ڪِي جي سنڌي معنيٰ
ڪوبہ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Any, some.
ڪِي جا بيتن ۾ حوالا
ڪِي تَران ڪِي تاريجِ، ڪِي سَگهان ڪِي سَگهُہ،
آڏو ڏيجِ مَ گهَگهُہ، مُون ھيڪَلِيءَ وَلَها.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 15 ]

ڪِي وارِي ڪِي واٽَ، ڪِي پاھَڻُ ڪِي پيچِرو،
ھَلِي ھاڙِھي سامُھِين، لَڳِيَسِ اُڃَ اُساٽَ،
ڳوڙَھَنِ ڀَري ڳاٽَ، اَپَرِ آلاپُون ڪَري.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 22 ]

آتَڻُ اورانگهي وِئا، پارِي ڇَڏي پوءِ،
آرِيچا اُٺَنِ تي، ھِيءَ تان جَڏِي جوءِ،
ڪِي ھَلِي ڪِي ھَٿَ کَڻِي، ڪِي رِڙھي ڪِي روءِ،
اَوِھِين ڇَڏي وَڃو ڇَپَرين، ڏُکِي ڪِھَڙي ڏوھِ،
ڪو پُرِي پِرِينءَ چوءِ، تَہ مُٺِيءَ ماتَمُ آيو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 23 ]

مَ ڪِي رو مَ رَڙُ ڪِي، مَ ڪِي هَنجُون هارِ،
تو تان بَندُ بِدا ٿِئو، ٻيڙِيُونۡ نيئِي ٻارِ،
پَھچَندِيئَن پَنوَهارِ، سِگِهي سَنگهارَنِ کي.
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 11 ]

مَ ڪِي رو، مَ رَڙُ ڪِي، مَ ڪِي ڪَرِ ڪِيھُون،
اِتي اَچَنِ اَڳھَيِن، وانڍِنِ جُون وِيھُون،
ميڙِيندوءِ مِيُون، مِينھين اُٺي مارُئِي.
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 13 ]

مَ ڪِي رو مَ رَڙُ ڪِي، مَ ڪِي ڪَرِ دانھُون،
سُتي لوڪِ سَيِّدُ چئَي، ٻيئِي کَڻُ ٻانھُون،
لَڌيُئِي جِتِ لائُون، سو ڏيھُ پَسَندِينءَ مارُئِي.
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 14 ]

هِنيُون هيڪُ هو، سو پُرزا ٿِي پِئو،
ڪِي کيريين ڪِي ٻيرِيين، ڪِي وَلَهارَنِ وئِو،
مُٺِيءَ مَوتُ ٿِئو، تُون ٿو ساهِ ڳَڻائِيين سُومَرا.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 24 ]

عاشِقُ چَئُہ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَئُہ مَعشُوقُ،
خالِقُ چَئُہ خامَ تُون، مَ ڪِي چَئُہ مَخلُوقُ،
سَلِجِ تَنھِن سُلوڪُ، جو ناقِصا نِڱِئو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 21 ]

اَڻَ ڪِي عَيان نَہ ٿِئي، ڪِي پَرُوڙي ڪو نَہ،
جانۡ سُونھون ٿِئي سونَ، اَمُرُ عَطا جَنھِن جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 7 ]

دَنگِي مَنجِهہ دَرياھَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي،
ھُو جٖي واڍي واڻِئا، سُونھَڻَ سَڀَ سَڙِئا،
مُعلِمَ ماڳِ نَہ اڳِيين، فِرَنگِي مَنجِهہ ڦِرئا،
مَلاحَ تُنھِنجِيءَ مَڪُڙِيءَ، اَچِي چورَ چَڙِهئا،
جِتي ڍِينگَ ڍَرِئا، تِتي تارِي تُنھِنجِي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 14 ]