٿِي آھُون ڪَرِيان، نَعرو مَنجِهہ نَصِيبَ،
دَوا آھِين دِلِ جِي، پُڇُ پُڇُ رَھيَسِ طَبِيبَ،
اَلا عَبدِالْلَطِيفَ کي، ڪوڙي لاءِ قَرِيبَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 5 ]

آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِندُرَ وَراڪا وَرَ،
حُبَ جَنھِن کي ھوتَ جِي، سا ڏورِيندِي ڏُونگَرَ،
پَھچائِيين پَرَوَرَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 5 ]

پَسِي سي سَرَھِي ٿِي، جٖي مَيَنِ لَنگهِئا مَسَ،
تِٿُ تَنِ کي ناھِ ڪو، لَڪَ مِڙيئِي لَسَ،
حُبَ جَنھِين کي ھوتَ جو، وِندُرِ تَنھِين کي وَسَ،
سَندِيءَ چانگَنِ چَسَ، پيرَ ٺَرَندَءِ پَٻَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 12 ]

وِجُهہ وَڌَندِي وِکَ، مَڇُڻ لِکَ لَکائِيين،
ڏُکُ تَنِي کي ڏِکَ، حُبَ جَنِي کي ھوتَ جِي.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 8 ]

ڀَلِي ڪِيَئِي ڀَلا پِرِين، ھِيئَن نَہ مُناسِبُ ھوءِ،
لائي چِتُ چَرِئَو ڪَري، پاڻُ ڪَڍِي وِئين پوءِ،
توڻي حُبَ نَہ ھوءِ، ھوتَ نَہ ڪِجَنِ ھيڏِيُون.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 3 ]