جان جي سنڌي معنيٰ
جيان، وانگر، مثل
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Same, like, as
جان جا بيتن ۾ حوالا
سَڌين سيڻَ نَہ ھُونِ، نِينھُن نِياپي نَہ ٿِئي،
ڪارِيءَ راتِ رَتُ ڦُڙا، جان جان نيڻَ نَہ رُونِ،
موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو، پِڙَ تي سيئِي پُونِ،
جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين، سي مَرُ رويو رُونِ.
[ سُر کنڀات، وايون، 4 ]
ڪارِيءَ راتِ رَتُ ڦُڙا، جان جان نيڻَ نَہ رُونِ،
موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو، پِڙَ تي سيئِي پُونِ،
جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين، سي مَرُ رويو رُونِ.
[ سُر کنڀات، وايون، 4 ]
روئِي لاٿو مُون، جان جان ڏُکُ نَہ ھو ڏُونگَرين،
وِئو ٻاروچو نِڪرِي، اللهَ آھِين تُون،
ڪَھان تان ڪيچان پَري، وِھان تان وَٽِ مُون،
عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ کي، ڀُلِي ڏورِيَمِ ڀُون،
سَڀَ رَڱيِندِيَسِ رَتَ سين، ڪيچان اوري ڀُون،
لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، اَمَڙِ جَهلِ مَ مُون،
ڪانگَ لَمَندا ڪَڏِھيِن، مادَرِ مَٿان مُون،
ھِتي ھُتي لَطِيفُ چئَي، سَدا آھِين تُون.
[ سُر حسيني، وايون، 22 ]

مُومَلَ ناھِ مَينڌَرو، جان جان مَنجِهہ نَصِيبَ،
مُون کي مُون حَبِيبَ، طَعنو ئِي تُنھِنجو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 20 ]
مُون کي مُون حَبِيبَ، طَعنو ئِي تُنھِنجو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 20 ]
مُون کي دوسِتَ حَبِيبَ جو، آسِرو آھي،
جان جان اوڏا ڪَرَھا، پُڄان تان ڪاھي،
موٽُ مُنھِنجا سُپِرِين، واڳُون وَرائي،
آھي ڪَمُ ڪَرِيمَ جو، جِيئَن لَڱا لَنگهائي،
لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، مُوڙَھا مِلائي،
شَفاعَتَ جا شَفيعَ جي، تَنھِن ۾ ڦيرُ ھَڏِ ناھي،
مِيرُ مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، جو اَڙِئا ڇُٽائي.
[ سُر بلاول، وايون، 3 ]

پَٽُ نَہ پَرَھِيان سُومَرا، جان ڪِي تان جِيئان،
آئُون ڪِيئَن لوئِي لاھِيان، ڪارَڻِ ٻِنِ ڏِينھان،
جان سين ٿِي جِيئان، ڪانڌُ نَہ ڪَندِيَسِ ڪو ٻِئو.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 7 ]
آئُون ڪِيئَن لوئِي لاھِيان، ڪارَڻِ ٻِنِ ڏِينھان،
جان سين ٿِي جِيئان، ڪانڌُ نَہ ڪَندِيَسِ ڪو ٻِئو.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 7 ]
جان عاشِقَ مَٿي ماسُ، تان دَعويٰ ڪَري مَ نِينھَن جِي،
سائو مُنھُن سُونھَن ڳَئِي، لِڱَنِ ناھِ لِباسُ،
اُڀو پِريان پاسِ، مَٿان سِرَ سودا ڪَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 7 ]
سائو مُنھُن سُونھَن ڳَئِي، لِڱَنِ ناھِ لِباسُ،
اُڀو پِريان پاسِ، مَٿان سِرَ سودا ڪَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 7 ]
ڪَرَھي کي ڪَئِين، جان وِڌَمِ پَيندَ پَلَڻَ جا،
ليڙو لاڻِيءَ کي چَري، نِيَرَ ساڻُ نَئِي،
چانگي سَندي چِتَ ۾، ڪا صاحِبَ وِجُهہ سَنئيِن،
اوباھِيوسِ آھين، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 25 ]
ليڙو لاڻِيءَ کي چَري، نِيَرَ ساڻُ نَئِي،
چانگي سَندي چِتَ ۾، ڪا صاحِبَ وِجُهہ سَنئيِن،
اوباھِيوسِ آھين، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 25 ]
نَوَ نِيَرَ پائي، جان مُون ھِينئَڙو جَهلِئو،
وِئَڙو ڇَنائي، پوئيِنءَ راتِ پِرِيَنِ ڏي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 28 ]
وِئَڙو ڇَنائي، پوئيِنءَ راتِ پِرِيَنِ ڏي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 28 ]
اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جان،
ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري، سَري صَرافَنِ وانءُ،
تان تُون تِئان، سَڄو ڪَرائِين سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 22 ]
ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري، سَري صَرافَنِ وانءُ،
تان تُون تِئان، سَڄو ڪَرائِين سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 22 ]
ماڻِڪُ مُنڌَ ھَٿان، پيتِيءَ ۾ پُرزا ٿِئو،
سَڄو جان سَيِّدُ چئَي، لَھي لَکُ سَوا،
ڀَڳي پُڄاڻا، پَدَمائِين پَري ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 25 ]
سَڄو جان سَيِّدُ چئَي، لَھي لَکُ سَوا،
ڀَڳي پُڄاڻا، پَدَمائِين پَري ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 25 ]
English Meaning
Same, like, as