پَٽُ جي سنڌي معنيٰ
پڊ، زمين. ميدان پوٺو، سڃ. بيابان. مُلڪ. ٿر جي ڏاڍي زمين وارو حصو. ريشم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The bare ground, and open bare plain, the floor. Silk.
پَٽُ جا بيتن ۾ حوالا
ھَلَندي ھوتَ پُنهونءَ ڏَي، کُھِجَنِ ڪي کوٽِيُون،
پَھَڻُ تَنِي پَٽُ ٿِئو، جٖي لَئي لالَڻَ لوٺِيُون،
سَڀَ سھَيلِيُون سِڪَ کي، چُنجِهيُون ۽ چوٽِيُون،
ٻانڀَڻِ ٿِي ٻوٽِيُون، تَہ ڪُتا کينَئِي ڪيچَ جا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 1 ]

مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪَرِ پَڙاڏو پَٽُ،
سِرُ سُورِيءَ ڌَڙُ ڪُنگِرين، مَڇُڻ ڪُڇين ڪَٽُ،
عِشقُ نانگُ نِپَٽُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَوي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 15 ]

راتِ اُونداھِي ريءَ گَهڙي، نَہ ڪا سِيڻاھِ ساڻُ،
وِجِهي ويرَ مَ نَہ ڪَري، پِريان ڪارَڻِ پاڻُ،
مَحَبتَ کي مَھِراڻُ سُڪِي سَڀَ پَٽُ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 17 ]

جَهنگُ کامِي پَٽُ ٿِئو، ويئِي چوران لِڪَ،
سيڪِڙُو ۽ سِڪَ، ٻيئِي گَڏِئا پاڻَ ۾.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 10 ]

سِڱِيُون سيلِهيُون گَبِرِيُون، ٽيئي ٽولَ تَڳو،
پَٽُ ھَڻِي پَٽَ سين، ڀيري تَنِ بَڳو،
لاشَڪُ جَنِ ڳَلو، سي مَڙِهنِئان مُورِ نَہ نِڱِئا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 12 ]

پِنَنِ ڪِينَ پَٽُ کَڻِي، گُهرَنِ ڪِينَ گهَران،
مَھيسِي مَخلُوقَ جي، اُڀِيَنِ دُورِ دَران،
پُڇَنِ توءِ شَرَعَ، جَي عَدالَتَ اُنِ کي.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 5 ]

پِنَنِ جو پَٽُ کَڻِي، سو جَي سُڃاڻَنِ،
بَرَ ۾ بِيکُ لَھَنِ، پَھَرَ نَہ پُڇَنِ ڪاپَڙِي،
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 6 ]

سَما تو سِرِ ڇَٽُ، نَہ تَہ پاڳارا پُرسَ ٻِئا،
ڳَھڙَ تُنھِنجي ڳَنڃَڙي، اَچي جالَ جَڳَٽُ،
جَنِ جيھوئِي پَٽُ، تَنِ تيھائِي بِکِئا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 14 ]

مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، لوئِيءَ مَ لائُون،
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مُون کي ٻانھُنِ ٻَڌائُون،
عُمَرَ چؤُ آئُون، ڪِيئَن پَٽُ پَرَھِيان سُومَرا.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 6 ]

پَٽُ نَہ پَرَھِيان سُومَرا، جان ڪِي تان جِيئان،
آئُون ڪِيئَن لوئِي لاھِيان، ڪارَڻِ ٻِنِ ڏِينھان،
جان سين ٿِي جِيئان، ڪانڌُ نَہ ڪَندِيَسِ ڪو ٻِئو.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 7 ]