مِٽَ جي سنڌي معنيٰ
مِترَ. مائٽ، خويش، سڱيڻا، شريڪ، عزيز، رشتيدار، سڳا، پنھنجا، ڀائپي وارا، برادري وارا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Relatives, kinsmen.
مِٽَ جا بيتن ۾ حوالا
ڌُرِيان ئِي ڌارِيان، مِٽَ مُئِيءَ جا نَہ ٿِئا،
ڏَمَرُ ڏيرَنِ مَنَ ۾، کِلِئو کِيڪارِيان،
صُبحِ ٿِي سارِيان، اُٺَ نَہ اوطاقُنِ ۾.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 13 ]
ڏَمَرُ ڏيرَنِ مَنَ ۾، کِلِئو کِيڪارِيان،
صُبحِ ٿِي سارِيان، اُٺَ نَہ اوطاقُنِ ۾.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 13 ]
مِٽَ نَہ مَعذُرِيَنِ جا، جوڳِي جاٽَ نَہ نِينِ،
اِنِهِيءَ ۾ آھِينِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 39 ]
اِنِهِيءَ ۾ آھِينِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 39 ]
راوَلُ رَھي نَہ راتِ، جيڏِيُون مُنھِنجو راوَلُ رَھي نَہ راتِ،
ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪانڌَ ري، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ،
مِٽَ نَہ مَعذُورِيَنِ جا، ڪا جَا جوڳِي ذاتِ،
لَڳُمِ لاھُوتِيَنِ جو، مَنجهان ڪِينَرَ ڪاتُ،
آيَلِ آديسِيَنِ جِي، آئُون مُٺِي مُلاقاتِ،
[ سُر رامڪلي، وايون، 9 ]

اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾ سَندِي سامِيَنِ سِٽَ،
لُنگَ لاھُوتِي لالُ ٿِئا، چيلِهہ ٻَڌائُون چِٽَ،
جي مَحَبتَ ڪِئا مِٽَ، سي ڪَرَمِ مِلَندا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 10 ]
لُنگَ لاھُوتِي لالُ ٿِئا، چيلِهہ ٻَڌائُون چِٽَ،
جي مَحَبتَ ڪِئا مِٽَ، سي ڪَرَمِ مِلَندا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 10 ]
پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَ راتِ،
سُئَمِ نَہ سَناسِيَنِ جُون، پَچارُون پِرِڀاتِ،
ڪا جَا جوڳِي ذاتِ، جِيئَن مِٽَ نَہ مَعذُورِنِ جا.
[ سُر پورب، جوڳي، 4 ]
سُئَمِ نَہ سَناسِيَنِ جُون، پَچارُون پِرِڀاتِ،
ڪا جَا جوڳِي ذاتِ، جِيئَن مِٽَ نَہ مَعذُورِنِ جا.
[ سُر پورب، جوڳي، 4 ]
مَنُ موھِئو جوڳِيَنِ جي ذاتِ، دِلِ جوڳِيَنِ جي ذاتِ،
ھُيَسِ سَناسِيَنِ سين سَنِرِي،
پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَراتِ،
سُئَمِ نَہ سَناسِيَنِ جُون، پَچارُون پِرڀاتِ،
مِٽَ نَہ مَعذُورِنِ جا، ڪا جَا جوڳِي ذاتِ.
[ سُر پورب، وايون، 9 ]
ھُيَسِ سَناسِيَنِ سين سَنِرِي،
پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَراتِ،
سُئَمِ نَہ سَناسِيَنِ جُون، پَچارُون پِرڀاتِ،
مِٽَ نَہ مَعذُورِنِ جا، ڪا جَا جوڳِي ذاتِ.
[ سُر پورب، وايون، 9 ]
ڌَڻُ ڌارَڻُ ڌارَ رَھَڻُ، اِيءَ نَہ سَنگهارَنِ سِٽَ،
ڪاھي اِيندا ڪَڏِھِين، مَٿي وانڍ وَھِٽَ،
جَي ھاڻُو ھُونَئِي مِٽَ، تَہ پِہ اُڊو لاھِ مَ اُنِ جو.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 8 ]
ڪاھي اِيندا ڪَڏِھِين، مَٿي وانڍ وَھِٽَ،
جَي ھاڻُو ھُونَئِي مِٽَ، تَہ پِہ اُڊو لاھِ مَ اُنِ جو.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 8 ]
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، ڪونِهي اِنَ اوڄاھُ،
عُمَرَ جي اِنصافَ جو، پِئُسِ ڪَنِ پَڙاءُ،
ويٺِي چوءِ اللهُ، مُون تي مِٽَ نَہ موٽِئا.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 3 ]
عُمَرَ جي اِنصافَ جو، پِئُسِ ڪَنِ پَڙاءُ،
ويٺِي چوءِ اللهُ، مُون تي مِٽَ نَہ موٽِئا.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 3 ]
سِنجَنِ ۽ ساڳِينِ، ڌِڪو نَہ ڏِينِ ڌَڻَ کي،
پايو دوڳُ دَرِنِ ۾، پَھُون پِيارِين،
اِهَڙائِي آهِينِ، مُنھِنجا مِٽَ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 12 ]
پايو دوڳُ دَرِنِ ۾، پَھُون پِيارِين،
اِهَڙائِي آهِينِ، مُنھِنجا مِٽَ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 12 ]
مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، سارِئَمِ سَڀَيئِي،
حُبُّ الْوَطَنِ مِنَ الإِيمَانِ ، اَندَرَ ۾ ايھِي،
پَکَنِ ۾ پيھِي، مَحلَنِ جِي مَرُ ڌُئان.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 18 ]
حُبُّ الْوَطَنِ مِنَ الإِيمَانِ ، اَندَرَ ۾ ايھِي،
پَکَنِ ۾ پيھِي، مَحلَنِ جِي مَرُ ڌُئان.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 18 ]
English Meaning
Relatives, kinsmen.