ھارُ جي سنڌي معنيٰ
ڪَنٺو، مالا، مالها. ڳَھَ جو هڪ قسم، ڳچيءَ ۾ پائڻ جو ڳَھُ، ڪنڍي، ڪئنٺي. سون چاندي يا موتين مان ٺهيل هارُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A necklace. (Kind of an ornament)
ھارُ جا بيتن ۾ حوالا
توڏِي توڙائِين، نِينھَن نَوازِي سُهڻِي،
ڳِچِيءَ ھارُ حَبِيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين،
سو تَڙُ سُوٺائِين، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 9 ]

شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين،
آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ،
آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ جو جِنسارُ،
آھِين کاڄُ بُکِينَ جو، تانۡ تُون طَعامُ تَيارُ،
اَعليٰ اَڇو عِيدَ ۾، دوسان جو دِيدارُ،
حُسُنَ ھوتَ پُنهونءَ جي ڪَڪورِئو ڪوھِيارُ،
سُڃَ ڪِئائِين سُرَھِي، واسِئائِين وَڻِڪارُ،
ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون، عَطُرُ ٿِئو آوارُ،
گهورِئان گهَرُ گهَٽِيءَ تان، اَچي جِئا آڌارُ،
ڪوڙيِين ٿِئا ڪيتِرا نالي تان نِثارُ،
سَدا صَلابَتَ جِي، گولِي گِرُفِتارُ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِلئو مُون مَنٺارُ.
[ سُر حسيني، وايون، 2 ]

آءُ پِرِين گهَرِ پيھِي، مِيان چَنيسَرَ، ھارُ ھَٿان مُون ڇڏِئو،
پُڇَنِ لِيلان ھُوءِ ڪَنِ حِيلا، ٻَھران اَچِئو ٻيئِي،
دوسِتُ نِئائُون داسَڙو، ويساھي وَرُ ويھِي،
اَوَڳُڻَ عَيبَ مَٺايُون، مُنھِنجُون ڍولا ڍَڪِ سَڀَيئِي،
تو دَرِ اَچِي داسَڙا، آرَ ڪَرِينديسِ ڪيھِي.
[ سُر ليلا، وايون، 1 ]

مَڻِيو وِجهان مَچَ ۾، ھائِيءَ وِجهان ھارُ،
ڀِري جي ڀَتارُ، تَہ ميرِيائِي مانُ لَهان.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 2 ]

مَڻِيو وِجِهي مِٽِيءَ ۾، ھائِيءَ وِجِهِج ھارُ،
سُوڀِي سُکُ سَيِّدُ چئَي، ڪَرِيين ڪوھُ قَرارُ،
راجا رِيساڻُون گهَڻو، سَٽاڻُون سَرِدارُ،
چوڏِسِ چَنيسَرَ ڄامَ جو، ڏيھان ڏيھِ ڏَھڪارُ،
ٺاڪُرُ اَکِيُنِ ٺارُ، مَڻِيي تي ٿِي مَٽِيين.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 3 ]

مَڻيي مَٿي جٖي ھُئا، تَنِ چِٽَنِ ڦيرِيُمِ چِتُ،
ھارُ کَٽَندِيَسِ ھوڏَ ۾، نيبَھُ ٿِيندُمِ نِتُ،
ڪَؤُنرؤ جو ڪِرِتُ، مُونھان مَٿاھُون ٿِئو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 5 ]

کَڻِي ھارُ ھَڻِي، پَلَنگَ سِرِ پِٿُون ڪَرِيان،
وِينڊَڙِئارو وَلَهو، وِئو چِتُ کَڻِي،
سو پِٿُون ٿِئي پَڻِي، مانَ سَرِچي مُون پِرِين.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 6 ]

مَڻِيو تان نَہ مَڻِيو، جو تُون پَسِي ھارُ ھِرکِي،
اَصلِ آھي اَڳھَيِن، سَندو ڪُوڙَ ڪَڻِيُون،
گهوڙَنِ ھَئِيي گهَڻِيُون، دوسِتَنِئان دُورِ ڪِيُون.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 10 ]

جَو تو ڀانيو ھارُ، سو سُورَنِ سَندو سَنگهِرو،
چَنيسَرُ چِتُ کَڻِي، ٿِئو پورِھِيَتِ جو پارُ،
اَڻَ وَڻَتِ جو آچارُ، شَلَ ڪانڌُ ڪَنھِن سين نَہ ڪَري.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 12 ]

مَڻيي مَٿي موھِجِي، ھارِي ڳِيَڙُءِ ھارُ،
ڪوڙيِين ڪِئا ڪيتِرا، اِنَهِيءَ کَرَ خُوارُ،
ڀِرِي وِئو ڀَتارُ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 14 ]