وِھَ جي سنڌي معنيٰ
وِش، وک، زھر، موت ڏيندڙ دوا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Poison.
وِھَ جا بيتن ۾ حوالا
گهَٽَنِ ۽ گُهٽِڪَنِ، وَٽِيُون پِيَنِ وِھَ سِرِ گاڏُيُون،
بِدِہ ساقِي بَرخَيزِ ، پِيارِ کي پِيئَندَنِ،
اُو پِڪين نَہ پَرچَنِ، مَٽَ تَڪِيائُون مَنجِهيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 14 ]
بِدِہ ساقِي بَرخَيزِ ، پِيارِ کي پِيئَندَنِ،
اُو پِڪين نَہ پَرچَنِ، مَٽَ تَڪِيائُون مَنجِهيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 14 ]
موکِيءَ مَٺو نَہ گهُرِئا، وِھَ نَہ وِھاٽِئا،
سُرِڪِيءَ لاءِ سَيِّدُ چئَي، اُتي ٿي آٽِئا،
جٖي ڳالِهيُنِ ڳڱاٽِئا، تَنِ جُون بَٺِنِ پاسِ بُٺِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 27 ]
سُرِڪِيءَ لاءِ سَيِّدُ چئَي، اُتي ٿي آٽِئا،
جٖي ڳالِهيُنِ ڳڱاٽِئا، تَنِ جُون بَٺِنِ پاسِ بُٺِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 27 ]
اَڄُ نَہ اڳِيئَن ڍارَ، ڪَرَھو جِيئَن ڪالَهہ ھو،
اَڱَڻِ آيو نَہ ڪَري پاھوڙي پَچارَ،
جيڪُسِ مَنجِهہ قَطارَ، ڪا وَلِ چِنائِين وِھَ جي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 41 ]
اَڱَڻِ آيو نَہ ڪَري پاھوڙي پَچارَ،
جيڪُسِ مَنجِهہ قَطارَ، ڪا وَلِ چِنائِين وِھَ جي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 41 ]
مِٺيُون لَھِي مُھان، جَي تو چانگا چِنِيُون،
وَلَڙِيُون وِھَ ساءِ، اَڃا پوءِ مُھَندِيُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 42 ]
وَلَڙِيُون وِھَ ساءِ، اَڃا پوءِ مُھَندِيُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 42 ]
اَڃا ٿِي جِيَين، سَڄَڻُ سارِئو نَہ مَرين،
وَٽِيُون وِھَ گاڏِئُون، ڇورِي ڇو نَہ پِيَين،
لَڳُئِيء ڪو نَہ ھِنيَين، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 1 ]
وَٽِيُون وِھَ گاڏِئُون، ڇورِي ڇو نَہ پِيَين،
لَڳُئِيء ڪو نَہ ھِنيَين، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 1 ]
اوڏو ڪاڪِ مَ ٿِيءُ، مَتان مَنجِهين رَھين،
ڏي وَراڪا وِچَ ۾، وِھَ گاڏُئُون وِيءُ،
جَي ڀاويئِي تَہ پِيءُ، نَہ تَہ لاھُئارو لُڙُ وَھي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 24 ]
ڏي وَراڪا وِچَ ۾، وِھَ گاڏُئُون وِيءُ،
جَي ڀاويئِي تَہ پِيءُ، نَہ تَہ لاھُئارو لُڙُ وَھي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 24 ]
آسَڻَ جَنِ اَريجَ ۾، اُوءِ کَپُرَ وِھَ کَري،
مُنھُن مَلائِڪَ جِھَڙو، ٽِڪِرُ ڪِينَ ٽَري،
جي ھيڪَرَ ڏَنگُ ھَڻي، تَہ جاءِ نَہ ٿِيي جَرِيءَ جِي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 12 ]
مُنھُن مَلائِڪَ جِھَڙو، ٽِڪِرُ ڪِينَ ٽَري،
جي ھيڪَرَ ڏَنگُ ھَڻي، تَہ جاءِ نَہ ٿِيي جَرِيءَ جِي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 12 ]
جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾، تَنِ وِھَ جو وَرَنُ کَرو،
مُنھُن مَلائِڪَ جِھَڙو، ٽِڪرُ ڪِينَ ٽَرِئو،
وَعدي جو نَہ وَرِئو، اوڏو وَڃُ مَ اُنَ کي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 13 ]
مُنھُن مَلائِڪَ جِھَڙو، ٽِڪرُ ڪِينَ ٽَرِئو،
وَعدي جو نَہ وَرِئو، اوڏو وَڃُ مَ اُنَ کي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 13 ]
جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾، تَنِ جي وِھَ جو وَرَنُ ٻِئو،
جِنِ جي ڪَنڊي مان ڪَمُ ٿِئي، تَنِ جي ڦَڻِنِ ڀيرُ ٻِئو،
پُريَنِئُون پَڌِرو، تَنِ نانگَنِ جونِهو،
ڪِلي ويرَ ڪِھو، سَپَ کي سامُهُون ٿِئي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 14 ]
جِنِ جي ڪَنڊي مان ڪَمُ ٿِئي، تَنِ جي ڦَڻِنِ ڀيرُ ٻِئو،
پُريَنِئُون پَڌِرو، تَنِ نانگَنِ جونِهو،
ڪِلي ويرَ ڪِھو، سَپَ کي سامُهُون ٿِئي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 14 ]
English Meaning
Poison.