سارِي جي سنڌي معنيٰ
سڄي، سربستي، ثابت، پورِي، ھڙئي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Whole, total, complete.
سارِي جا بيتن ۾ حوالا
سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ يادِ ڪِئو،
اُنِ جي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِٽِيءَ لَڌو مانُ،
ڪوڙيِين ڪَنِ سَلامُ، آڳَھِ اَچِئو اُنِ جي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 2 ]
اُنِ جي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِٽِيءَ لَڌو مانُ،
ڪوڙيِين ڪَنِ سَلامُ، آڳَھِ اَچِئو اُنِ جي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 2 ]
سارِي راتِ سُڄاڻَ، سودو ڪَنِ صاحِبَ سين،
ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ،
پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 3 ]
ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ،
پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 3 ]
دَردَ رانجَهنِ دي ھِيءَ دِلِ مارِي مَولا،
ايڪَ گهَڙِي دي ويکَڻَ ڪِيتي گهِنِ ڳِيا دِلِ سارِي،
ڪوئِي حبِيبُ طَبِيبُ بَتاوي، جو دارُون دِلِ دا قَرارِي.
[ سُر سھڻي، وايون، 3 ]
ايڪَ گهَڙِي دي ويکَڻَ ڪِيتي گهِنِ ڳِيا دِلِ سارِي،
ڪوئِي حبِيبُ طَبِيبُ بَتاوي، جو دارُون دِلِ دا قَرارِي.
[ سُر سھڻي، وايون، 3 ]
سارِي سِکُ سَبَقُ، شَرِيعَتَ سَندو سُهڻِي،
طَرِيقَتان تِکو وَھي، حَقِيقَتَ جو حَقُ،
مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلِ عاشِقَنِ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 13 ]
طَرِيقَتان تِکو وَھي، حَقِيقَتَ جو حَقُ،
مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلِ عاشِقَنِ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 13 ]
کامان پَچان پَڄُراَن، سَڙان سارِي راتِ،
ٻَنِ ٻِيائِي ڪَري، ڪَرِ پِريان جِي تاتِ،
شِيخُون سَندِيُون سَڄَڻين، اُڀَريُون آڌِيءَ راتِ،
نَڪِي ھَٿِ نَہ ساٿِ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھان.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 15 ]
ٻَنِ ٻِيائِي ڪَري، ڪَرِ پِريان جِي تاتِ،
شِيخُون سَندِيُون سَڄَڻين، اُڀَريُون آڌِيءَ راتِ،
نَڪِي ھَٿِ نَہ ساٿِ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھان.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 15 ]
وَسي سارِي راتِ، صُبوحَ جو ساھُ کَڻي،
مَنجهيئِي مِينھُن پِرِيَنِ جو، جَي تَنَ ۾ ھوئي تاتِ،
وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، بادَلُ بَسِ نَہ ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 11 ]
مَنجهيئِي مِينھُن پِرِيَنِ جو، جَي تَنَ ۾ ھوئي تاتِ،
وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، بادَلُ بَسِ نَہ ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 11 ]
سَڀَيئِي سارِي سَسُئِي، گهَرَ ڪُنڊوُن تُون گهورِ،
وَڃِي ڏورِ مَ ڏورِ، دَران مَنجِهہ دوسِتُ ٿِئو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 5 ]
وَڃِي ڏورِ مَ ڏورِ، دَران مَنجِهہ دوسِتُ ٿِئو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 5 ]
سارِي راتِ صاحِبَ کي، ڳَڙَھ ڀَرِ ڳايائِين،
اُٺَس ماڻِڪَ مِينھَن جِيئَن، ھَٿِ نَہ ڇُتائِين،
تي لائِقُ لَڌائِين، جي ھو ميراثِي مَڱِڻو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 8 ]
اُٺَس ماڻِڪَ مِينھَن جِيئَن، ھَٿِ نَہ ڇُتائِين،
تي لائِقُ لَڌائِين، جي ھو ميراثِي مَڱِڻو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 8 ]
ڪَنھِن جَنھِن پُورَ پَچايا، پَنجين ڏِينھِن پَئِي،
اَندَرِ آديسيَنِ کي، سُورَنِ شاخَ ڪَئِي،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، لاشَڪُ ٿِئا لَھِي،
اُنِ کي سارِي راتِ سَيِّدُ چئَي، گُوندَرَ ساڻُ گَئِي،
ڪَرِئو سيڻَ سَھِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 5 ]

اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾ سَندِي جوڳِيَنِ ذاتِ،
ساري سَناسِيَنِ کي، رُنُمِ سارِي راتِ،
تَنَ جَنِي جِي تاتِ، سي لاھُوتِي لَڏي وِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 13 ]
ساري سَناسِيَنِ کي، رُنُمِ سارِي راتِ،
تَنَ جَنِي جِي تاتِ، سي لاھُوتِي لَڏي وِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 13 ]
English Meaning
Whole, total, complete.