حَبِ جي سنڌي معنيٰ
هڪ نديءَ جو نالو، جا ڪراچيءَ کان ست ڪوھ پري پَٻ جبل جي اُتر واري قطار وٽان بلوچستان جي حد مان هلي ٻہ سئو چاليھ ميلن ۾ پٽ پسائيندي ڪراچي جي پريان ڪيپ مانز راس العماري وٽ عربي سمنڊ ۾ ڇُڙي ٿي. بيابان، ميدان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hub is originally name of a river and a city and capital of the Hub District in Balochistan, Pakistan. It is the 49th largest city of Pakistan by population according to the 2017 census, and is also Balochistan's fourth-largest city.
حَبِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪِھَڙو سَڱُ سِياڪو، ھاري تَنِ ھوتَنِ سين،
آئُون ھيڪَلِي حَبِ ۾، نَہ مُون مِٽُ نَہ ڪاڪو،
مُنڌَ پِيادِي پَنڌُ گهَڻو، نَہ مُون اُٺُ نَہ ناقو،
ھُوءَ جا پِڪَ پُنهونءَ جِي، چَٽِيان تَنھِن چُئاڪو،
پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي، فَقِيرِ پوءِ مَ فاقو،
چَڙھِي نَہ سَگهان چوٽيين، ڏُونگَرَ ڪونِهي ڏاڪو،
پِرِين پُڇَندِيَسِ پَٻَ ۾، وَڻِ وَڻِ وجِهندِيَسِ واڪو،
وِچُ مَ پوءِ وِصالَ ۾، لَکَ مَ پوءِ لِياڪو،
آرِيءَ جو آتَڻَ ۾، پُڇَندِيَسِ پاڻَ پَھاڪو.
[ سُر آبڙي، وايون، 17 ]

ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، سِرِجِ ساھِ پَساھَ،
ھوتُ گَڏُبِئِي حَبِ ۾، رَھبَرُ مَٿي راھَ،
جانۡ جانۡ ساڻُئِي ساھُ، تَہ پاڙِجِ ڪو مَ پُنُوھَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 15 ]

اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آھِيان،
لُڙِڪَ لالَ لَطِيفُ چئَي، وَرَ لَئي وَھايان،
ھيجان ھَنجُون حَبِ ۾، ھوتَنِ لَئي ھارِيان،
جانِبُ ضَعِيفِيءَ سين، پُنهون پَھايان،
پِيھان پَچايان، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 1 ]

پَھَڻَنِ ڪِينَ پَروُڙِئو، پِٿُون پيرَ ٿِئامِ،
ثُمَّ لا يَمُوتُ فِيهَا وَلا يَحْيَا ، ھِھَڙا حالَ سَندامِ،
ڪوجها ڪِرتَ ڪِئامِ، جِيئَن ھوتَنِ ڇَڏيَسِ حَبِ ۾.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 17 ]

جَڏا ميڙِ جَلِيلَ، جٖي حَبِ نَہ ھَلَڻُ سِکِئا،
لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، نِجَنِ ڪيچِ قَلِيلَ،
وِساري وَسِيلَ، مَڇُڻ مارَڳِ ڇَڏِيين.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 7 ]