سِڄَ جي سنڌي معنيٰ
سج، سورج، آفتاب، شمس، آڏِتِ، آدتيه، سُورِيه، مِھر. (ھن نظام شمسيءَ جو ستارو)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The sun
سِڄَ جا بيتن ۾ حوالا
لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، ھَلِي ڪَرِ ھِمَٿَ،
سِڄُ سامُهُون مُنھَن ۾، ڪَھَ ۾ ڪِجِ مَ ڪَٿَ،
سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄَ ڳالِهہ مِڙِين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 1 ]
سِڄُ سامُهُون مُنھَن ۾، ڪَھَ ۾ ڪِجِ مَ ڪَٿَ،
سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄَ ڳالِهہ مِڙِين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 1 ]
ڪَري سُڃَ سَنجهي وِئا، اُٿِيَسِ آئُون اَويرَ،
لَڙِيي سِڄَ لَطِيفُ چئَي، پيئي کَڻان پيرَ،
ڀَلي ڏَمَرِئا ڏيرَ، جِنِ واري نِينھَن نَئُون ڪِئو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 5 ]
لَڙِيي سِڄَ لَطِيفُ چئَي، پيئي کَڻان پيرَ،
ڀَلي ڏَمَرِئا ڏيرَ، جِنِ واري نِينھَن نَئُون ڪِئو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 5 ]
اُلَھِي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏُونگَرُ،
سَسُئِيءَ کي سَيِّدُ چئَي، سُورَنِ جو سَمَرُ،
ڪُٺَلِ رَکِئو ڪَرُ، ويچارِيءَ وَڻِڪارَ تي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 7 ]
سَسُئِيءَ کي سَيِّدُ چئَي، سُورَنِ جو سَمَرُ،
ڪُٺَلِ رَکِئو ڪَرُ، ويچارِيءَ وَڻِڪارَ تي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 7 ]
اُلَھِي سِڄَ اَويرَ، مَ ڪَرِ مَعذُورِنِ تي،
پَسِي مَران پيرَ، ڏُونگَرِ ٻاروچَنِ جا.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 8 ]
پَسِي مَران پيرَ، ڏُونگَرِ ٻاروچَنِ جا.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 8 ]
وِئو ٻاروچو نِڪِرِي، ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن،
سِڄَ اُلَٿي سِيئَن، سَٽُون ڏِيندِيَسِ سُڃَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 9 ]
سِڄَ اُلَٿي سِيئَن، سَٽُون ڏِيندِيَسِ سُڃَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 9 ]
سِڄَ اُلَٿي سَسُئِي، رَتَ وَرَنو روءِ،
نَہ پَھِي نَہ پانڌِي ڪو، جَنھِن ڪَرَ پُڇي لوءِ،
مُوڙِھِي وَڃي توءِ، موٽَڻَ جِي ڪا نَہ ڪَري.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 10 ]
نَہ پَھِي نَہ پانڌِي ڪو، جَنھِن ڪَرَ پُڇي لوءِ،
مُوڙِھِي وَڃي توءِ، موٽَڻَ جِي ڪا نَہ ڪَري.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 10 ]
ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَھَرَ سِڄَ کان پوءِ،
پَسو سُونھَن سامِيءَ جِي، رَتُ وَرِنو روءِ،
جو مُنھِن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ تَنھِن مَسَ ٿِئي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 3 ]
پَسو سُونھَن سامِيءَ جِي، رَتُ وَرِنو روءِ،
جو مُنھِن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ تَنھِن مَسَ ٿِئي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 3 ]
جوڳِيءَ تي جَڙاءُ، نِسورو ئِي نِينھَن جو،
پَتَنگَ جِيئَن پَيدا ٿِئو، سامِي سِڄَ وَڙاءُ،
آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُنوارِنِ ڪَڪورِئو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 11 ]
پَتَنگَ جِيئَن پَيدا ٿِئو، سامِي سِڄَ وَڙاءُ،
آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُنوارِنِ ڪَڪورِئو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 11 ]
جِتي عَرشُ نَہ اُڀُ ڪو، زَمِينَ ناھِ ذَرو،
نَڪو چاڙاھو چَنڊَ جو، نَڪو سِڄَ سَرو،
اُتي آديسِيَنِ جو، لَڳو دَنگُ دَڙو،
پَري پِئُنِ پَرو، ناٿُ ڏِٺائُون نانھِن ۾.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 21 ]
نَڪو چاڙاھو چَنڊَ جو، نَڪو سِڄَ سَرو،
اُتي آديسِيَنِ جو، لَڳو دَنگُ دَڙو،
پَري پِئُنِ پَرو، ناٿُ ڏِٺائُون نانھِن ۾.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 21 ]
جِھَڙِي سِڄَ ڪَڪورَ، تِھَڙِي مي اَکِيُنِ ۾،
ڪِينجُهرَ ٻِنِهي ڪَنڌِيين، مييُون ٽِلَنِ مورَ،
تَماچِيءَ تَنبُورَ، راتِ وَڄايا ريلَ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 2 ]
ڪِينجُهرَ ٻِنِهي ڪَنڌِيين، مييُون ٽِلَنِ مورَ،
تَماچِيءَ تَنبُورَ، راتِ وَڄايا ريلَ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 2 ]
English Meaning
The sun