سارِينِ جي سنڌي معنيٰ
ياد ڪن، دِل تي آڻين، يادگيري ڪن. سنڀالين، جاچن. ڳڻن، ليکو ڪن، ڪٿن، حساب ڪن. ڀيٽين، برابري ڪن، چڪاسين. سانڍين، سلين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Counting, reckoning, calculating to compare by laying together, remembering.
سارِينِ جا بيتن ۾ حوالا
سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، تَہ گهايَلَ ڪِيئَن گهارِينِ،
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]
آيَلِ اَمَڙِ توءِ جِيئان، جَي مُون سارِينِ سُپِرِين،
سَنئُون سُونھائِيين پيچِرو، ميھارَنِ مِيان،
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِيو، تان ڪِي تَرُ ھِنيان،
اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏيھاڻِئُون ڏِيان،
مَٿان ماڻِڪَ ھيڪَڙي، اَمُلَ اَٺَ ڏِيان،
ساھَڙَ مَٿان صَدِقو، ڏَھَ ڏَمَ ڏِيان،
اَچين عَبدِالْلَطِيفُ چئَي تَہ، جانِبَ نِتُ جِيئان.
[ سُر سھڻي، وايون، 15 ]

ماڻُهو مِرگهَہ مينھِيُون، سارَنگَ کي سارِينِ،
آرُون اَبُرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ،
سِپُون جي سَمنڊَ ۾، نَيئن سِجِ نِھارِينِ،
پَلُرُ پِيارينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگوُندِروَ.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 9 ]
آرُون اَبُرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ،
سِپُون جي سَمنڊَ ۾، نَيئن سِجِ نِھارِينِ،
پَلُرُ پِيارينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگوُندِروَ.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 9 ]
ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نَہ پِيارِينِ،
اُتي عَلِيءَ شاھَ کي، شھزادا سارِينِ،
نِڪِرِئو نِھارِينِ، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 6 ]
اُتي عَلِيءَ شاھَ کي، شھزادا سارِينِ،
نِڪِرِئو نِھارِينِ، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 6 ]
ڪيچِي وِئَڙا ڪالَهہ، تُون اوڳِي اَڄُ نِھارِيين،
سيڻَنِ تو نَہ سَنڀالَ، تُون ٿِي سارِينِ تَنِ کي.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 16 ]
سيڻَنِ تو نَہ سَنڀالَ، تُون ٿِي سارِينِ تَنِ کي.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 16 ]
ذالَئُون ذِڪِرُ رَبَ جو، ويلَ نَہ وِسارينِ،
سَناسِي سُبحانَ کي، سَدائِين سارِينِ،
تَسبِيحَ جي تَرارِ سين، مُلحِدَ کي مارِينِ،
جَزَآؤُهُمْ عِندَ رَبِّهِمْ جَنَّٰتُ عَدْنٍ ، اللهُ اوسارِينِ،
گُوندَرِ گُذارِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 9 ]

سُڻِي ساڻيھَ ڳالِهڙِي، وِھسي ويڙھِيچِي،
سَڀَ سُڌِ پيَمِ سُومَرا، ھِتي ھُتي جِي،
ڀينَرُ ۽ ڀيچِي، سُوايا سارِينِ مُون.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 16 ]
سَڀَ سُڌِ پيَمِ سُومَرا، ھِتي ھُتي جِي،
ڀينَرُ ۽ ڀيچِي، سُوايا سارِينِ مُون.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 16 ]
جَهجها ڏيجِ جُھارَ، مُنھِنجا مَلِيرَ ڄائِيين.
آسَرَ ڀَرِي آھِيان، پَرچَنِ مانَ پَنوَھارَ،
ويڙِھِيُون ۽ وَلَهارَ، ڪِ سُوايا سارِينِ مُون.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 17 ]
آسَرَ ڀَرِي آھِيان، پَرچَنِ مانَ پَنوَھارَ،
ويڙِھِيُون ۽ وَلَهارَ، ڪِ سُوايا سارِينِ مُون.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 17 ]
ساھيڙِيُون سارِينِ تو، سِيلُ جَنِي جو سَچُ،
مارُوءَ ريءَ مَ مَچُ، شِيھو ڀانِئجِ سونَ کي.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 19 ]
مارُوءَ ريءَ مَ مَچُ، شِيھو ڀانِئجِ سونَ کي.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 19 ]
سي ساھيڙِيُون سارِينِ تو، سَچُ جَنِي جو سِيلُ،
نَڪو قالُ نَہ قِيلُ ، اُنِين جي اَدَبَ ۾.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 20 ]
نَڪو قالُ نَہ قِيلُ ، اُنِين جي اَدَبَ ۾.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 20 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
*ser- Proto-Indo-European root meaning "to protect, to remember, to keep." It forms all or part of: conservation; conservative; conserve; observance; observatory; observe; preserve; reservation; reserve; reservoir. It is the hypothetical source of/evidence for its existence is provided by: Avestan haurvaiti "to guard;" Latin servare "to guard, keep, watch;" Old Church Slavonic xraniti "to guard, protect;" Old High German gi-sarwi "armor, equipment," Old English searu "art, skill; wile, deceit."
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)
English Meaning
Counting, reckoning, calculating to compare by laying together, remembering.