ھَلِئا جي سنڌي معنيٰ
چَليا، چُريا، رڙهيا، سِرڪيا، ٽُريا، سُريا، اڳتي وڌيا، ويا، روانو ٿيا، اُسهيا، روانگي ڪيائون، پَڌاريا، لَڏيا، لاڏاڻو ڪيائون. چالاڻو ڪيائون، هِن دنيا مان ڪُوچ ڪيائون، رحلت ڪيائون، جھان ڇڏيائون، مُئا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Moved, gone, proceeded, shaken, beat as the pulse, get on, last, pass current, to have a sale.
ھَلِئا جا بيتن ۾ حوالا
ٻاروچي جِي ذاتِ، سَڄَڻَ ٻاروچي جِي ذاتِ،
اُٺَ گُنگائي ھَلِئا، وائِي ڪِئائُون نَہ واتِ،
جانِي جَتَ وَٺِي وِئا، تَنَ تَنِي جِي تاتِ،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، اَدِيُون آڌِيءَ راتِ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، رَھَ ۾ پييَنِ راتِ،
مِلان مَحبُوبَنِ کي، وِھاڻِيءَ پِرڀاتِ.
[ سُر ديسي، وايون، 15 ]

ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، پائي پاکوڙا،
اُٿِي ھَلِئا اُسَ ۾، ٻپَھرِيءَ ٻوڙا،
ڏِينھُن تَتو ڏَءُ متو، کامِي ٿِيَسَ کورا.
ڳاڙِيَم ٿي ڳوڙھا، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 6 ]
اُٿِي ھَلِئا اُسَ ۾، ٻپَھرِيءَ ٻوڙا،
ڏِينھُن تَتو ڏَءُ متو، کامِي ٿِيَسَ کورا.
ڳاڙِيَم ٿي ڳوڙھا، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 6 ]
آيَلِ اوطاقُون، ڪَري ڪيچِي ھَلِئا،
سُڪِيُون نَہ سيڻَنِ جي، ماڳَنِ تان ماڪُون،
نِسورِيُون نائُڪُون، سَڃي ھَلِئا سُورَ جُون.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 3 ]
سُڪِيُون نَہ سيڻَنِ جي، ماڳَنِ تان ماڪُون،
نِسورِيُون نائُڪُون، سَڃي ھَلِئا سُورَ جُون.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 3 ]
آڻي لِکِئي لَنئُن لائِي، آئُون ڪا جوڙَ جَتَنِ جو،
ٻَڙِي جيڏِيُون، آئُون ڪا ڪُڙُمُ ڪيچِيَنِ جو،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ نَہ ڪِئائُون ڪائِي،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، ڏيرَ ڪَري وِئا ڏاڍائِي،
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، ڪونهي سُورَنِ ڀائِي،
پَسِي پَنھِنجا ڪَمَڙا، لالَڻَ آئُون لَڄائِي،
پورِھِيَتِ پُنهونءَ ڄامَ جِي، ڪيچِيَنِ ڪَمِ نَہ آئِي،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ھوتَ ڪَرِيو ھَمراھِي.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 6 ]

راھَ شَرِيعَتَ ھَلِئا، تَفَڪُرُ طَرِيقَ ٿِئونِ،
حالِ حَقِيقَتَ رَسِئا، مَعرِفَتَ ماڳونِ،
ناسُوتُ مَلَڪُوتُ جَبَرُوتُ، اِيءُ اِنعامُ ٿِئونِ،
پَسُ لاھُوتُ لَنگهِئُونِ، مَٿي ھاھُوتَ ھَلِئا.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 9 ]
حالِ حَقِيقَتَ رَسِئا، مَعرِفَتَ ماڳونِ،
ناسُوتُ مَلَڪُوتُ جَبَرُوتُ، اِيءُ اِنعامُ ٿِئونِ،
پَسُ لاھُوتُ لَنگهِئُونِ، مَٿي ھاھُوتَ ھَلِئا.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 9 ]
جهنگَلِ ھَلِئا سي نَہ ڀُلئا، راھَ ھَلِئا ڦُرجَنِ،
اَوَجَهڙِ سي نَہ پَوَنِ، ٻيئِي جَنِي ڇَڏِيُون.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 9 ]
اَوَجَهڙِ سي نَہ پَوَنِ، ٻيئِي جَنِي ڇَڏِيُون.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 9 ]
آئُون جِيئَندِي ڪِيئَن، يااللهَ مُون مُسافِرَ سُپِرِين،
مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن؟
[ سُر کنڀات، وايون، 6 ]
مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن؟
[ سُر کنڀات، وايون، 6 ]
سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، اولا جَنِي عاجَ،
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ڀَري جُنگَ جَھازَ،
حاصِلُ ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ وَڻِجارَنِ جِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 12 ]
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ڀَري جُنگَ جَھازَ،
حاصِلُ ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ وَڻِجارَنِ جِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 12 ]
سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مِيرَ،
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
جٖي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 13 ]
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
جٖي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 13 ]
سارِي راتِ سُڄاڻَ، سودو ڪَنِ صاحِبَ سين،
ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ،
پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 3 ]