مُنھَن جي سنڌي معنيٰ
مُک، چھرو، شڪل، صورت، روءِ، مُھڙ، واتُ، ٽنگ، ڳڙکُ، آمهون سامهون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Face, visage, countenance, mouth, opening, orfice, front
مُنھَن جا بيتن ۾ حوالا
لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، ھَلِي ڪَرِ ھِمَٿَ،
سِڄُ سامُهُون مُنھَن ۾، ڪَھَ ۾ ڪِجِ مَ ڪَٿَ،
سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄَ ڳالِهہ مِڙِين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 1 ]

جَڏَڙو جِيءُ جِيارِئو، پِرِيَنِ جِي پَچارَ سيڻَنِ جِي سَنڀالَ،
اُڃِئو تَنُ عَمِيقَ مان، پِرِيَنِ پُوڄُ پِيارئو.
سَنئُون مُنھَن ڪَري سُپِرِين، نِرمَلَ نُورَ نِھارِئو،
سائِلَنِ جِيئَن سَڏَ ڪَري، اَئِين تالُنِ کي تَنوارِئو،
مَرِضُ مَرِيضَنِ تان، اَئِين اِشاري ساڻُ اُتارِئو،
ڪَرَمَ ڪَرِيمَنِ جي، مُون کي اَھُکِيءَ مان اُڪارِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 4 ]

لوھُ ٻَري ڪَٽُ ڪَڙھي، ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَنِ،
مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ،
اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 15 ]

اَڃا تو مَنجهان، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪِري،
مُنھَن ۾ مَحبُوبَن جا، ڪِيئَن جَهلِيندين گهاءَ،
تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِئان، سِڪَڻَ جُون سَڌوُن ڪَرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 9 ]

جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ سِينو سِپَرَ رَکُ،
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، چاڪَ چُٽِڪا چَکُ،
سُورِي ڀانءِ مَ شَڪُ، عاشِقُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 7 ]

جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ سِينو سِپَرَ ڏيجِ،
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، جهالُو ٿِي جَهليجِ،
پاھان پَڳَ مَ ڏيجِ، عاشِقُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 8 ]

تارا تَرارِيُون، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ جا،
ھَڻَنِ مُنھَن پارِيُون، سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 2 ]

چَنڊَ ٿو چُئَئِين سَچُ، وِڙِھين جي وِچڙين،
ڪَڏِھِين اُڀِرين سَنِهڙو ڪَڏِھِين اُڀِرين ڳَچُ،
مُنھَن ۾ ٻَريئِي مَچُ، تو ناھِ پيشانِي پِرَ جِي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 28 ]

جَهرَڪِيُون ۾ جِيلانَ، ڪِيائُون مِيران جو مُجِرو،
جِتي غَوثُ بَھاؤالدِينُ، اُتِ مَرَڪِيُون ۾ مُلتانَ،
اَچِي اُچَ اُکَتِيُون، ڪِيائُون پُرِ پُراڻِ،
وِڄَڙِيُنِ مُنھَن ڪاڻِ، لاٿِي سِنڌُ وَڻَنِ کي.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 15 ]

سُلطانِي سُلطانُ، ڪَلَنگِيُون جَنِ ڪَپارَ ۾،
ڪيڏو شَرَفُ قُرآنَ ۾، شاھَ تُنھِنجو شانُ،
ڪوٺي ڪَربَلا ۾، مارِيائُون مِزمانُ،
مُنھَن ڪاري مَروانُ، لَعنَتَ لِکِي لَعِينَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 3 ]