پُڇِي جي سنڌي معنيٰ
پڇا ڪري، ڄاڻي، آکي، سوچي سمجهي، بين کان معلوم ڪري
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Ask, enquire, inquire, to know, after collecting informtion.
پُڇِي جا بيتن ۾ حوالا
سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ،
سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ،
اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ،
سَتَ سُکاڻِيُون سَنباھِ تُون، ڇَھَ ڇَڄَھِرِيُون اَڏيجِ،
سَٽِ ساري سَيِّدُ چئَي، پُوري پُڄائيجِ،
مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پَرُوڙيجِ،
وَّسَقَاهُـمْ رَبُّهُـمْ شَرَابًا طَهُوْرًا ، پاڻِي پاڪُ پِيئيجِ،
جَنھِن کي سِڪي سَڀَڪو، پِرِين سو پَسيجِ،
لُڙَ ۾ ڪِيمَ لُڏيجِ، سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِيين.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 1 ]

سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي،
مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پُوريائُون،
سُتَڙُ سُوٺائُون، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِيا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 16 ]
مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پُوريائُون،
سُتَڙُ سُوٺائُون، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِيا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 16 ]
جَڏھِن وَسِيلَنِ، لوڙِھي ڇَڏِي لُڙَ ۾،
پاراران پِرِيَنِ، تَڏِھِين پُڇِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 31 ]
پاراران پِرِيَنِ، تَڏِھِين پُڇِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 31 ]
پَسِي ڏُونگَرَ ڏاھَ، جِمَ ھَلَڻَ ۾ ھيڻِي وَھين،
لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪاھِ،
پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي، بَلوچاڻِي باھِ،
اِنَ وَڙائِتي وَرَ جِي، آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ،
جَو اَکِينُون اوڏو آھِ، سو پِرِين پَراھُون مَ چَئُہ.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 1 ]

ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، دوزَخَ جو دُونھون،
سَوارو سُونھون، پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 11 ]
سَوارو سُونھون، پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 11 ]
وَسِي وَسِي مِينھُن، جِيئَن لَٽي وييَسِ کيھَ،
توءِ پِريان جي ڏيھَ، پيئِي پُڇِي خَبَرُون.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 24 ]
توءِ پِريان جي ڏيھَ، پيئِي پُڇِي خَبَرُون.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 24 ]
پارِئا پُڇِي آءُ، خَبَرَ کاھوڙِيَنِ جِي،
ڏوٿِينِ ڏُونگَرِئان، ڪَنھِن پَرِ ڏورِئو ڏُٿَ کي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 4 ]
ڏوٿِينِ ڏُونگَرِئان، ڪَنھِن پَرِ ڏورِئو ڏُٿَ کي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 4 ]
تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون صاحِبُ آئُون سَڳُ،
پُڇِي تُنھِنجو پَڳُ، ڪُلِهي پاتُمِ ڪِينِرو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 7 ]
پُڇِي تُنھِنجو پَڳُ، ڪُلِهي پاتُمِ ڪِينِرو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 7 ]
اَکَڙِيُنِ آرو، مُونھان پُڇِي نَہ ڪِئو،
وَڃِي اُتي اَڙِيُون، جِتِ چَوَڻَ نَہ چارو،
ھِينئَڙو ويچارو، واٽُون جَهلِئو وِنجهُلي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 12 ]
وَڃِي اُتي اَڙِيُون، جِتِ چَوَڻَ نَہ چارو،
ھِينئَڙو ويچارو، واٽُون جَهلِئو وِنجهُلي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 12 ]
English Meaning
Ask, enquire, inquire, to know, after collecting informtion.