پُڇُ جي سنڌي معنيٰ
سوال ڪر، معلومات وٺ، خبر چار لھ، آک
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Ask, question, inquire.
پُڇُ جا بيتن ۾ حوالا
مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ، مُون کي دَردُ قَدِيِمي وو،
دَردُ جَدِيدِي وو حُبَ حَبِيبِي وو،
آلُودِي آزارَ کان، تو ريءَ ٿِيَسَ طَبِيبَ،
شادِي ڏيِين صِحَتَ جِي، غَمِي لاھِ غَريِبَ،
ڪاھِلِ آھِيان ڪُوَڙِي، رَسِي لاھِ رَقِيبَ،
حاذِقُ آھِين ھِنَ جو، اَچين شالَ عَجِيبَ،
اَگِهي ٿِي آھُون ڪَرِيان، نَعرو مَنجِهہ نَصِيبَ،
دَوا آھِين دِلِ جِي، پُڇُ پُڇُ رَھيَسِ طَبِيبَ،
اَلا عَبدِالْلَطِيفَ کي، ڪوڙي لاءِ قَرِيبَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 5 ]

پُڇُ پَتَنگَنِ کي، سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون،
آڻِئو وِجَهنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنھِنجو جٖي،
جيري جَنِي جٖي، لَڳا نيزا نِينھَن جا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 1 ]
آڻِئو وِجَهنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنھِنجو جٖي،
جيري جَنِي جٖي، لَڳا نيزا نِينھَن جا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 1 ]
سَدا پُڇُ مَ سُهڻِي، اُونداھِي اَڌ راتِ ،
پِريان ڏي پِرِڀاتِ، وانءُ ڏيٺاري ڏيھَ کي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 12 ]
پِريان ڏي پِرِڀاتِ، وانءُ ڏيٺاري ڏيھَ کي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 12 ]
نااُميديءَ جي نِجُهري، پيھِي پُڇُ اللهُ،
چِٽو رَبِي راھُ، پَرَ مُرادُنِ مَخفِي ڪِئو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 15 ]
چِٽو رَبِي راھُ، پَرَ مُرادُنِ مَخفِي ڪِئو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 15 ]
پُنهون ڇڏِئو پوءِ، جانِبُ جَبَلَ گهورِيين،
تيلاھِين تَنگُون ڪَرِيين، جيلاھِين تُون جوءِ،
ساڄَنُ سُڃَ نِھارِيين، ڏُکِي ڏوھُ ڪِئوءِ،
ھاڙِھي ھوتُ نَہ ھوءِ، وَرِي پُڇُ ويٺِنِ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 1 ]
تيلاھِين تَنگُون ڪَرِيين، جيلاھِين تُون جوءِ،
ساڄَنُ سُڃَ نِھارِيين، ڏُکِي ڏوھُ ڪِئوءِ،
ھاڙِھي ھوتُ نَہ ھوءِ، وَرِي پُڇُ ويٺِنِ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 1 ]
وَرِي پُڇُ ويٺِنِ کي، سَندا پُنهونءَ پارَ،
ساڄَنُ سَڀَ ڄَمارَ، ڏُکِي ڏورِجِ ڏِيلَ ۾.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 2 ]
ساڄَنُ سَڀَ ڄَمارَ، ڏُکِي ڏورِجِ ڏِيلَ ۾.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 2 ]
ڪونِهي اُتِ ڪوھِيار، جِتِ تو ڀورِي ڀانيو،
پَنڌُ مَ ڪَرِ پاھَڙَ ڏي، وُجُودُ ئِي وَڻِڪارَ،
ڌارِئان ڀانِئجِ ڌارَ، پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻَ تُون.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 4 ]
پَنڌُ مَ ڪَرِ پاھَڙَ ڏي، وُجُودُ ئِي وَڻِڪارَ،
ڌارِئان ڀانِئجِ ڌارَ، پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻَ تُون.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 4 ]
دَران مَنجِهہ دوسُ ٿِئو، موٽِي پُڇُ پانھِين،
عَبَثُ اَڳاھِين، وَڃِئو ڪُوڪِين ڪانڌَ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 6 ]
عَبَثُ اَڳاھِين، وَڃِئو ڪُوڪِين ڪانڌَ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 6 ]
پَرَ گهَران پاسو ڪَري، پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻُ،
سو تان تَوِھِين ساڻُ، جَنھِن لَئي جَفائُون ڪَرِيين.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 7 ]
سو تان تَوِھِين ساڻُ، جَنھِن لَئي جَفائُون ڪَرِيين.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 7 ]
سوئِي کَڻِئو ساڻُ، سوئِي ڏورِيين سَسُئِي،
ڪَڏِھِين ڪَنِي نَہ ڪِئو، ڄُلَڻَ مَنجهان ڄاڻُ،
پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻَ، تَہ تُون تِئائِين لَھين.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 8 ]
ڪَڏِھِين ڪَنِي نَہ ڪِئو، ڄُلَڻَ مَنجهان ڄاڻُ،
پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻَ، تَہ تُون تِئائِين لَھين.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 8 ]
English Meaning
Ask, question, inquire.