ھَٿين جي سنڌي معنيٰ
ھٿن سان، ھٿن تي، ھٿن ۾. ھٿن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
By hands, with hands, on hands
ھَٿين جا بيتن ۾ حوالا
ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو سَھي نَہ ڀَرُ،
ھَٿين پيرين آڱُرِيين، ٻانھُنِ ڇڏِئو ٻَرُ،
ساھَڙَ سِگهو وَرُ، پييَسِ مُنھِن مَھِراڻَ جي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 17 ]
ھَٿين پيرين آڱُرِيين، ٻانھُنِ ڇڏِئو ٻَرُ،
ساھَڙَ سِگهو وَرُ، پييَسِ مُنھِن مَھِراڻَ جي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 17 ]
ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ھَلِج ساڻُ ھِنيَين،
عِشقُ آرِيءَ ڄامَ جو، نِباھي نِيين،
جان سِينءَ ٿِي جِيين، تَہ پاڙِجِ ڪو مَ پُنُوھَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 14 ]
عِشقُ آرِيءَ ڄامَ جو، نِباھي نِيين،
جان سِينءَ ٿِي جِيين، تَہ پاڙِجِ ڪو مَ پُنُوھَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 14 ]
ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، سِرِجِ ساھِ پَساھَ،
ھوتُ گَڏُبِئِي حَبِ ۾، رَھبَرُ مَٿي راھَ،
جانۡ جانۡ ساڻُئِي ساھُ، تَہ پاڙِجِ ڪو مَ پُنُوھَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 15 ]
ھوتُ گَڏُبِئِي حَبِ ۾، رَھبَرُ مَٿي راھَ،
جانۡ جانۡ ساڻُئِي ساھُ، تَہ پاڙِجِ ڪو مَ پُنُوھَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 15 ]
سُھاڳُ پُڻ سَنبران، ڏُھاڳُ پُڻ ڏِٺومِ،
ھَي اَڀاڳي حالَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ،
تِھان پوءِ ٿِئومِ، قَدُرُ ڪاڻِيارِنِ جو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 18 ]
ھَي اَڀاڳي حالَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ،
تِھان پوءِ ٿِئومِ، قَدُرُ ڪاڻِيارِنِ جو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 18 ]
سُھاڳُ پِہ سَنبِران، ڏُھاڳُ پہ ڏِٺومِ،
سَرَتِيُون ڪَنھِن سَڀَاڳَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ،
ڍيلي ڍولُ وِئومِ، سَندا جوڀَنَ ڏِينھَڙا.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 19 ]
سَرَتِيُون ڪَنھِن سَڀَاڳَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ،
ڍيلي ڍولُ وِئومِ، سَندا جوڀَنَ ڏِينھَڙا.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 19 ]
جيڪَرَ ڀانيان اِيئَن، تَہ دِلِ مَٽِيندو داسَڙو،
تَہ سُوڙَه لَڳَندي سِينءَ، ھُوندَ ھَٿين ھارُ نَہ جَهلِيان.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 3 ]
تَہ سُوڙَه لَڳَندي سِينءَ، ھُوندَ ھَٿين ھارُ نَہ جَهلِيان.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 3 ]
ھَٿين ھَٿَ ڪَڙولَ، ھِينئَڙي پِئَمِ اُنِ سين،
سانگِي سارِئَمِ سُومَرا، ڍاٽِي پاسي ڍولَ،
ٻاٻاڻَنِ سين ٻولَ، ڪِئَمِ نَہ ڪوٽَ وِھَڻَ جا.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 27 ]
سانگِي سارِئَمِ سُومَرا، ڍاٽِي پاسي ڍولَ،
ٻاٻاڻَنِ سين ٻولَ، ڪِئَمِ نَہ ڪوٽَ وِھَڻَ جا.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 27 ]
ڪارِيُون ڪوجِهيُون ڪُوَڙِيُون، بَدِ جَنِي ۾ بُوءِ،
ھَٿين پيرين چِٻِرِيُون، رَنگُ نَہ چَڱِيءَ رُوءِ،
جَنھِن دُرا وِڪِئا دوءِ، تَنھِن جي جهولِيءَ چَنڊُ جُهلِي پِئو.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 16 ]
ھَٿين پيرين چِٻِرِيُون، رَنگُ نَہ چَڱِيءَ رُوءِ،
جَنھِن دُرا وِڪِئا دوءِ، تَنھِن جي جهولِيءَ چَنڊُ جُهلِي پِئو.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 16 ]
ھَٿين پيرين آرَکين، مُنھِن نَہ مُھاڻِي،
اَصلِ ھُئِي اُنَ کي، اَھلَ ڄاماڻِي،
سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻَڌُسِ بانھَن ۾.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 13 ]
اَصلِ ھُئِي اُنَ کي، اَھلَ ڄاماڻِي،
سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻَڌُسِ بانھَن ۾.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 13 ]
وِھُ ھَٿين وِھُ پيرين، وِھُ پُڻ تَنِي واتِ،
ڪا ڪا ڪارِي ذاتِ، مورَنِ مَٽي ڇَڏِي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 5 ]
ڪا ڪا ڪارِي ذاتِ، مورَنِ مَٽي ڇَڏِي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 5 ]
English Meaning
By hands, with hands, on hands
ھَٿين ٻول جا زمرا