وَھِ جي سنڌي معنيٰ
محبت جي مَچَ. محبت، نينھن. ڪاڍي. دوستي. جوش، تِکَ، راھ ۾، رستي ۾.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In stormy love, fire of passion, in love, in blindly love, in the way or on the road.
وَھِ جا بيتن ۾ حوالا
سَھي جِيئَن سانڌاڻِ، ڌَڪَنِ مَٿي ڌَڪَڙا،
وَھِ وِڃايو پاڻُ، ڏي ڏَوائُون ڏُڱِرين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 21 ]
وَھِ وِڃايو پاڻُ، ڏي ڏَوائُون ڏُڱِرين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 21 ]
لاھِيندا ئِي ڪَنِ، ڳالِهيُون ھَلَڻَ سَندِيُون،
ڏِيندا مُون ڏُکَنِ، وَھِ وِجَهندا جِندَڙو.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 2 ]
ڏِيندا مُون ڏُکَنِ، وَھِ وِجَهندا جِندَڙو.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 2 ]
ٻانڌِي جَي ٻيلِي ٿِيين، تَہ حالُ ڳَرَھِيان ھِيءُ،
سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو، جَرَ ري مُنھِنجو جِيءُ،
سانوَڻُ سِيارو ڀانيان، وَھِ پِريان جي وِيءُ،
پارِ جَنِي جو پِريءُ، وَڃَڻُ واجِبُ تَنِ تي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 29 ]
سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو، جَرَ ري مُنھِنجو جِيءُ،
سانوَڻُ سِيارو ڀانيان، وَھِ پِريان جي وِيءُ،
پارِ جَنِي جو پِريءُ، وَڃَڻُ واجِبُ تَنِ تي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 29 ]
کَرَڪَنِ کِجاياسِ، مَحبَتيءَ ميھارَ جي،
ڇَڙِڪَنِ جي ڇيڄَ ڪِئا، تَنِ واري وَھِ وِڌِياسِ،
لالَڻَ لاءِ لَطِيفُ چئَي، اَچِي آبِ گهِڙِياسِ،
سَرَتِيُون ڪَنھِن سَڀَاڳَ کي، سِڪَڻُ آئُون سِکِياسِ،
وَسان تي ويياسِ، مِلِيَسِ جي نَہ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 7 ]

اَڃا ڪيچُ اَڳي ٿِئو، پيرَ نَہ لَھي پارِي،
روئي ٿِي رِڃُنِ ۾، جَهلِئو وَڻَ ٽارِي،
نَڪو جانِبُ جوءِ ۾، نَہ ڪا دِلِدارِي،
ھِينئَڙو ھيرَڻ پَنَ جِيئَن، ڦُٽِي ٿِئو ڦارِي،
ھِيءَ وَھِ ويچارِي، تولاءِ توکي لِکِئو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 24 ]
روئي ٿِي رِڃُنِ ۾، جَهلِئو وَڻَ ٽارِي،
نَڪو جانِبُ جوءِ ۾، نَہ ڪا دِلِدارِي،
ھِينئَڙو ھيرَڻ پَنَ جِيئَن، ڦُٽِي ٿِئو ڦارِي،
ھِيءَ وَھِ ويچارِي، تولاءِ توکي لِکِئو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 24 ]
ڪوجها نَظَرَ ڪَنِ، اَکِيُنِ اَدَبُ ڇڏِئو،
کَرَنِ ساڻُ کِلَنِ، وَھِ پِيو وِڙَنِ سين.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 26 ]
کَرَنِ ساڻُ کِلَنِ، وَھِ پِيو وِڙَنِ سين.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 26 ]
ٻِيُون سَڀَ گهِڙَنِ ڏِينھَن، ھِيءَ رَوئَي ۽ راتِيان گِهڙي،
وَھِ پَيو واھُڙَ تَري، ڪِي نِماڻِي نِينھَن،
ميڙائي جا مِينھَن، ويچارِيءَ وَسايا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 21 ]
وَھِ پَيو واھُڙَ تَري، ڪِي نِماڻِي نِينھَن،
ميڙائي جا مِينھَن، ويچارِيءَ وَسايا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 21 ]
ڏانگهَنِئُون ڏيرَنِ، جي ھُوندَ آندا ٻَڙِدَ ڀَنڀورَ ۾،
کُڙِيءَ کُڙِڪو اُنِ جو، سُتي سُئو سَڀَنِ،
ھَڻِي چِيلَ چَرا ڪِئا، وَھِ پَئِي وَھُڙَنِ،
ڏاندين ساٿِ سَيِّدُ چئَي، پِيادِيُون پَهچَنِ،
جَنِ جو پيرُ نَہ لَڳو پَٽِيين، تَنِ آيُم ساڻُ اُٺَنِ،
گُنگنِ ۽ جُنگَنِ، مُنڌَ اَسُونھِين ميڙِيين.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 7 ]