ھَٿَڙا جي سنڌي معنيٰ
ھٿَ، دستَ، (ھٿن کي پاٻوھ ۾ چيل لفظ)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hands
ھَٿَڙا جا بيتن ۾ حوالا
اَچِي سارَ لَھيجِ، ساجَنَ سُورَ تُماري آئُون مارِي،
سُورَ تُماري جي مَران، تان مُون ڏوھُ مَ ڏيجِ،
ڊَبَنِ ڀَري ھَٿَڙا، دارُون دوسِتَ ڪَريجِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 34 ]
سُورَ تُماري جي مَران، تان مُون ڏوھُ مَ ڏيجِ،
ڊَبَنِ ڀَري ھَٿَڙا، دارُون دوسِتَ ڪَريجِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 34 ]
چَڱا چَنڊَ چَئيجِ، سَنِيھا کي سَڄَڻين،
اَڱَڻَ مَٿان اُڀرِي، پِريان جي پَئيجِ،
جِهيڻو، ڳالَهائيجِ، پيرين وِجِهي ھَٿَڙا.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 6 ]
اَڱَڻَ مَٿان اُڀرِي، پِريان جي پَئيجِ،
جِهيڻو، ڳالَهائيجِ، پيرين وِجِهي ھَٿَڙا.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 6 ]
وَڻِجارا وِھاءِ وَکَرُ وينَتنِ جو،
ھَٽَ پُورِباءِ، ھَيا ھَڻَندين ھَٿَڙا.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 12 ]
ھَٽَ پُورِباءِ، ھَيا ھَڻَندين ھَٿَڙا.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 12 ]
ڳِرِيو جَهلِيو روءِ، مَٿي مُهِري ھَٿَڙا،
کُوءِ سودو سَندوءِ، جو تُون ڍولِئا سِکِئو.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 3 ]
کُوءِ سودو سَندوءِ، جو تُون ڍولِئا سِکِئو.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 3 ]
سَرَ لوھِيڙا ڳَڀِئا، ڪُسَرَ نِسَرِئا،
سي ڪِ وِسَرِئا، ڍولَ ھَمارا ھَٿَڙا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 12 ]
سي ڪِ وِسَرِئا، ڍولَ ھَمارا ھَٿَڙا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 12 ]
اُڀو تَڙِ ميھارُ، مَلاحَنِ سَڏَ ڪَري،
آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو ڄارُ،
گهورِيُون ڪارُونڀارُ، مانَ مِڙَنِھَئُون سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 4 ]
آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو ڄارُ،
گهورِيُون ڪارُونڀارُ، مانَ مِڙَنِھَئُون سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 4 ]
اُڀو آڇي اَڇَ، ميھارُ مَلاحَنِ کي،
آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو رَڇَ،
ڪَنڌِيءَ ڪُنَ ڪُڙِڇَ، مَنَ ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 5 ]
آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو رَڇَ،
ڪَنڌِيءَ ڪُنَ ڪُڙِڇَ، مَنَ ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 5 ]
بَرَ وُٺا ٿَرَ وُٺا، وَٺِيُون تَرايُون،
پِرھَ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون،
مَکَڻَ ڀَريَنِ ھَٿَڙا، ٿِيُون سَنگهارِيُون سايُون،
ساري ڏُھَنِ سامُهِيون، ٻولاھِيُون ۽ رايُون،
ٻايُون ۽ دايُون، پَکَي سُونھَنِ پانھِنجي.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 6 ]

ڪُھين تَہ آپُ ڪُھُ، ڏَسِ مَ چُوھَڙِيان،
سَندا آھيڙِيان، آئُون نَہ سَھَندِي ھَٿَڙا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 8 ]
سَندا آھيڙِيان، آئُون نَہ سَھَندِي ھَٿَڙا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 8 ]
English Meaning
Hands
ھَٿَڙا ٻول جا زمرا