مَٿو جي سنڌي معنيٰ
مَٿو، جسم جو مٿيون عضوو، چوٽي، چوٽُ، مٺُ، مُنڍي، سِري، سِسي، مُنڍُ، مُنڍو، سِرو، سيراندي، اڳياڙي، مٿيون يا مُنڍائتو ڇيڙو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Head, head and neck, crown of head, cranium, cephale
مَٿو جا بيتن ۾ حوالا
مَٿو مَٿانئِي گهورِيان، مَٿو تو مَٿان،
سو موُن ٿِيي نَہ ھَٿان، جَنھِن تُون لائِقُ مَڱڻا.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 15 ]
سو موُن ٿِيي نَہ ھَٿان، جَنھِن تُون لائِقُ مَڱڻا.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 15 ]
مَٿو مَٿانئِي گهورِيان، مَٿو تو مَٿان،
ھَڏو ھِيءُ ھَٿِ ڪَري، جاجِڪَ وَھِلو جا،
تُون سين اَنِيراءِ، واچا ۾ وِلِهو ٿِيين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 16 ]
ھَڏو ھِيءُ ھَٿِ ڪَري، جاجِڪَ وَھِلو جا،
تُون سين اَنِيراءِ، واچا ۾ وِلِهو ٿِيين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 16 ]
مَٿو ۾ کِيڪارَ، يارَ ڏانَ ڏِيندو سانءِ ٻِئا مَڱڻا،
مَٿو مُورِ نَہ پاڙِيان، تُنھِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ،
سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ ڪِي، موٽُ مَ مَڱڻَھارَ،
لَڄِيندو ٿو لاھِيان، ڪِينِهي مَنجِهہ ڪَپارَ،
جاجِڪَ جُهونا ڳَڙَه ۾، ھَلُ تَہ ٿِيُون يارَ،
مَڇُڻ موٽِي ڪَرِيين، گِلا جِي گُفتارَ.
[ سُر سورٺ، وايون، 3 ]

جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙين ڪاٽي،
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ مَنجهان گهاٽي،
جو وَرَنَھَ وِھاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 18 ]
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ مَنجهان گهاٽي،
جو وَرَنَھَ وِھاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 18 ]
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وَنءُ ڪَلاڙَڪي ھَٽِ،
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 19 ]
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 19 ]
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ ساءِ،
ڪَندا ٻِي نَہ ڪا، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 9 ]
ڪَندا ٻِي نَہ ڪا، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 9 ]
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، مَٿي مَچَ مِڙِي،
ويندا تان نَہ کِڙِي، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 13 ]
ويندا تان نَہ کِڙِي، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 13 ]
جيڏانھَن قاتِلَ ڪُلَ، اَکِيُون اوڏانھِين کَڻي،
مَٿو ڪَنِ نَہ مُلَ، پِڪَ بَرابَرِ پانھِنجو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 5 ]
مَٿو ڪَنِ نَہ مُلَ، پِڪَ بَرابَرِ پانھِنجو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 5 ]
موکِيءَ سَندي مَٽَ ۾، ڪو جو زَھَرَ ذَرو،
پِيئَندي پوشِيدَنِ، کي پِئڙو ڪو نَہ پَرو،
مَٿو مَھايَنِ جو، ڪِئو ڳَھَرَ ڳَرو،
ٿِيُنِ کيپُ کَرو، گهوٽَ گِهڏِي گهَرِ آيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 17 ]
پِيئَندي پوشِيدَنِ، کي پِئڙو ڪو نَہ پَرو،
مَٿو مَھايَنِ جو، ڪِئو ڳَھَرَ ڳَرو،
ٿِيُنِ کيپُ کَرو، گهوٽَ گِهڏِي گهَرِ آيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 17 ]
ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، ھِيءَ تان جُنبِي جوءِ،
ھِنَ پاڻِيءَ سين پانھِنجو، مُورِ نَہ مَٿو ڌوءِ،
جَي پِرِينءَ پاسي ھوءِ، تَہ توڏِيءَ ڪَرَ تَڙُ ڪِئو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 3 ]
ھِنَ پاڻِيءَ سين پانھِنجو، مُورِ نَہ مَٿو ڌوءِ،
جَي پِرِينءَ پاسي ھوءِ، تَہ توڏِيءَ ڪَرَ تَڙُ ڪِئو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 3 ]
English Meaning
Head, head and neck, crown of head, cranium, cephale