ھَٿِ جي سنڌي معنيٰ
ھٿ ۾، پاڻ وٽ ڪرڻ، ھٿيڪو ڪرڻ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In hand, possess
ھَٿِ جا بيتن ۾ حوالا
وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي ويلا ڪَري ،
گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، سُڻِي سانجِهيءَ ٻانگَ،
سيئِي ڍُونڍي سانگَ، جِتي ساھَڙُ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 19 ]
گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، سُڻِي سانجِهيءَ ٻانگَ،
سيئِي ڍُونڍي سانگَ، جِتي ساھَڙُ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 19 ]
وَھَ تِکَ واھُڙَ تِکَ، جِتِ نِينھُن تِکَ نِرالِي،
جَنِ کي عِشقُ عَمِيقَ جو، سي خِلوَتَ خِيالِي،
وارِيين سي والِي، ھِينئَڙو جَنِي ھَٿِ ڪِئو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 1 ]
جَنِ کي عِشقُ عَمِيقَ جو، سي خِلوَتَ خِيالِي،
وارِيين سي والِي، ھِينئَڙو جَنِي ھَٿِ ڪِئو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 1 ]
مُون ۾ تُون مَوجُودُ، آئُون اَسُونھِين آھِيان.
ماڻُهنِ جي موٽَڻَ جو، سائِينءَ ھَٿِ سُجُودُ،
جيلاھَ رَسِئا بُودَ کي، تيلاھَ ٿِئا نابُودُ،
اَکڙِيُون اَکَڙِيُنِ کي، سِڪِئو ڪَنِ سُجُودُ،
اِنَ دَرِ سيئِي اَگهِئا، جَنِ وِڃايو وُجُودُ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 4 ]

تو جَنِي جِي تاتِ، تَنِ پُڻ آھي تُنھِنجِي،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ،
ھَٿِ ڪاتِي ڳُڻُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِيَنِ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 13 ]
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ،
ھَٿِ ڪاتِي ڳُڻُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِيَنِ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 13 ]
مَينُون ماھِي، عِشقُ رانجَهنِ دا،
راتِيان دَردُ ڏِينھان دَرماندِي لوڪان خَبَرَ نَہ ڪائِي،
دارُون ھِنَ دَردَ جو، آھِين تُون اِلاھِي،
مُون کي مَرضَ مارِئو، صاحِبَ ھَٿِ سَگهائِي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 13 ]
راتِيان دَردُ ڏِينھان دَرماندِي لوڪان خَبَرَ نَہ ڪائِي،
دارُون ھِنَ دَردَ جو، آھِين تُون اِلاھِي،
مُون کي مَرضَ مارِئو، صاحِبَ ھَٿِ سَگهائِي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 13 ]
ڪُلاھَ رَکِي ڪَنڌَ تي، صُوفِي سالِمُ ٿِيءُ،
وِھُ وَٽِي ھَٿِ ڪَري، پُرِ پِيالو پِيءُ،
ھَنڌُ تَنِ جو ھِيءُ، جَنِ حاصِلُ ڪِئو حالَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 7 ]
وِھُ وَٽِي ھَٿِ ڪَري، پُرِ پِيالو پِيءُ،
ھَنڌُ تَنِ جو ھِيءُ، جَنِ حاصِلُ ڪِئو حالَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 7 ]
چُوندَلَ چَڱا نَہ ٿِئا، کَمَندَنِ گهَرِ کيِن،
ھَٿِ نَہ اَچي ڪِينَ، ويڻَنِئُون ويڌُ پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 18 ]
ھَٿِ نَہ اَچي ڪِينَ، ويڻَنِئُون ويڌُ پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 18 ]
ڪَرَھا ڪَنگُوءَ ريٽَ ۾، لَکين سَئين چَرَنِ،
تِئان ويسَريَنِ، ھَٿِ نَہ اَچي ھيڪِڙو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 36 ]
تِئان ويسَريَنِ، ھَٿِ نَہ اَچي ھيڪِڙو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 36 ]
اَڃا ٻُوۡرُ ٻِھاڻُ، ڌَڻِيَنِ ھَٿِ ڪِئو،
سازُ مِڙيوئِي سونَ جو، مَٿِسِ پاڪُ پَلاڻُ،
پِرِين چَڙھَندو پاڻُ، والِي ٿِيندو وَڳَ جو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 53 ]
سازُ مِڙيوئِي سونَ جو، مَٿِسِ پاڪُ پَلاڻُ،
پِرِين چَڙھَندو پاڻُ، والِي ٿِيندو وَڳَ جو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 53 ]
اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جان،
ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري، سَري صَرافَنِ وانءُ،
تان تُون تِئان، سَڄو ڪَرائِين سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 22 ]
ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري، سَري صَرافَنِ وانءُ،
تان تُون تِئان، سَڄو ڪَرائِين سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 22 ]
English Meaning
In hand, possess