حُبُّ الْوَطَنِ مِنَ الإِيمَانِ جي سنڌي معنيٰ
”وطن سان محبت ايمان جو حصو آھي.“
(حديث مبارڪ)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
"Love of motherland is part of faith."
(A Hadith)
حُبُّ الْوَطَنِ مِنَ الإِيمَانِ جا بيتن ۾ حوالا
مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، سارِئَمِ سَڀَيئِي،
حُبُّ الْوَطَنِ مِنَ الإِيمَانِ ، اَندَرَ ۾ ايھِي،
پَکَنِ ۾ پيھِي، مَحلَنِ جِي مَرُ ڌُئان.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 18 ]

ٻانَهپَ جو ٻيڙِيُنِ ۾، وَکَرُ وِڌائُون،
موتِي مَعرِفَتَ جا، سَچا سودِيائون،
اَلتَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ ڪَمَنْ لَّاذَنْبَ لَهٗ ، اِي کَٽَ کَٽِيائون،
اُنِهين جِيءَ آئُون، بَرِڪَتَ بارُ لَنگهائِيانۡ.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 4 ]

ڪافُون ڪاھِيندِياسِ، موٽان تَہ ڪُرَ ميھَڻو،
ٻانِهي ٻاروچَنِ سين، سَڱُ نَہ ساھِيندِياسِ،
اَلفِراقُ اَشَدُّ مِنَ المَوتِ ، ھِتي نَہ ھُوندِياسِ،
آھَ نَہ لاھِيندِياسِ، جِيئَري جَتُ ڏِسِي مَران.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 9 ]

مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، ساھيڙِيُون سَھَجا،
اَلسَفَرُ قِطَعَتُه مِنَ النارِ ، ھارِي موٽُ ھِئا،
سَڱُ صِراطَ المُستَقِيم جو، اَٿَئِي ڪو نَہ اَڳِئان،
سي ڪيچِي نِيندَءِ ڪِئا، جِيئَن تُنھِنجو نِينھُن نِفاقَ سين.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 3 ]

ھُئَڻُ تو حِجابُ، لَنگهِہ تَہ لَھين سُپِرِين،
اَلصَلاتُ مِنَ الصَلاتِ ، کامِي ٿِيءُ خَرابُ،
جِسمُ دوزَخُ دابُ، ڪَلُ ڪائِنُ داخِلين.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 4 ]

لامَئُون لَڏي ھَلِئا، جوڳِي مان جايُنِ،
وَٺَنِ واٽَ وِچَٿَرِي، ڪَنھِن کي ڪِينَ چُوَنِ،
مَنجا مَھرا مَڙِهيُون، ڀاڻُ ڪِئو ڀانئِين،
وَالقَدرِ خَيْرَہ وَشَرِہ مِنَ اللہِ تَعاْليٰ ، اِنهين اُھڃاڻَن،
سامِيَڙا سَنڪَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 28 ]