مُنھِنجُون جي سنڌي معنيٰ
مون واريون. منھنجيُون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
My, mine.
مُنھِنجُون جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ،
اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان،
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا عِصِيانَ،
خَبَرَ ناھِ خَبَرَ جِي، نِسورا نِسِيانَ،
والِي رَسِجِ وَھِلو، اَرَڳُ ٿِئا اِنسانَ،
سُڻُ سَٻاجها سُپِرِين، نَعرو نِگَھِبانَ،
مَدِيُون پَسِي مُنھِنجُون، شَرِمايا شَيطانَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ تي، ھئَي ھئَي ڪَنِ حَيوانَ،
سائِين سُکاڻِي آھِين، سامُونڊِيَنِ سُبحانَ،
تُرَھو ڇِنو تارِ ۾، رَسِجِ تُون رَحمانَ،
ٻيلِي جَو ٻُڏَنِ جو، مُون تي موٽي مانَ،
ويٺو پِني پِنِڻو ڪَرِ ڀيرو مَٿي ڀانَ،
خالِقَ تان خُوبُ ڪِئا، گولَنِ جا گُذِرانَ،
آئُون پُڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ،
سُوالِي سَمَگِئا داتا ڏيئِي دانَ،
وِلِها سَڀَ وَنھِيا ڪِئا، تُنھِنجي جُودَ جُوانَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، ٻيلِي سَندا ٻانَ،
وِيرَ وَسِيلو آھِين، داڙُو ۾ دِيوانَ،
لاءِ ڏوھارِيَنِ ڏيھَ کي خِيمو اَڏِئو خانَ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 3 ]

دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جَتِ تِکيُون تَنوارُون،
مُنھِنجُون مانَ ميھارَ کي، پَهچَنِ پُڪاروُن،
لَھُ ساھَڙَ سَنڀارُون، لَهِرِنِ لوڏِي نَہ مَران.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 13 ]

مُنھِنجِي مَحبُوبَنِ، ڪَچِي ڪِئَڙِي ڪا نَہ ڪا،
توڻي اَگَلِي آھِيان، تان پِي سَندي تَنِ،
جا مُون ڏيئِي جَنِ، مُنھِنجُون ڍِلِيُون سَڀَ ڍَڪايون.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 13 ]

توکي مَعلُومُ مُنھِنجُون، سوڍا سَڀَيئِي،
آڳانڍو اَرواحَ کي، آھِينِ اُھيئِي،
وِھَڪَ مُون ويئِي، پُڇايو پُڇان پَھِي.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 14 ]
آڳانڍو اَرواحَ کي، آھِينِ اُھيئِي،
وِھَڪَ مُون ويئِي، پُڇايو پُڇان پَھِي.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 14 ]
مُنھِنجُون ڳالِهيُون مارُوءَ ساڻُ، ڍولِئي ساڻُ،
سُومَرا آئُون ٿَر وَڃان،
مُون کي مُون پِرِيَنِ جُون، مَرُ ٿِيُون ليڙُون لُڏَنِ،
ٻَڌا ٻانھنِ ۾، سَڳا ٿا سُونھَنِ.
[ سُر مارئي، وايون، 26 ]

آءُ پِرِين گهَرِ پيھِي، مِيان چَنيسَرَ، ھارُ ھَٿان مُون ڇڏِئو،
پُڇَنِ لِيلان ھُوءِ ڪَنِ حِيلا، ٻَھران اَچِئو ٻيئِي،
دوسِتُ نِئائُون داسَڙو، ويساھي وَرُ ويھِي،
اَوَڳُڻَ عَيبَ مَٺايُون، مُنھِنجُون ڍولا ڍَڪِ سَڀَيئِي،
تو دَرِ اَچِي داسَڙا، آرَ ڪَرِينديسِ ڪيھِي.
[ سُر ليلا، وايون، 1 ]