پُڇَڻُ جي سنڌي معنيٰ
پُڇا ڳاڇا، سُڌ سماءُ. خبر چار. ڏس پتو. جاچ جُوچ، ڳولا ڦولا ڪرڻ. ڏس پتو معلوم ڪرڻ. سُڌ سماءُ وٺڻ، خبر چار وٺڻ، سوال ڪرڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To ask, inquire, interrogate.
پُڇَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
تو جَنِي جِي تاتِ، تَنِ پُڻ آھي تُنھِنجِي،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ،
ھَٿِ ڪاتِي ڳُڻُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِيَنِ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 13 ]
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ،
ھَٿِ ڪاتِي ڳُڻُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِيَنِ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 13 ]
پُڇِيوءِ تَہ پُورِ، نَہ تَہ پُڇَڻُ ھوءِ نَہ پِرِينءَ کي،
ڏورَڻَ وارِيُون ڏُورِ ھَڏِ نَہ آھِينِ ھوتَ کي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 11 ]
ڏورَڻَ وارِيُون ڏُورِ ھَڏِ نَہ آھِينِ ھوتَ کي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 11 ]
پُڇَڻُ پَرَڏيھِيَنِ جو، آسَڻَ وَٽِ آھي،
لَنگهَڻُ جي لاھي، تَہ ھُنِ تان حَقُ لَھي.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 17 ]
لَنگهَڻُ جي لاھي، تَہ ھُنِ تان حَقُ لَھي.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 17 ]
English Meaning
To ask, inquire, interrogate.