سوڍو جي سنڌي معنيٰ
مُومل جو مڙس. مينڌرو، ”راڻو سوڍو“، مومل راڻي جي ڪھاڻي جو هيرو. سوڍا قبيلي جو هڪ فرد.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Husband of Moomal, Person of Sodha community, Mendhro (Proper noun), Hero of Moomal Rano Chapter
سوڍو جا بيتن ۾ حوالا
چَندَنَ سين چِڪَ ڪَري، جِتِ رَنيائِين راڻي کي،
ھاڻي اُنِين ڀيڻِيين، وِرِھَ وَراڪا ڏي،
سوڍو سُڃَ ڪَري، مُومَلَ ماڻي ھَلِئو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 8 ]
ھاڻي اُنِين ڀيڻِيين، وِرِھَ وَراڪا ڏي،
سوڍو سُڃَ ڪَري، مُومَلَ ماڻي ھَلِئو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 8 ]
رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، سوڍو سَوائِي،
لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، لالِي تَنھِن لائِي،
ڪانِهي ٻِي وائِي، ٿِئو مِڙوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 11 ]
لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، لالِي تَنھِن لائِي،
ڪانِهي ٻِي وائِي، ٿِئو مِڙوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 11 ]
رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، سوڍو سَڀَنِي سُونھَن،
لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، مَٿان، دِلِيَن دُونھَن،
ڪانِهي ٻِي وِرُونھَن، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 12 ]
لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، مَٿان، دِلِيَن دُونھَن،
ڪانِهي ٻِي وِرُونھَن، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 12 ]
ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ ۾، پاڻان وِئا پَئِي،
لوڌِيَڙَنِ لَطِيفُ چئَي، سوڍو ڪِئو سَھِي،
مُومَلَ ماڳِ رَھِي، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 14 ]
لوڌِيَڙَنِ لَطِيفُ چئَي، سوڍو ڪِئو سَھِي،
مُومَلَ ماڳِ رَھِي، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 14 ]
راڻو ڀانيو راندِ، وَڃِئو ڪِيئَن وِڙَ رانِئيُين،
وَرُ وِڏُوھِئو اِينھَئِين، جِيئَن پَرُ پُڄِتوءِ پاندِ،
ھَئَي ڀَڳِيَئِي ھيڪاندِ، سوڍو سارِيندينءَ گهَڻو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 1 ]
وَرُ وِڏُوھِئو اِينھَئِين، جِيئَن پَرُ پُڄِتوءِ پاندِ،
ھَئَي ڀَڳِيَئِي ھيڪاندِ، سوڍو سارِيندينءَ گهَڻو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 1 ]
سَڱُ ڪَري سين شِينھَن، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين،
رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتو مَنجهان نِينھَن،
اُونءَ مَ وَسِجِ عامَ تي، جِيئَن مُومَلَ وَسَنِ مِينھَن،
سَندي حَشَرَ ڏِينھَن، سوڍو سارِييندِينءَ گهَڻو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 2 ]
رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتو مَنجهان نِينھَن،
اُونءَ مَ وَسِجِ عامَ تي، جِيئَن مُومَلَ وَسَنِ مِينھَن،
سَندي حَشَرَ ڏِينھَن، سوڍو سارِييندِينءَ گهَڻو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 2 ]
راڻي سَندو رُوحَ ۾، پَسُ جو پَڳَھُ پِئومِ،
ٻيڙِيءَ جِيئَن ٻَڌِي وِئو، سوڍو ساھُ سَندومِ،
وِھَڻُ وِھُ ٿِئومِ، جاڳِئو تي جَرُ ھارِيان.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 23 ]
ٻيڙِيءَ جِيئَن ٻَڌِي وِئو، سوڍو ساھُ سَندومِ،
وِھَڻُ وِھُ ٿِئومِ، جاڳِئو تي جَرُ ھارِيان.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 23 ]
اَچِئو آتَڻَ وارِيُون، مُون کي طَعنا ڏِينِ تي،
ڪِيئَن ڪَرِيان ڪاڏي وَڃان، مُون کي سوڍو سَجُهہ نَہ ڏي،
پَٿَرِ وارَ وِڇايان، آئُون رِيجِهي راڻي کي،
کارايان کِيرولِيُون، آئُون چارِيان چانگي کي.
[ سُر راڻو، وايون، 7 ]
ڪِيئَن ڪَرِيان ڪاڏي وَڃان، مُون کي سوڍو سَجُهہ نَہ ڏي،
پَٿَرِ وارَ وِڇايان، آئُون رِيجِهي راڻي کي،
کارايان کِيرولِيُون، آئُون چارِيان چانگي کي.
[ سُر راڻو، وايون، 7 ]
مُون وَٽِ مِيرُ مَينڌَرو، اَدِيُون اَڄُ اِيندو،
سوڍو اَچِي سُھاڳَ جا، ڏانَ وَڏا ڏِيندو،
بَدِيُون بَخشِيندو، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪاڪِ جو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 9 ]
سوڍو اَچِي سُھاڳَ جا، ڏانَ وَڏا ڏِيندو،
بَدِيُون بَخشِيندو، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪاڪِ جو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 9 ]
سوڍو تِيئَن نَہ سِکِئو، جَڳُ جِيھين چوءِ،
راڻو تِيئَن نَہ روءِ، ڳوڙھو جِيئَن ڳَلِ ڳَڙي.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 15 ]
راڻو تِيئَن نَہ روءِ، ڳوڙھو جِيئَن ڳَلِ ڳَڙي.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 15 ]
English Meaning
Husband of Moomal, Person of Sodha community, Mendhro (Proper noun), Hero of Moomal Rano Chapter