پَٽَ جي سنڌي معنيٰ
پڊ، پِڙُ، زمين، ڌرتي، ميدان، ترائي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The bare ground, and open bare plain, the floor.
پَٽَ جا بيتن ۾ حوالا
پَٽَ ڇَڏِيائُون پَٽَ ۾، ڏَندَ ڇَڏِيائُون ڏِسُ،
آلائِشان اَڳي ٿِئا، موٽِي ھُونِ نَہ مِسُ،
ھِيءُ ڇَڏِيائُون ھِسُ، وَڃِي ڪالَ ڪُلُ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 20 ]
آلائِشان اَڳي ٿِئا، موٽِي ھُونِ نَہ مِسُ،
ھِيءُ ڇَڏِيائُون ھِسُ، وَڃِي ڪالَ ڪُلُ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 20 ]
سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، تَہ گهايَلَ ڪِيئَن گهارِينِ،
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]
سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، ٿا رُڻِڪَنِ رَنجُورِي،
پِئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي،
لَڳيَنِ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، سَدا جِيءَ سُوۡرِي،
پِرتِ جَنِ پُوري، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 20 ]
پِئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي،
لَڳيَنِ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، سَدا جِيءَ سُوۡرِي،
پِرتِ جَنِ پُوري، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 20 ]
سائِي سيلِهي سينڱ، پَئِي آھي پَٽَ ۾،
ڪَنھِن جِي آھي ڪِينَ، ڇِڪِيندَڙَ ڇڏي وِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 23 ]
ڪَنھِن جِي آھي ڪِينَ، ڇِڪِيندَڙَ ڇڏي وِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 23 ]
وَٽي سيٽَ سُوَٽَ، پاءِ پانھِنجي ڪَرَھي،
وَليُون واسَ وَرَنِيُون، پَھرِيون مَٿي پَٽَ،
چانگي چَکِي چَٽَ، پوءِ نَہ رَھَندو پَئنِدَ ري.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 48 ]
وَليُون واسَ وَرَنِيُون، پَھرِيون مَٿي پَٽَ،
چانگي چَکِي چَٽَ، پوءِ نَہ رَھَندو پَئنِدَ ري.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 48 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، آيُون عُمَرَڪوٽَ،
پُسايائُون پَلُرَ سين، سُڪا پَٽَ جي سوٽَ،
چَئِنچَلَ ڏيئِي ڇوٽَ، سامارو سَرِ ڪِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 10 ]
پُسايائُون پَلُرَ سين، سُڪا پَٽَ جي سوٽَ،
چَئِنچَلَ ڏيئِي ڇوٽَ، سامارو سَرِ ڪِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 10 ]
اَکِيُون ڪَڍُ مَ ڳَجَهڙِي، تارا تَڻِ مَ کاءُ،
پِيو نَہ ڏِسين پَٽَ ۾، رِيڳَڙِيارو راءُ،
جيري تَنھِن جُوانَ جي، لَڳا نَوَ سَوَ نَوَ گهاءَ،
راتِ تَنھِن جِيءَ ماءَ، روئِي پَرِنِئو رَبَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 9 ]
پِيو نَہ ڏِسين پَٽَ ۾، رِيڳَڙِيارو راءُ،
جيري تَنھِن جُوانَ جي، لَڳا نَوَ سَوَ نَوَ گهاءَ،
راتِ تَنھِن جِيءَ ماءَ، روئِي پَرِنِئو رَبَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 9 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ بَرَ پَٽَ بَيابانُ،
ڏاھَنِ ڏاھَپَ وِسَرِي، ٿِئا حَرِيفَ حَيرانُ،
سَسُئِيءَ لَنگِهئو سَيِّدُ چئَي، مَحَبتَ سين مَيدانُ،
جَنھِن جو آرِياڻِي اَڳِواڻُ، تَنھِن کي ڪانِهي باڪَ بَھِيرَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 8 ]
ڏاھَنِ ڏاھَپَ وِسَرِي، ٿِئا حَرِيفَ حَيرانُ،
سَسُئِيءَ لَنگِهئو سَيِّدُ چئَي، مَحَبتَ سين مَيدانُ،
جَنھِن جو آرِياڻِي اَڳِواڻُ، تَنھِن کي ڪانِهي باڪَ بَھِيرَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 8 ]
مَرُ تَہ آئين مَڱڻا، مامَ پَرُوڙِي مُون،
جيڪا ڳاھَ ڳالَهائِيين، سا سَمجِهيسُون،
تَنھِن تي تُسجِ تُون، جيڪِي پَئي پَٽَ ۾.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 3 ]
جيڪا ڳاھَ ڳالَهائِيين، سا سَمجِهيسُون،
تَنھِن تي تُسجِ تُون، جيڪِي پَئي پَٽَ ۾.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 3 ]
گُلُ ڇِنُو گِرنارَ جو، ڌَٻِڪِي وِئا دُئارَ،
ٻايُون دايُون ٻانِهيُون، پِٽِئو کَڻَنِ پَارَ،
پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سورٺِ جا سِينگارَ،
راڻِيُنِ ۾ راڙو ٿِئو، پَٽَنِ پيئِي پَچارَ،
جِھَڙو راءِ کَنگهارَ، ڪِينَ ٿيندو ڪَڏِھِين.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 5 ]