وَھُ جي سنڌي معنيٰ
روان رَھُ، هل، پنڌ ڪر. هارج، نڪر. ڪم ڪر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
May flow, run, To labor, work hard, fag, toil. To leak.
وَھُ جا بيتن ۾ حوالا
اورِيائِينِ آڻِينِ، ميڙِئو مُعلِمَ خَبَرُون،
سا سُڌِ ڪَھِين نَہ ڏِينِ، جِتي وَھُ ويڌَ ڪَري.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 18 ]
سا سُڌِ ڪَھِين نَہ ڏِينِ، جِتي وَھُ ويڌَ ڪَري.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 18 ]
اُونِهي ۾ اوھَرِي، جَڏھِن وِئا جٖي،
موٽِي ماڳِ نَہ آيا، ماءِ سامُونڊِي سي،
کارو تَنِي کي، جيڪُسِ وَھُ وَرِي وِئو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 14 ]
موٽِي ماڳِ نَہ آيا، ماءِ سامُونڊِي سي،
کارو تَنِي کي، جيڪُسِ وَھُ وَرِي وِئو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 14 ]
واھُڙَ وَھَنِ نَواھَ، اَڃا وَھُ اَڳي ٿِئو،
گهَرِ ويٺِيون گَهڻا ڪَرِيو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان،
صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، سا جَي ڏِٺِي آن،
ھُوندَ نَہ پَلِئو مانۡ، گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 3 ]
گهَرِ ويٺِيون گَهڻا ڪَرِيو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان،
صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، سا جَي ڏِٺِي آن،
ھُوندَ نَہ پَلِئو مانۡ، گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 3 ]
جيڏاھَن چِتَ چاھُ گهَڻو، آرُ پِہ اوڏاھِين،
وَڃي وَھُ واڪا ڪِئو، تِکو تِھائِين،
ميھارُ مِلائِين، لَهرِنِ ۾ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 12 ]
وَڃي وَھُ واڪا ڪِئو، تِکو تِھائِين،
ميھارُ مِلائِين، لَهرِنِ ۾ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 12 ]
تَران تَہ مَران، وَران تَہ وَھُ وِتَرو،
ھِينئَڙي ۾ ھوتَنِ جا، اَچَنِ گهورَ گَهڻا،
پَسِئو پاڙي وارِيُون، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جِيئَن ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 16 ]
ھِينئَڙي ۾ ھوتَنِ جا، اَچَنِ گهورَ گَهڻا،
پَسِئو پاڙي وارِيُون، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جِيئَن ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 16 ]
چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، جِتِ ڌورُون ڌُونِ،
اَچَنِ ڀَؤُنرَ ڀِنڀُولِئا، پاڻِيءَ تَھِين پُونِ،
راوَلَ رَتو رُونِ، ڪو وَھُ لَڳو واسُوئين.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 7 ]
اَچَنِ ڀَؤُنرَ ڀِنڀُولِئا، پاڻِيءَ تَھِين پُونِ،
راوَلَ رَتو رُونِ، ڪو وَھُ لَڳو واسُوئين.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 7 ]
جوڳِي جَڳَ گَهڻا، مُون وَھُ ويراڳِيَنِ سين،
پاڇِي ڪَنِ نَہ پاڻَ کي، تُنبِيءَ مَنجِهہ ڪَڻا،
ويٺِي مَٿي واٽَ تي، ڀَٽَنِ جِيئَن ڀُڻان،
سارِئو سَناسِيَن کي، ويٺِي ھَٿَ ھَڻانِ،
جيڪي ڌاڻِيان ڌُوڙِ ۾، جيڪي اَنَ ڪَڻا،
وِئا ويراڳِي نِڪِري، جَنِي مُنھِن مَڻِيا.
[ سُر رامڪلي، وايون، 20 ]

ڪو جَو وَھُ ڪاپائِتِيين، ڪَنبَنِ ۽ ڪَتَنِ،
ڪارَڻِ سُودَ سَوارِيُون، آتَڻَ مَنجِهہ اَچَنِ،
اُنَ جي سُونھَن سَيِّدُ چئَي، صَرافَ ئِي سِڪَنِ،
اَگهِئا سُٽَ سَندَنِ، پائي تَرازِيءَ نَہ تورِئا.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 21 ]
ڪارَڻِ سُودَ سَوارِيُون، آتَڻَ مَنجِهہ اَچَنِ،
اُنَ جي سُونھَن سَيِّدُ چئَي، صَرافَ ئِي سِڪَنِ،
اَگهِئا سُٽَ سَندَنِ، پائي تَرازِيءَ نَہ تورِئا.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 21 ]
اَکِ اُلِٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلِٽو عامَ سين،
لاھُئارو لوڪُ وَھي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ،
مَنجهان نُوچَ نِھارِ، ويھُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 29 ]
لاھُئارو لوڪُ وَھي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ،
مَنجهان نُوچَ نِھارِ، ويھُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 29 ]
جان واھُڙَ ۾ وَھُ، تان تُون مَڇَ نَہ موٽِئو،
ڪائي ۾ ڪوھُ ڪَرِيين، پوءِ موٽَڻَ جو پَھُ،
سِرَ مَٿي تُون سَھُ، مَهميزُون مَلاحَنِ جُون.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 20 ]
ڪائي ۾ ڪوھُ ڪَرِيين، پوءِ موٽَڻَ جو پَھُ،
سِرَ مَٿي تُون سَھُ، مَهميزُون مَلاحَنِ جُون.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 20 ]
English Meaning
May flow, run, To labor, work hard, fag, toil. To leak.