وِتَرو جي سنڌي معنيٰ
تمام، سرس، زيادہ، وڌيڪ. بھتر، سَجيھ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Much, very much, a great deal.
وِتَرو جا بيتن ۾ حوالا
ٻيڙِي پُراڻِي، وَکَرُ پاءِ نَہ وِتَرو،
تَري ۾ تُنَ گَهڻا، پاسَنِ ۾ پاڻِي،
ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي، ڪَڙُھ ڪالُهوڻي ڏِينھَن کي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 4 ]
تَري ۾ تُنَ گَهڻا، پاسَنِ ۾ پاڻِي،
ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي، ڪَڙُھ ڪالُهوڻي ڏِينھَن کي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 4 ]
سَڄو تان سَؤُ لَکَنِ لَھي ڀَڳو تان نِيلُنِ،
ماڻِڪُ مُلَهان وِتَرو، چَيو ڌُرِ ڌَڻِيَنِ،
سوجهي صَرافَنِ، بي بَھا بَسِ ڪِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 26 ]
ماڻِڪُ مُلَهان وِتَرو، چَيو ڌُرِ ڌَڻِيَنِ،
سوجهي صَرافَنِ، بي بَھا بَسِ ڪِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 26 ]
لَھَرِ مِڙيوئِي لالُ، وِھَڻُ کَٿُورِيان وِتَرو،
اوٻارا عَنبِيرَ جا، جَرَ ۾ اَچَنِ جالَ،
ڪُنَنِ گِهڙِي ڪالَهہ، سِڪَ پِريان جي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 23 ]
اوٻارا عَنبِيرَ جا، جَرَ ۾ اَچَنِ جالَ،
ڪُنَنِ گِهڙِي ڪالَهہ، سِڪَ پِريان جي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 23 ]
تَران تَہ مَران، وَران تَہ وَھُ وِتَرو،
ھِينئَڙي ۾ ھوتَنِ جا، اَچَنِ گهورَ گَهڻا،
پَسِئو پاڙي وارِيُون، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جِيئَن ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 16 ]
ھِينئَڙي ۾ ھوتَنِ جا، اَچَنِ گهورَ گَهڻا،
پَسِئو پاڙي وارِيُون، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جِيئَن ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 16 ]
مُون کي ڀانئِين ڀاڄَ، ڏيرَ ڏوراڻا ھَلِئا،
اَڳِيان اُٿِي اُنَ جي، خُوبُ نَہ پَڪَمِ کاڄَ،
ميڙي آپَ سَرَتِيُون، نَڪِي ڳايَمِ ڳاڄَ،
سا مُون ھَٿان نَہ ٿِي، جيڪا رَسَمَ راڄَ،
آيَلِ آئُون اَڪاڄَ، ٻولُ ٻَروچي وِتَرو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 13 ]
اَڳِيان اُٿِي اُنَ جي، خُوبُ نَہ پَڪَمِ کاڄَ،
ميڙي آپَ سَرَتِيُون، نَڪِي ڳايَمِ ڳاڄَ،
سا مُون ھَٿان نَہ ٿِي، جيڪا رَسَمَ راڄَ،
آيَلِ آئُون اَڪاڄَ، ٻولُ ٻَروچي وِتَرو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 13 ]
مُسافِرَ نَئُون ماءُ، وِرھُ وِھايُمِ وِتَرو،
اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ،
جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 6 ]
اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ،
جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 6 ]
نِينھَن مَ نالو ڳِنُ، پِريَتَڻي پيرَ ٻِئا،
سُورَنِ سان مَ ڇِنُ، وِرھُ وِھائِجِ وِتَرو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 7 ]
سُورَنِ سان مَ ڇِنُ، وِرھُ وِھائِجِ وِتَرو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 7 ]
سَؤُ سُکَنِ ساٽي ڏِيان، سِرُ پُڻ ڏِيان سَٽِ،
جَي مُون مِڙي مَٽِ، تَہ وِرھُ وِھايان وِتَرو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 10 ]
جَي مُون مِڙي مَٽِ، تَہ وِرھُ وِھايان وِتَرو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 10 ]
نَنڍو تان ڪوھُ، پَرَ وِکُنِ آھي وِتَرو،
وَڃِي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَھسَ پَکِيءَ جِيئَن پوءِ،
اِنَ ڪُرَ سَندو ڪوءِ، مَيو ماٺو نَہ ٿِيي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 24 ]
وَڃِي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَھسَ پَکِيءَ جِيئَن پوءِ،
اِنَ ڪُرَ سَندو ڪوءِ، مَيو ماٺو نَہ ٿِيي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 24 ]
سَمُو سَوائِي، ٻَھُون ٻِئَنئان وِتَرو،
دانَهہ جي دَرٻارِ ۾، وَرَتي اِيءَ وائِي،
ڳَھڙَ ڳالَهائِي، مَھَڙَ سَڀَ مَلَهائِيا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 25 ]
دانَهہ جي دَرٻارِ ۾، وَرَتي اِيءَ وائِي،
ڳَھڙَ ڳالَهائِي، مَھَڙَ سَڀَ مَلَهائِيا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 25 ]
English Meaning
Much, very much, a great deal.