ساري جي سنڌي معنيٰ
ياد ڪري، دِل تي آڻي، يادگيري ڪري. سنڀالي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Remembering. Counting, reckoning.
ساري جا بيتن ۾ حوالا
ھِينئَڙو ٿو ھُنَ ساري مُنھِنجو ساھُ سَيِّدَ کي ٿو ساري،
جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ويندِي ھوتَ ڏي،
جيرو اَندَرِ جِندَڙي، وِئو ٻاروچو ٻاري،
سَچو سُخُنُ سُپِرِين، قَولُ پُنَهلُ پَنھِنجو پاري،
پَنڌَ اَڙانگا پَٽِيين، مُون کي ڪوھِيارو ٿو ڪاري،
ھوتَنِ ھَلَڻُ مَنَ ۾، ڪيرَ گهَڙِي ھِتِ گهاري،
آسَرَ ڀَري آھِيان، واحِدُ آڻينِ واري،
وِڌا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي ھِنَ ويچارِيءَ واري.
[ سُر ديسي، وايون، 3 ]

مُومَلَ ويٺِي مَينڌَرو، سَدائِين ساري،
وَلِيُون واسَ وَرَنِيون چانگي کي چاري،
جَڏھِن تَڏِھِين سُپِرِين، اِيندومِ اوتاري،
سوڍي سين ساري، ڳالِهيُون ڪَندِيَسِ ڳُجِهيون.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 18 ]
وَلِيُون واسَ وَرَنِيون چانگي کي چاري،
جَڏھِن تَڏِھِين سُپِرِين، اِيندومِ اوتاري،
سوڍي سين ساري، ڳالِهيُون ڪَندِيَسِ ڳُجِهيون.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 18 ]
ناسِيندي نِرتِ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،
قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، ساري ساڻُ سُرِتِ،
ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَتِ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 3 ]
قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، ساري ساڻُ سُرِتِ،
ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَتِ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 3 ]
سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ،
سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ،
اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ،
سَتَ سُکاڻِيُون سَنباھِ تُون، ڇَھَ ڇَڄَھِرِيُون اَڏيجِ،
سَٽِ ساري سَيِّدُ چئَي، پُوري پُڄائيجِ،
مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پَرُوڙيجِ،
وَّسَقَاهُـمْ رَبُّهُـمْ شَرَابًا طَهُوْرًا ، پاڻِي پاڪُ پِيئيجِ،
جَنھِن کي سِڪي سَڀَڪو، پِرِين سو پَسيجِ،
لُڙَ ۾ ڪِيمَ لُڏيجِ، سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِيين.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 1 ]

ناکُئو نِگَھِبانُ، مُعلِمَ مُجي خَبَرُون،
جَنِ ساري کَنيو سَمُنڊَ ۾، سَفَرَ جو سامانُ،
لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، تَنِ لَنگِهئو طُوفانُ،
سَنڀاري سُبحانُ، وَڃِي عادَنِئُون اُکَتا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 14 ]
جَنِ ساري کَنيو سَمُنڊَ ۾، سَفَرَ جو سامانُ،
لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، تَنِ لَنگِهئو طُوفانُ،
سَنڀاري سُبحانُ، وَڃِي عادَنِئُون اُکَتا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 14 ]
سامُونڊِي ساري، مَٿي تَڙَ گُذارِيان،
مُون کي ٿِي ماري، تَنِي سَندِي ڳالِهڙِي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 19 ]
مُون کي ٿِي ماري، تَنِي سَندِي ڳالِهڙِي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 19 ]
سامُونڊِي ساري، ماءَ مُنھِنجو جِندَڙو،
بَندَرِ ويچاري، وَڃِي لايا ڏِينھَڙا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 20 ]
بَندَرِ ويچاري، وَڃِي لايا ڏِينھَڙا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 20 ]
سامُونڊِي ساري، ماءَ مُنھِنجو جِندَڙو،
ڪارَڻِ وَڻِجاري، گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 21 ]
ڪارَڻِ وَڻِجاري، گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 21 ]
وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا،
اولِيُون پَسِي اُنِ جُون، پِيَمِ ڳَچَ ڳَري،
ويندِيَسِ ماءُ مَرِي، ساري سامُونڊِيَنِ کي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 21 ]
اولِيُون پَسِي اُنِ جُون، پِيَمِ ڳَچَ ڳَري،
ويندِيَسِ ماءُ مَرِي، ساري سامُونڊِيَنِ کي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 21 ]
اَئِين مُون کي زورِ مَ جَهلِيو وو جيڏِيُون وو،
آئُون ھَلَندِي ھوتَ ڏي ھاءِ ھاءِ،
سُورُ تُنھِنجو سُپِرِين، مَعذُورِ کي ماري،
ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون، آئُون جَا ڪُٺَڙي ڪوھِيارِي،
اُونِهي وِئَڙا اوھَرِي طَرازُون تارَي،
مَرِي رَھَندِيَس ماڳھِين، سامُونڊِي ساري.
[ سُر سامونڊي، وايون، 7 ]