حَبِيبَنِ جي سنڌي معنيٰ
پيارن، پيار وارن، پرين، پريتمن، حُب وارن، محبوبن، دِل وارن، دِلدارن، مُحِبن، سڄڻن، دوستن، يارن، معشوقن، محبوبن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Beloveds, friends, loving ones
حَبِيبَنِ جا بيتن ۾ حوالا
حَبِيبَنِ ھيڪارَ، مَنجهان مِھرَ سَڏُ ڪِئو،
سو مُون سَڀَ ڄَمارَ، اورَڻُ اُھوئِي ٿِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 14 ]
سو مُون سَڀَ ڄَمارَ، اورَڻُ اُھوئِي ٿِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 14 ]
چوري چَنگُ ٻَنگُ لَھِي، حَبِيبَنِ ھَنيوسِ،
ٻُجهان ٻاڻُ لَڳوسِ، ڪانارِئو ڪَرُ کَڻِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 11 ]
ٻُجهان ٻاڻُ لَڳوسِ، ڪانارِئو ڪَرُ کَڻِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 11 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، رَڪَنِ ناھي راندِ،
حَبِيبَنِ ھيڪاندِ، سَگَهنِ ٿِيي نَہ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 21 ]
حَبِيبَنِ ھيڪاندِ، سَگَهنِ ٿِيي نَہ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 21 ]
راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پَٽِنِ وَڏو پَنڌُ،
ھَلَندي حَبِيبَنِ ڏي، ڪَرَھا موڙِ مَ ڪَنڌُ،
ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻَڌُ، جَو پَھچائي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 4 ]
ھَلَندي حَبِيبَنِ ڏي، ڪَرَھا موڙِ مَ ڪَنڌُ،
ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻَڌُ، جَو پَھچائي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 4 ]
ڪَرَھا ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکُون وِجُهہ وَڌَندِيُون،
ھيڪَرَ حَبِيبَنِ سين، مُون کي نيئِي گَڏِ،
مَڇُڻ پُونَئِي ھَڏِ، آھُون اُڪَنڊِيَنِ جُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 7 ]
ھيڪَرَ حَبِيبَنِ سين، مُون کي نيئِي گَڏِ،
مَڇُڻ پُونَئِي ھَڏِ، آھُون اُڪَنڊِيَنِ جُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 7 ]
ھيرائِي ھَٿِ ڪِئو، ھِينئَڙو حَبِيبَنِ،
ٻَڌِي ڪَچِيءَ تَندُ ۾، سَلاڙِئو سيڻَنِ،
جُوڌا پيچَ پِرِيَنِ، تَہ ھِينئَڙو ھَٿِيڪو ٿِئو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 5 ]
ٻَڌِي ڪَچِيءَ تَندُ ۾، سَلاڙِئو سيڻَنِ،
جُوڌا پيچَ پِرِيَنِ، تَہ ھِينئَڙو ھَٿِيڪو ٿِئو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 5 ]
اَڄُ پُڻ اَنگِئَمِ اَنگَ، ھَٿان حَبِيبَنِ جي،
ساجَنَ ريءَ سَرَتِيُون، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ،
جانِي آيو جُوءِ ۾، مَنجهان نِينھَن نِسَنگَ،
جا پَرِ ساٽي سَنگَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 29 ]
ساجَنَ ريءَ سَرَتِيُون، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ،
جانِي آيو جُوءِ ۾، مَنجهان نِينھَن نِسَنگَ،
جا پَرِ ساٽي سَنگَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 29 ]
لَڏِئو لَطِيفَنِ، پَلاڻي پَنڌِ پِئا،
ھَٿان حَبِيبَنِ، ڪَڏِھِين ڪونَہ ڏُکوئِيو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 6 ]
ھَٿان حَبِيبَنِ، ڪَڏِھِين ڪونَہ ڏُکوئِيو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 6 ]
سيئِي تو شَڪُون تَڪِيا، سيئِي وِڇاڻا،
پَسِئو پَرَ پَچي ھِنيُون، حَبِيبَنِ ھاڻا،
ھِڪُ ڏُونگها ڏاڏاڻا، ٻِئو موٽِئو تان نَہ مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 6 ]
پَسِئو پَرَ پَچي ھِنيُون، حَبِيبَنِ ھاڻا،
ھِڪُ ڏُونگها ڏاڏاڻا، ٻِئو موٽِئو تان نَہ مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 6 ]
English Meaning
Beloveds, friends, loving ones