مُنھِنجو جي سنڌي معنيٰ
سندم، مون وارو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
My, my own.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
مُنھِنجو جا بيتن ۾ حوالا
جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، نِيو آرِياڻِيءَ اَرواحُ،
اَنگُ اَڳھَيِن لِکئِو، مُنھِنجو مِيثاقا،
مَنْ طلَبَ شَیئاً وَ جَدَّ وَجَدَ ، اُتو عَلِيءَ شاھَ،
اَڃا ھِنَ حَدِيثَ جو، مُون کي آسِرو آھِ،
پُنهونءَ جي پَيغامَ تان، مُنھِنجو مَوتُ مُباحُ،
سَرَتِيُون دُعا ڪِجا، مَنَ ميڙائو مُون ٿِئي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 1 ]

بِلڪُلِ ڪَري نَہ بَسِ، ھِنيُون مُنھِنجو ھوتَ ري،
پِرِين جَنھِن پارِ وِئو، ڏُونگَرَ مُون کي ڏَسِ،
ٿِئو ٻاروچي وَسِ، جِيئَڻُ مُنھِنجو جيڏِيُون.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 10 ]

مُنھِنجو هِينئڙو سَنگهارَنِ ساري، هُوءِ جي ويجها وَسَ کي،
آءُ حَمِيرَ ڀَڃُ زَنجِيرَ، هِيئَن نَہ سَگهان هِتِ گهاري،
اِلاهِي عِنايَتَ سين، شَلَ کِينءَ مِڙان کِيڪاري،
قَلبُ مُنھِنجو ڪوٽَ ۾، گهايَلُ ٿو گَهاري،
مَران شالَ مَلِيرَ ۾، گولُنِ ساڻُ گُذاري،
پَکو پاڻِيءَ وِچَ ۾، پاڻِي پَکَي ڌاري،
اَمُنَ سان، عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، والِي وَطَنِ واري.
[ سُر مارئي، وايون، 12 ]

مُون مَنُ مارُوءَ جو، مارُوءَ جو مُنھِنجو،
مُنھُن مُنھِنجو سُومَرا، مَرُ ميرو ئِي هوءِ،
ڌوتوءِ ڌوراڻِنِ ۾، مَتان مارُو چوءِ،
لارُون جٖي لُڙڪَنِ جُون، ڳِنِهي وَڃان توءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 20 ]

مُنھِنجو مَنُ مَلِيرُ، ڪوٽَنِ ۾ ڪِيئَن گَهارِئان،
پِيان شالَ پَيُون ڀَري، پائُرَ جو پَنِيرُ،
سَرَتِيُون پَسان سُومَرا، جِيئَري لاھِ زَنجِيرُ،
اَدا تُون مُنھِنجو آهِيين، اِذنُ ڏي اَمِيرَ،
مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، کِلئِو پِيَنِ کِيرُ،
اُنِ کي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ساري ٿو سَرِيرُ.
[ سُر مارئي، وايون، 22 ]

ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري،
گولِي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُودُ ثَوابَ،
نَڪِي تَقاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجِهہ رَبابَ،
خُدِيائِي خُوبُ ٿِيين، لائِيين جَي لُعابَ،
پَلِيتو ئِي پاڪُ ٿِيين، جُنُبِئو مَنجِهہ جُنابَ،
ھادِيءَ سين ھُنَ پارَ ڏَي، ريڙِيين ساڻُ رِڪابَ،
چَنبو وِجِهي چورَ جِيئَن، آئُون ڇَڙِ عُقابَ،
دِيدُ وِڃايُمِ دوسِتَ جو، ھَلِي مَنجِهہ حِجابَ،
ڪَسرَتَ آھي قُرِبَ ۾، اِدغا ۾ اِعرابَ،
سو نَہ ڪَنھِن شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِهہ تُرابَ،
جٖي جَهرَڪِئا جَرَ تي، اِيءَ تانْ سَڀَ حُبابَ،
فَنا وِجَهندَءِ فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيءُ ڪَبابَ،
ڏي طَھُورا تَنِ کي، جٖي سِڪَنِ لَئي شَرابَ،
مُٺِيءَ ڪِئا مَرضَ ۾، ياوَھ سَڀَ جَوابَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 1 ]

آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن،
مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان سَيِّدَ سِينءَ،
وِئو وَڻِجارو اوھَرِي، مُون کي چاڙِھي چِيئَن،
گُوندَرَ مَٿان جِندَڙي، وَرِئا وَلِيُنِ جِيئَن،
اُڏوھِيءَ جِيئَن ڏُکَڙا، چَڙِهئا چوٽِيءَ سِينءَ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 5 ]

اَوَلِ آخر آھِ، ھَلَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ڏي،
پورِهئو سَندو پورِھَيتين، والِي ڪِيمَ وِڃاءِ،
سو مُون ٿورَو لاءِ، جِيئَري مِلان جَتَ کي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 1 ]

تُون مُنھِنجو آھِين، توکي تَڙي ڪيرُ،
لِکَ سين وِڌُءِ ويرُ، مَرُ سِکَنِ سُھاڳِڻِيون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 12 ]