سِڄُ جي سنڌي معنيٰ
سج، سورج، آفتاب، شمس، آڏِتِ، آدتيه، سُورِيه، مِھر. (ھن نظام شمسيءَ جو ستارو)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The sun
سِڄُ جا بيتن ۾ حوالا
مُڙِئو سِڄُ مَٿان، پوڃاڙِي پَيدا ٿِي،
سِڄُ مَٽائي ساءُ، اُلَهَڻَ کي اوڏو ٿِئو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 6 ]

لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، ھَلِي ڪَرِ ھِمَٿَ،
سِڄُ سامُهُون مُنھَن ۾، ڪَھَ ۾ ڪِجِ مَ ڪَٿَ،
سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄَ ڳالِهہ مِڙِين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 1 ]

اَڃا پَنڌُ اَڳي ٿِئو، مُڙِئو سِڄُ مَٿان،
ڏَڍُ مُنھِنجي ڏِيلَ جو، وِئو ھوتُ ھَٿان،
ٻَڌِي ٻاروچو وِئو، جَمَعُ جانِ جَتا،
ڪارَڻِ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، ڪِيَمِ ڪانَہ ڪَٿا،
مُون کي نِينِ نَٿا، پِرِين مُلِڪِ پانھِنجي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 25 ]

اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ
چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ،
پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن اُلَھِي ڪَئِي اَويرَ،
ڇَھُون ويرِي چَنڊُ ٿِئو، جَو کِڙِئو نَہ وَڏِيءَ ويرَ،
سَتُون ويرِي ڇَپَرُ ٿِئو، جَنھِن سَنوان ڪِئا نَہ سيرَ،
واھيري جِي ويرَ، ٿِي ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 7 ]

ويٺي مُون وِئو، لَڙِي سِڄُ لَڪَنِ تان،
آئُون ڏورِيندِي ڪيتِرو، پَھَڻَنِ پيرُ پِئو،
سُورَنِ ساڻُ سِھو، اَچِي ٿِيُمِ جيڏِيُون.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 11 ]

سَسُئِي سِڄُ وِئو، ڏِجِ وَراڪو ويڙِھ ۾،
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرِ ڏَسُ پِئو،
آرَسُ جَنِ ڪِئو، اُٺَ نَہ ٻيلِي اُنِ جا.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 12 ]

وِئو سِڄُ وَڻَنِ تان، راسِيُنِ ڏيئِي رَڱُ،
مُون جَنھِن سان سَڱُ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 16 ]

وِئو سِڄُ وَڻَنِ تان، راسِيين رَتائِين،
مُون کي مارِيائِين، آيَلِ اُونداھِي ڪَري.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 17 ]

بابُو ڏِٺوسُون بَرَ ۾، جِھَڙو سِڄُ صُبُوحِ،
راوَلُ رَچِي لالُ ٿِئو، جوڳِي مَنجهان جُوءِ،
تَنھِن سامِيءَ سَندي سوجِهري، ٿِي حَيرِيَتَ ۽ ھُوءِ،
جَنِ ديکِئو رُوبَروءِ، سي واصُلُ ٿِئا وِصال سين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 10 ]

سِڄُ صَباحِين جا ڪَري، سامِيءَ سا وَڻِڪَ،
سَھِي نَہ سَگهان ساعَتَ سين، تَنِ راسِينِ جي رَونَقَ،
ڪِ رَتِيَئي لاکَ سين، ڪِ ڏِنِيَئِي پانَنِ پِڪَ،
سَندِيءَ سوڍَلَ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهليُون.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 13 ]