ڪَنڌُ جي سنڌي معنيٰ
ڪَنڌُ. ڳچيءَ جو پٺيون پاسو، ڳاٽو، گردن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The neck, the back of the neck, nape.
ڪَنڌُ جا بيتن ۾ حوالا
عِناتا اِتاھِين، جانِي جَڙي ٻَڌُ،
آھي گهَڻو اَھکو، فَقِيريءَ جو فَندُ،
چَکين تَہ چَرِئو ٿِيين، مَيخاني جو مَندُ،
ڪِينَ ڪَڍَندين ڪَنڌُ، مَنجهان سَڱُ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 12 ]
آھي گهَڻو اَھکو، فَقِيريءَ جو فَندُ،
چَکين تَہ چَرِئو ٿِيين، مَيخاني جو مَندُ،
ڪِينَ ڪَڍَندين ڪَنڌُ، مَنجهان سَڱُ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 12 ]
راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پَٽِنِ وَڏو پَنڌُ،
ھَلَندي حَبِيبَنِ ڏي، ڪَرَھا موڙِ مَ ڪَنڌُ،
ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻَڌُ، جَو پَھچائي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 4 ]
ھَلَندي حَبِيبَنِ ڏي، ڪَرَھا موڙِ مَ ڪَنڌُ،
ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻَڌُ، جَو پَھچائي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 4 ]
آئُون جٖي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَنڊَ پَلَئِہ ٻَڌُ،
چَئِجِ حالُ حَبِيبَ کي، نيئِي نِوِڙائي ڪَنڌُ،
تو تيڏاھِين پَنڌُ، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 5 ]
چَئِجِ حالُ حَبِيبَ کي، نيئِي نِوِڙائي ڪَنڌُ،
تو تيڏاھِين پَنڌُ، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 5 ]
جَرَ گِهڙِيي جوکو ٿِئي، آئُون ڪِ نَہ ڄاڻان اِيئَن،
قَضا جَا ڪَرِيمَ جِي، تَنھِن کان ڪَنڌُ ڪَڍِئو ڪِيئَن،
ھِڪُ لِکِئي ٻِئو نِينھَن، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 22 ]
قَضا جَا ڪَرِيمَ جِي، تَنھِن کان ڪَنڌُ ڪَڍِئو ڪِيئَن،
ھِڪُ لِکِئي ٻِئو نِينھَن، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 22 ]
سَوين سائِرَ ٻوڙِيُون، مُنڌَ ٻوڙِئو مَھِراڻُ،
وَھَ وِڃايو پاڻُ، ھَڻي ڪَنڌُ ڪَپَنِ سين.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 17 ]
وَھَ وِڃايو پاڻُ، ھَڻي ڪَنڌُ ڪَپَنِ سين.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 17 ]
نِڪِرُ ڏُکِي ڏيھَ مان، ھاڻي ڇَڏِ ھِيءُ ھَنڌُ،
ڪارَڻِ ھوتَ پُنهونءَ جي، راھَ پُڇائِجِ رَندُ،
سَفَرُ طَوِيلُ وَزادَھا قَلِيلُ، پَٽِيين اَڙانگو پَنڌُ،
ڪِيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 28 ]
ڪارَڻِ ھوتَ پُنهونءَ جي، راھَ پُڇائِجِ رَندُ،
سَفَرُ طَوِيلُ وَزادَھا قَلِيلُ، پَٽِيين اَڙانگو پَنڌُ،
ڪِيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 28 ]
ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پارَ نَہ ڄاڻان پَنڌُ،
ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، نايو ٿِي نَعرو ھَڻان.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 6 ]
ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، نايو ٿِي نَعرو ھَڻان.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 6 ]
ھوتُ نيڻان جو دِلِبَندُ، ڀَلو جانِي،
ھيڏَانھَن ھوڏانھَن سُپِرِين، ڪاڏي وَرايان ڪَنڌُ،
چَڙِهي ڏاڍِين ڏُونگَرين، راھَ پُڇايان رَندُ،
سَيِّدُ سَڀَنِئا سُهِڻُو، سائِينءَ جو سوڳَندُ.
[ سُر بروو سنڌي، وايون، 1 ]
ھيڏَانھَن ھوڏانھَن سُپِرِين، ڪاڏي وَرايان ڪَنڌُ،
چَڙِهي ڏاڍِين ڏُونگَرين، راھَ پُڇايان رَندُ،
سَيِّدُ سَڀَنِئا سُهِڻُو، سائِينءَ جو سوڳَندُ.
[ سُر بروو سنڌي، وايون، 1 ]
سَڱُ ڪَري سين شِينھَن، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين،
رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتو مَنجهان نِينھَن،
اُونءَ مَ وَسِجِ عامَ تي، جِيئَن مُومَلَ وَسَنِ مِينھَن،
سَندي حَشَرَ ڏِينھَن، سوڍو سارِييندِينءَ گهَڻو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 2 ]
رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتو مَنجهان نِينھَن،
اُونءَ مَ وَسِجِ عامَ تي، جِيئَن مُومَلَ وَسَنِ مِينھَن،
سَندي حَشَرَ ڏِينھَن، سوڍو سارِييندِينءَ گهَڻو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 2 ]
وَٺِئو وَڃِجِ وَٽَ، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين،
لوڻي ڦيرِ لَپاٽَ، لَڳَندِيَئِي لَطِيفُ چئَي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 3 ]
لوڻي ڦيرِ لَپاٽَ، لَڳَندِيَئِي لَطِيفُ چئَي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 3 ]
English Meaning
The neck, the back of the neck, nape.
ڪَنڌُ ٻول جا زمرا