ھُتي جي سنڌي معنيٰ
ھُن ھنڌ، ھُن جاءِ تي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
There, on there, in there.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
ھُتي جا بيتن ۾ حوالا
تُون چَنڊُ اُھوئِي، جَو ھُتي پَسِين پِرِينءَ کي،
آڏِتَ چَئِجِ عَجِيبَ کي، ڏِيان جَي روئِي،
ھيڪانديءَ ھوئِي، سانگُ نَہ پوئي سَڄَڻين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 8 ]
آڏِتَ چَئِجِ عَجِيبَ کي، ڏِيان جَي روئِي،
ھيڪانديءَ ھوئِي، سانگُ نَہ پوئي سَڄَڻين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 8 ]
روئِي لاٿو مُون، جان جان ڏُکُ نَہ ھو ڏُونگَرين،
وِئو ٻاروچو نِڪرِي، اللهَ آھِين تُون،
ڪَھان تان ڪيچان پَري، وِھان تان وَٽِ مُون،
عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ کي، ڀُلِي ڏورِيَمِ ڀُون،
سَڀَ رَڱيِندِيَسِ رَتَ سين، ڪيچان اوري ڀُون،
لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، اَمَڙِ جَهلِ مَ مُون،
ڪانگَ لَمَندا ڪَڏِھيِن، مادَرِ مَٿان مُون،
ھِتي ھُتي لَطِيفُ چئَي، سَدا آھِين تُون.
[ سُر حسيني، وايون، 22 ]

ڏاتَرَ ۽ مَڱَڻي، ڪو نَہ وَسِيلو وِچِ،
سائِي تالَ تَندُنِ جِي، سائِي چارَڻَ چِتِ،
جَي ھُتي جَي ھِتِ، تَہ ڳالِهہ مَڙِيائِي ھيڪَڙي.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 10 ]
سائِي تالَ تَندُنِ جِي، سائِي چارَڻَ چِتِ،
جَي ھُتي جَي ھِتِ، تَہ ڳالِهہ مَڙِيائِي ھيڪَڙي.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 10 ]
آھِين سُونھون ساٿَ جو، ھِتي ھُتي تُون،
گُناھَ نَہ بَخشِيين مُون، تُون ڌَڻِيَمِ آھِين داسَڙا.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 15 ]
گُناھَ نَہ بَخشِيين مُون، تُون ڌَڻِيَمِ آھِين داسَڙا.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 15 ]
ھاڙھو ڳاڙِھو ھوتَ، ڪيچِي ڪالَهہ لَنگهي وِئا
سِڪَ ٻاروچي نَہ لَھي مَٿي تائِين مَوتَ،
لَڳَندي لَڪَنِ ۾، پاڻان ٿِيَس پوتَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، ھِتِ ھُتي جا ھوتَ،
ڏِيندِيَسِ ڏاڍين ڏُونگَري، تَوِھِين ڪارَڻِ جهوتَ.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 8 ]
سِڪَ ٻاروچي نَہ لَھي مَٿي تائِين مَوتَ،
لَڳَندي لَڪَنِ ۾، پاڻان ٿِيَس پوتَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، ھِتِ ھُتي جا ھوتَ،
ڏِيندِيَسِ ڏاڍين ڏُونگَري، تَوِھِين ڪارَڻِ جهوتَ.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 8 ]
ھُتي تان نَہ ھُئا، ھِتِ وِيَٽُون ڪَنِ وَڏِيُون،
ٻُڏِي تان نَہ مُئا، ڍَڪَڻَ ۾ ڍُڪُ ڀَري.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 15 ]
ٻُڏِي تان نَہ مُئا، ڍَڪَڻَ ۾ ڍُڪُ ڀَري.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 15 ]
نَہ خَبَرَ نَہ خُوابُ، نَڪو اوٺِي آيو،
ھُتي جَي ھِتِ اَچِي، ڏِنو ڪونَہ جَوابُ،
حَمِيرَنِ حِسابُ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِيئَن ٿِئو.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 5 ]
ھُتي جَي ھِتِ اَچِي، ڏِنو ڪونَہ جَوابُ،
حَمِيرَنِ حِسابُ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِيئَن ٿِئو.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 5 ]
اوٺِي ڳوٺِي آڻِيين، ڪو ھُتي جو ھِتِ ھيرَ،
تَہ ڪِنا ڪوٽَنِ جا، ٿِيَنِ سُرَھا سيرَ،
آءُ تَہ اَکِيين اُگَهان، جَي پائُرِ ڏِنَئِي پيرَ،
لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، لاءِ مَ تُون اَويرَ،
ڪوٺِيين گهاري ڪيرَ، مَحلين مُجهي مُون ھِنيُون.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 9 ]

مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، پييَسِ پَنوَھارِيُون چِتِ،
راڄَ رُئاڙي ھَنجُون ھاري، ھِيءَ ھُتي جِي ھِتِ،
آھيسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ ۽ کَپَتِ،
وينگَسِ ويڙِهيچَنِ ري، ٻِي مَسَ سُڻي ڪا مَتِ،
سُومَرا سُپَتِ، ڪَرِ تَہ ڪوٽِئان نِڪِري.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 1 ]

سُڻِي ساڻيھَ ڳالِهڙِي، وِھسي ويڙھِيچِي،
سَڀَ سُڌِ پيَمِ سُومَرا، ھِتي ھُتي جِي،
ڀينَرُ ۽ ڀيچِي، سُوايا سارِينِ مُون.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 16 ]
سَڀَ سُڌِ پيَمِ سُومَرا، ھِتي ھُتي جِي،
ڀينَرُ ۽ ڀيچِي، سُوايا سارِينِ مُون.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 16 ]
English Meaning
There, on there, in there.