مَنَھَن جي سنڌي معنيٰ
لانڍيءَ، ڇاپري، ڇاڄي، ڇني، ڇَپر، ڇَن. (مَنَھُن معنا ڍڪ. ڪکن ڪانن يا تيلن جي ڇت)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Shed, a thatched roof.
مَنَھَن جا بيتن ۾ حوالا
اوڏِي آيَس جانۡ پِريان جي پيچِري، ويجهِي وِندُرَ جَنِ وَرَنِ،
مَدِي نَہ ھُيَنِ مَنَ ۾، ڪيچان ڪوھُ اَچَنِ،
جٖي تو اوڏا ڀانيا، ڏُونگَرَ ڏُورِ ڏِسَنِ،
آڻي ٻَڌا اوٺِيين، موتِي کي مَيَن،
آڻي لاٿِيُون اوٺِيين، لَڏوُن ڀَر لَڪَنِ،
وِندُرِ وائِي جا وَھي، مُون کي سا نَہ سَلَنِ،
سُونھَنِ سَنگهَر پَٽِيين، مَنَھَن مَعذُورِيَنِ،
مَرَڻَ مُنھِنجي کي ڪِئو، ھِيءُ پَھُ ٻاروچَنِ.
[ سُر آبڙي، وايون، 9 ]

ڏُورِ وَڃِئو ڏِينھَن لائي، ڪا مُنھِنجي سوڍي سَمجهائي،
جيڏِيُون راڻي کي رَحمُ پَئي،
ڇَنا مَنَھَن ماڙِيُون اوڏاھِين اَڏائي،
ميڙِ مُنجان ٿي مَينڌَري، پاندُ ڳِچِيءَ ۾ پائي،
ميڙِ منھِنجِي مَينڌَرو، مانَ موٽائي،
ساھُ مُنھِنجو سُپِرِين، ڪامَ وَٺِئِو ٿو ڪاھي،
ساڻيھَ مَٿي سُپِرِين، واڳُون وَرائي،
فَقِيرِ مِينھَن فِراقَ جا، ويٺِي وَسائي.
[ سُر راڻو، وايون، 8 ]

مَٿان مَنَھَن مُنھِنجي، ڪَنھِن اُڏايو ڪانءُ،
ڳِنِهِي آيو ڳالِهڙِي، سَندِي سُپيرِيان،
جيڏِيُون جاڙَ ڪِيانءَ، سومِ ھُوندَ سَنِيھَڙو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 11 ]
ڳِنِهِي آيو ڳالِهڙِي، سَندِي سُپيرِيان،
جيڏِيُون جاڙَ ڪِيانءَ، سومِ ھُوندَ سَنِيھَڙو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 11 ]
سَمي ساماڻي، سَمَرُ کَڻو نَہ ساٿِئا،
ڇَنا ڇانئي ڇَڏِئا، مَنَھَن مَهماڻي،
ھَلِبو ھاڻي، جِتِ وَحدَتَ جو وِيءُ وَھي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 27 ]
ڇَنا ڇانئي ڇَڏِئا، مَنَھَن مَهماڻي،
ھَلِبو ھاڻي، جِتِ وَحدَتَ جو وِيءُ وَھي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 27 ]
سَڌَرُ شَھتِيرَنِ ۾، ڀَرَجَهلو بارِي،
مَنَھَن مُنِي جَکِرو، طامِعَنِ تارِي،
سَمي سُوالِيَنِ کي، ويلھَ وِسارِي،
پُڇي سي پارِي، جَي عاجِزُ اُجُورَنِ ۾.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 16 ]
مَنَھَن مُنِي جَکِرو، طامِعَنِ تارِي،
سَمي سُوالِيَنِ کي، ويلھَ وِسارِي،
پُڇي سي پارِي، جَي عاجِزُ اُجُورَنِ ۾.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 16 ]
English Meaning
Shed, a thatched roof.